Friday 8 December 2023

SINDH in history today (9th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{9th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {9th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. ‏[مفھوم : جب کوئی قوم زوال پذیر ہوتی ہے تو اس کے خوبصورت اور معتبر، بااختیار اور دانشمند لوگ سننے اور بولنے کی تکلیف گوارہ نہیں کر سکتے. امن، پیار، خوشحالی اور انسانی اقدار کو کتابی باتیں سمجھنے لگتے ہیں۔ ذاتی اور گروہی مفاد کو ہی زندگی کا مقصد بنا لیتے ہیں۔ ان کے دل و دماغ پر خوف اور نفرت طاری ہو جاتے ہیں۔ یے لوگ خود کو فرشتہ اور دوسروں کو وحشی اور گنہگار سمجھنے لگتے ہیں] ٻھڳڻ ٻڌن نہ ڪنهن جون ٻاڪارون، تنھان پوء ھو خان رھن سدا خاموش، رحم ۽ ڪرم ۽ قرب ۽ محبت بدران، سدا خوف انا نفرت منجھ مدھوش، وڃايائون هڪ ھوش ۽ ٻيو تہ جوش، سارن نہ قدرن نظرین سونھن سلام کي. ******** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (9th of December) ********* BIRTHS: Hidayat Ali (Soonharo/Folklore Poet/1922), Shaikh Aziz (Hyderabad/Journalist/1939), Maya Sagar Oud (Naushero Feroz/Potess/1984). ********* DEATHS: Mian Noor Muhammad Kalhoro (Ruler/1753), Moulvi Sahibdino Bhutto (Religious Scholar/1931), Sawami Atalram (Saint/1958), Allah Bachayo Samo (Writer/1958). ******* EVENTS: 1850: Mari have been remained worried since one and half century. British Government of Sindh today arrested their six men on the plea that they were creating law & order situation and were involved in crimes. Individuals and tribes those gave tough time to British Government were termed and treated criminals and law breakers by British Government. 1916: Dr.J.Fitzgerald, who is known for translating ‘Rubayat Umar Khiyam’ into English delivers lecture on the topic of ‘You India; in the lecure program arranged by the D.J.Sindh Literary and Dramatic Society of Karachi. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1937: A meeting of the Working Committee of the Democratic Coalition Party is held at the residency of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, at Karachi. It was decided to publish English Daily Newspaper from Karachi. (Source: The Daily Al-Waheed, Karachi). 1947: It is announced that 20 thousand Indian Muslim migrants have reached from Panipat, Kamal, Jullundur, Dasuya etc. (Newspapers). 1969: Mian Mumtaz Doultana criticizes 6-points of Shaikh Mujeeb, terms them high-risk for the country. It has been shared with readers that some of historians believe that 6-points were drafted by Altaf Gohar and it was West Pakistan that put such type of agenda in political culture of East Pakistan because, some of politicians wanted to get rid of East Pakistan. 1985: Seven South Asian leaders formally launch South Asian Association for Regional Cooperation know as SAARK. (Source: Newspapers). 1992: Thirty people are killed in Pakistan during demonstration against demolition of Babri Masjid (Source: Newspapers). 2006: G.M.Syed’s grand son, ex-Deputy Speaker of Sindh Assembly Syed Jalal Shah announces formation of a new political party to be known as ‘Sindh United Party’. This may be noted that ‘Sindh United Party’ was formed by Sir Shahnawaz Bhutto, Sir Haji Abdullah Haroon , G.M.Syed and others in 1936. Likewise ‘Sindh Peoples Party’ was formed by Sir Shahnawaz Bhutto in 1934 SINDH IN HISTORY TODAY (9 December) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 9 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 9.12.1838: سنڌ ۾ فرنگين کي سفارتڪارئ جون سهولتون مليو ته "ريزيڊنٽ ان سنڌ" انھن ۾ وڏو عهدو هوندو هو ۽ اهو حيدرآباد ۾ رهندو هو. هن دور ۾ انھئ عهدي تي پاٽينجر مقرر ٿيل هو. هن زماني ۾ خيرپوري ميرن سان سفارتڪاري ڪندڙ عملدار وري شڪارپور ۾ رهندو هو. هنن ڏينھن ۾ اليگزينڊر برنس انھئ عهدي تي هو. اڄ هو پاٽينجر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن جي اسان سان پئي ئي نه ٿي ۽ اهو تون ڏسندو ۽ محسوس ڪندو هوندين. اسان هتي پنهنجي فوج لاء اٺ خريد ڪريون ٿا ته حيدرآبادي مير مسئلا پيدا ڪن ٿا. تو ته مهرباني ڪري مير نور محمد کان اٺن خريد ڪرڻ لاء پروانا ته وٺي ڏنا, پر انھن پروانن کي هتي جهڙوڪ ماڻھون مڃن ئي نه ٿا. هو لکي ٿو ته اسان جيڪا به خريداري ڪريون ٿا, اها به غير محفوظ آھي ۽ ڪن هنڌن تي ڦر لٽ جا واقعا به ٿيا آھن. انھئ صورتحال لاء حيدرآبادي ميرن تي ئي الزام هڻي سگهجي ٿو. هو خيرپوري ميرن کي اسان خلاف مڇرائن ٿا. مون خيرپوري ميرن کي ٻڌائي ڇڏيو آھي سندن حڪمرانئ جي حدن اندر اسان سان اهڙو ويل ٿيندو ته ان جا ذميوار هو هوندا ۽ سندن خلاف گورنر جنرل کي شڪايت ڪئي ويندي. 9.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو آھي ته مون اسٽينلئ کي معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ لاء حيدرآباد موڪليو آھي. پڪ آھي ته مير چون چران ڪرڻ کان سواء معاهدي کي مڃي وٺندا. هنن طرفان ڏينھن وقت ڪو حملو ٿي نه ٿو سگهي ڇو ته ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوء ڀنگ پي نشي ۾ ڌت رهن ٿا. اڄوڪي ڏينھن تي نيپيئر خيرپوري ميرن کي به لکي ٿو ته اوهان جي تعبيداري اوهان کي انگريزن جي عنايتن حاصل ڪرڻ جو سبب ٿيندي. اسان اوهان جا دوست آھيون ۽ اوهان به دوست هجڻ جي عملي ثابتي ڏيو. 9.12.1850: سنڌ, خيرپور رياست کان سواء فرنگين جي ور چڙھي ته افراتفرئ جي انھئ ماحول ۾ جابلو قبيلن, جهڙوڪ مرين ۽ بگٽين جو مڪو مچي ويو. اهي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري واپس ڀڄي ويندا هئا يا سندن حڪومت هٿان پڪڙجي قيد ٿيڻو پوندو هو. اڄ مري قبيلي جي ڇهن ماڻھن کي سرڪار پڪڙي قيد ڪيو. [ياد رهي ته مري ۽ بگٽي قبيلي جي ڏوهاري ماڻھن کي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو هو ۽ اتي سندن ذھني تربيت ڪئي ويندي ۽ پوء انھن کي سنڌ جي سماج جو حصو بڻايو ويندو هو. ڪن صورتن ۾ انھن قبيلن وچ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي سندن طاقت ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي هئي] 9.12.1937: سنڌ اسيمبلئ ۾ قائم ڪيل "ڊيموڪريٽڪ ڪوئليشن پارٽئ" جي گڏجاڻئ ۾ سنڌي مسلمانن لاء انگريزئ ۾ اخبار جاري ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. واه واه هر ڪنهن ڪئي, پر کيسي مان ڏوڪڙ ڪڍڻ ڪنهن کان به ڪونه ٿيو. ان ڪري ڳالھ اڌوري رهجي وئي. *************** 9 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 9 ڊسمبر 1922ع سگهڙ ۽ شاعر هدايت علي سونهارو جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1946ع هندستان جي ناليواري سياستدان سونيا گانڌي جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1946ع باليووڊ اداڪار شتروگهن سنها جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1952ع جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سياستدان لياقت بلوچجي پيدائش ٿي. 9 ڊسمبر 1970ع موري سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ الطاف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1974ع گلوڪار راحت فتح علي خان جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1988ع باليووڊ اداڪاره ديا مرزا جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 9 ڊسمبر 1753ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي. 9 ڊسمبر 1874ع اردو جي مرثياگو شاعر مير انيسجو انتقال ٿيو. 9 ڊسمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا صاحبڏنو ڀٽو جي وفات ٿي. 9 ڊسمبر 1958ع بزرگ سوامي اٽلرام جي ديهانت ٿي. 9 ڊسمبر 1958ع ليکڪ الهه بچايو سمون انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment