Friday 27 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th May) By: Dr. Pathan

* 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وائسراءِ ۽ هندستان جي
 گورنر جنرل سنڌ ۾ مقرر عملدار چارلس نيپيئر کي
 هدايتون جاري ڪيون ته سنڌ جي اڳوڻن حڪمرانن
 جون عورتون اسان لاءِ قابل احترام آهن، ان ڪري
 انهن جو مان مرتبو رکيو وڃي ۽ انهن سان
 عزت سان پيش اچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت
 اعلان ڪيو ته سنڌ مان ڀارت لڏي ويل ڪوبه سنڌي
 هندو جيڪڏهن واپس اچڻ چاهي ٿو ته ان کي قبول ڪيو ويندو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر رضيءُالدين
 صديقي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور عهدو سنڀالي ورتو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت جو ناليوارو
 سياسي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جواهر لال نهرو ديهانت
 ڪري ويو، سندس ڌيءَ انڌرا گانڌي هن جي وفات
 جي تصديق ڪئي، جواهر لال نهرو ڀارت جو
 سڌارا ۽ ترقي پسند اڳواڻ هو، جنهن ڀارت کي
ماڊرن ملڪ بڻائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا، سندس وفات
 جو ٻڌي وڏي انگ ۾ ماڻهو هن جي رهائشگاهه
 ٻاهران گڏ ٿي ويا ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪندا رهيا، پاڪستان
به جواهر لال نهرو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار طرفان
 اعلان ڪيو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ صدر ۽
 صوبائي گورنرن طرفان پيش ڪئي ويندي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي طرفان بيان
جاري ڪيو ويو ته حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيبل ورڪ
 مڪمل ڪيو ويو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت
 پاڪستان نيشنل الائنس جي اڳواڻن کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي.
** 1987ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي
 اڳوڻي گورنر مير غوث بخش رئيساڻي ۽ سندس
5 گارڊن کي ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ
ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد رئيساڻي
 ۽ رند تڪرار ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد
 ۾ وڳوڙ جاري رهيا، حيدرآباد ۾ وڳوڙن دور
ان 45 ۽ ڪراچي ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا،
جڏهن ته ٻنهي شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ اڳوڻي
 وزيراعظم بينظير ڀٽو کي گرفتاري کان اڳ اپيل
 داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊپٽي رجسٽرار
 جو فيصلو رد ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ رمارڪس
 ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو جي غيرموجودگي
 ۾ سزا ڏئي سگهجي ٿي ته پوءِ اپيل به داخل ڪري
 سگهجي ٿي، احتساب بينچ طرفان بينظير ڀٽو کي ڏنل
 سزا خلاف اپيل داخل ڪئي وڃي ۽ ان جي ٻڌڻي به ڪئي وڃي.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ آمريڪي
 ثقافتي مرڪز آڏو بم ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ پوليس
 اهلڪار شهيد ٿي ويو ، جڏهن ته پوليس آفيسرن ۽
 صحافين سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪن ۾
استعمال ٿيل ٻن گاڏين جي مالڪن کي حراست ۾ ورتو ويو.






No comments:

Post a Comment