Wednesday 25 May 2016

Dr. Dur Muhammad Pathan 71st Birthday


ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو اديب، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ 71هين سالگرهه ملهائيندو، هن جو چوڻ آهي ته مون جيڪو به ادبي پورهيو ڪيو آهي، اهو تمام گهٽ آهي، هن 25 مئي 1945ع تي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خير محمد  آريجا مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي، 1979ع ۾ ”ڪراچيءَ جو سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. در محمد  پٺاڻ  1973ع ۾  تعليم  کاتي ۾ ليڪچرار ۽ 1985ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو.  ان  ئي عرصي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي  مقرر ٿيو،  جتي  ڪجهه عرصو قائم مقام ڊائريڪٽر به رهيو. ڊيپوٽيشن جا پنج سال پورا ڪرڻ بعد 1990ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1991ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو ۽ 1991ع کان 1995ع تائين اتي ئي پرنسپال ٿيو. جتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس سنڌ بابت  تحقيق  کان سواءِ اٽڪل 500 کان مٿي ثقافتي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ڇپيل آهن. جڏهن ته سندس ٽيهارو کن ننڍا وڏا ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن،  جن  ۾”موتي مور ملوڪ جا“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري، ترتيب، ٻــارڙن لاءِ ”ذهـنـي آزمـائـش“ ۽ ”ڇـيـلـڙي وارو شـهـزادو“، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“، ”مولانا عبيدالله سنڌي“”آدرش رنگ“ ۽ ٻيا شامل آهن،  ڊاڪٽر در محمد  پٺاڻ  پنهنجي اباڻي ڳوٺ خير محمد  آريجا  ۾ پنهنجي  امڙ  حيات خاتون ۽ ابي گل محمد جي نالي سان ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جهڙو علمي ادارو پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي قائم ڪري مثال پيدا ڪيو آهي. هي سنڌ جو اهڙو غير سرڪاري ادارو آهي. جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ فن،  ثقافت،سياست، شخصيتن ۽  تاريخ  بابت اخباري ڪٽنگ تي ٻڌل هزارين فائيلن جو مواد موجود آهي. ڊاڪٽر در محمد  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ قائداعظم يونيورسٽي  اسلام آباد  طرفان ڏهاڪو مضمونن ۾ پي. ايڇ. ڊي گائيڊ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ ”پرزرويشن آف هسٽري ڪلچر ۽ لٽريچر آف سنڌ“ هـيٺ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ ٻين خدمتن جي مڃتا طور 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ”ڊاڪٽر در محمد  پٺاڻ  ڪارنر“ قائم ڪيو ويو، جنهن مان ڪيترن شاگردن پـي. ايـڇ. ڊي لاءِ مدد حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس ڪيل ادبي ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن جهڙوڪ سنڌ مدرسه سلور ميڊل ايوارڊ، وائيس چانسلرس ميڊل، سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ، لاڙڪاڻو اوارڊ ۽ ادب ۾ ڪيل خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو آهي، هو اڄڪلهه ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري آهي. اديب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ “ڪاوش” سان ڳالهايئندي چيو ته پنهنجي سالگرهه جي حوالي سان اهو چوندس ته جيترو به مون پورهيو ڪيو آهي اهو گهٽ آهي، مون سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن پيار ڪيو آهي، اهڙو وڏو مون ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي جو مان وڏي پئماني تي پنهنجي سالگرهه ملهايان.








No comments:

Post a Comment