Monday 23 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd May) By: Dr. Pathan


* 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر هندستان جي گورنر جنرل کي حيدرآباد ۾ لڳايل درٻار بابت معلومات ڏني، هن کيس ٻڌايو ته درٻار ۾ اٽڪل 8 هزار جاگيردار ۽ سردار پنهنجن حمايتين سان گڏ شريڪ ٿيا، هن ڄاڻايو ته انهن جاگيردارن کي معافي ڏني وئي آهي، جن اڳ ۾ سلام ڪيو، جڏهن ته ڪجهه جاگيردارن جون جاگيرون سندن اولاد کي مسواڙ تي ڏنيون ويون آهن، ان درٻار ۾ اٽڪل 20 هزار ماڻهن شڪريو ادا ڪيو، ولي محمد چانڊيو کي انگريز حڪومت سان وفاداري عيوض گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مادر ملت فاطمه جناح ايوب خان جي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٻاهرين مداخلت بند نه ڪرائي وئي ته جمهوريت کي نقصان ٿيندو، عوام کي حق ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي وئي، 1953ع ۾ پارٽي تي پابندي لڳائي وئي هئي، جيڪا 1971ع ۾ ختم ڪئي وئي هئي، بعد ۾ هن پارٽي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستاني وزيراعظم محمد خان جوڻيجو بيجنگ پهچي چيني وزيراعظم لي پنگ کي جنيوا ٺاهه بابت آگاهه ڪيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جنرل ضياءُ الحق جوڻيجي جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو، جوڻيجو 23 مارچ 1985ع کان 29 مئي 1988ع تائين وزيراعظم رهيو.هن پنهنجي برطرفي کي چئلينج به ڪيو هو پر ڪجهه نه ٿيو.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجيٽ خسارو گهٽايو وڃي ۽ جنرل سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، جڏهن ته آبادگارن کي قرض زراعت تي انڪم ٽيڪس ادا ڪرڻ بعد ڏنو وڃي.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جاتي ڀرسان سامونڊي طوفان سبب فوت ٿيل 15 مهاڻن جا لاش ڪڍي ڳوٺن ۾ پهچايا ويا، مجموعي طور تي رينجرز جي 7 اهلڪارن سميت وڌيڪ 36 لاش مليا، 31 زخمين کي اسپتالن ۾ موڪليو ويو، جڏهن ته 1200 کان وڌيڪ مهاڻا بدستور گم رهيا، جن کي ڳولڻ جو ڪم جاري رهيو، سامونڊي طوفان سنڌ جي سامونڊي پٽي کي بلڪل تباهه ڪري ڇڏيو، حڪومت جو چوڻ هو ته هيل تائين 127 لاش مليا آهن، عالمي ادارن کي مدد لاءِ به چيو ويو آهي، هوڏانهن بدين ۾ سامونڊي طوفان جي متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف هڙتال ڪئي وئي ۽ متاثرن مظاهرا ڪري ڌرڻا به هنيا.

 

No comments:

Post a Comment