Sunday 29 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th May) By: Dr. Pathan

** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر ميجر
 جيڪب جو جواب بمبئي حڪومت کي موڪلي ڏنو،
 فيبروري مهيني ۾ ڪشمور ۾ وڏي تعداد ۾ مري، بگٽي
 ۽ کيتران قبيلي جي ماڻهن حملو ڪيو هو، ان حوالي
 سان بمبئي سرڪار طرفان ميجر جيڪب کان وضاحت
 ۽ جواب طلب ڪيو ويو هو، هن کان ان
 حملي کانسواءِ شڪارپور ۾ افغانين جي
 مداخلت جي معاملي بابت پڻ راءِ گهري وئي
هئي جيڪا پڻ بمبئي حڪومت کي موڪلي وئي.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ڊي جي سنڌ
 ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي جي گڏجاڻي ٿي،
 جنهن ۾ سوسائٽي جا عهديدار چونڊيا ويا، ريجهومل
  ايڇ بي آڏواڻي ۽ پروفيسر پي ڪي شهاڻي ڪاليج
 جي اڳوڻن شاگردن مان چونڊيا ويا، جڏهن ته  ڪاليج
 ۾ پڙهندڙ شاگردن مان منگهارام ملڪاڻي ۽
 مرچنداڻي کي چونڊيو ويو، ان موقعي تي اهو به
 فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو
 فيروز دل افروز ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويندو.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو سڀا جي حيدرآباد
۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ بابت
ڪانگريس جي پاليسي تي بحث شروع ڪيو ويو،
 ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي
 جيڪڏهن بمبئي کان ڌار ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌي
  مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن
 ۾ شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻين
 شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنسون
ڪرايون وينديون ته جيئن سنڌ کي بمبئي کان
 ڌار ڪرائڻ جي حوالي سان عوامي راءِ جوڙي سگهجي.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بيگم جي الانا
 ۽ ٻيون 6 عورتون قومي اسيمبلي جون ميمبر ٿي
ويون، بيگم جي الانا سنڌ جي تعليم واري وزير پيار
 علي الانا جي ماءُ ۽ ناليواري شاعر جي الانا جي
گهرواري هئي، هوءَ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پڻ رهي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي اڳوڻي
 صدر جنرل يحيٰ خان خلاف ڪيس هلائڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جي
 حڪومت طرفان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي آزاد
 ڪيو ويو، اقتدار تي قبضي کانپوءِ ڀٽو سميت سندس
 گهروارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق
 وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي
 برطرف ڪري ڇڏيو. جوڻيجو ملڪ کان ٻاهر
ويل هو، سندس غيرموجودگي ۾ هن جي
 حڪومت کي برطرف ڪيو ويو، جوڻيجو اسلام آباد
 ايئرپورٽ تي پهتو ته سڀ شيون تبديل ٿيل هيون ۽ هو وزيراعظم نه رهيو.






No comments:

Post a Comment