Thursday 26 May 2016

منهنجو پٽ ممتاز علي روزانو منهنجي شاعري سهڻي نموني
 سان ڊزائين ڪرائي، ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان شيئر ڪري ٿو،
جنهن مان سندس پيءُ لاءِ محبت جو ته پتو پئي ئي پوي ٿو پر
 وڏي ڳالهه جيڪا منهنجي حق ۾ وڃي ٿي اها هيءَ آهي ته هو
 جهڙوڪ وقت ۽ حالتن جي ڪورٽ ۾ منهنجي وڪالت ڪري
 ٿو ته هيءُ اڄ جي ڳالهه نه آهي پر جڏهن کان مون لکڻ شروع
ڪيو آهي تڏهن کان مون سنڌ ڌرتيءَ جي حالتن ۽ فلسفي ۽ پيغام
 کي شعوري طرح سان پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آهي.
مون ڪيترن ئي نظرياتي ۽ قومي اصطلاحن ۽ سوچن جي پنهنجي
 حساب سان تشريح ڪئي آهي. اڄوڪي هن نظم ۾ ”ڀاڳ“ کي محنت
 ۽ محبت جو ڦل قرار ڏنو آهي ۽ انهيءَ سوچ خواهه نظريي کي رد
ڪيو آهي ته ڀاڳ مفت خوري نه آهي اهو هٿ هٿ تي رکي بدلائي
 نٿو سگهجي. هر ڪو ماڻهو پنهنجي
”ڀاڳ“ کي پاڻ ئي ٺاهي يا ڊاهي ٿو.  (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ)


No comments:

Post a Comment