Thursday 19 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th May) By: Dr. Pathan


** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روهڙي ضلعي جي سرحدي حدبندين جي سروي مڪمل ڪئي وئي، ڊپٽي ڪليڪٽر فيرنگٽن ضلعي جو خاڪو ۽ ٻيا تفصيل سنڌ حڪومت کي موڪلي ڏنا.
** 1852ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر کي پوليس جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ موڪلي وئي، جڏهن ته ٻين کاتن پڻ پنهنجون ساليانيون رپورٽون سرڪار وٽ جمع ڪرائڻ شروع ڪيون.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ حڪيم شمس الدين احمد قاضي کي ترتيبوار سنڌ خلافت ڪاميٽي جو صدر، نائب صدر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، خلافت ڪاميٽي طرفان اهو اعلان ڪيو ويو ته مدرسا هلائيندڙ اڳواڻن مستقبل ۾ مدرسن  ۽ اسڪولن لاءِ سرڪار جي مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، اهي سرڪار کي ڪا درخواست به نه ڏيندا،  سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪندڙن ۾ خليفو محمد عثمان، مولوي محمد حسن، مولوي دين محمد، مولوي محمد عالم، ملان عمران، مولوي خير محمد، حافظ عبدالغني ۽ ٻيا شامل هئا.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽنڊو باگو ۾ امن سڀا طرفان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت خان بهادر مير غلام محمد ڪئي، گڏجاڻي ۾ مکي هيرومل، عيدن مل ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سرڪار جي حامي مولوي عبدالعزيز کي خصوصي دعوت ڏئي گهرايو ويو هو، جنهن خلافت تحريڪ ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن بابت آگاهي ڏني.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعره طرفان هڪ مشاعرو ڪرايو ويو، اتي جن شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪئي اها اڳتي هلي اديب سنڌ نالي رسالي ۾ شايع ٿي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ ميجر جنرل نذير احمد کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي وزير کي بجيٽ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اصغر خان ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي الزام لڳائيندي چيو ته پ پ حڪومت ڊڪٽيٽر شپ جو ماڊرن نمونو آهي، اها سرڪار نه جمهوريت جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي عوام جي مفاد ۾ آهي.
**1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ جوڙي وئي.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏکڻ آفريقا جي گادي واري شهر ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 197 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا

No comments:

Post a Comment