Thursday 14 December 2023

SINDH in history today (15th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 15 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 15.12.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي مراسلي ۾ گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ کي لکي ٿو ته منھنجي مير نور محمد سان ملاقات ٿي ته هن مون کي مياريون ڏنيو ته منھنجو هن سان هاڻي اڳي وارو پنھنجائپ وارو رويو ڪونه رهيو آھي. مون ھن تي واضح ڪيو ته اوهان فرنگي سرڪار سان ڪڏهن هڪ جهڙي هلت نه ٿا ڪريو, ان ڪري اسان به پير سنڀالي کڻڻ تي مجبور ٿيا آھيون. هن کي ٻڌايم ته وڪر جو حاڪم غلام شاه اوهان جو زيردست آھي. پر هن وڪر ۾ اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي. ان کان سواء اوهان ميرن, خاص ڪري تو شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ واري اسان جي مطالبو کي هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيو. ڪراچئ مان اسان کي جيڪي اٺ خريدڻا هئا, اوهان جي ماڻھن ان رنڊڪون وڌيون. نائونمل هوتچند اسان لاء هڪ هزار اٺ خريد ڪيا, پر اهي اوهان جي عملدارن وڪر موڪلڻ جي اجازت نه ڏني. پاٽينجر پنهنجي گورنر کي مراسلي ۾ صلاح ٿو ڏئي ته جيڪڏهن اسان ڪراچئ تي قبضو نه ڪنداسين ته اهي مونجهارا وڌندا ويندا. 15.12.1842: فرنگين جا جاسوسن خيرپور ميرس بابت تيار ڪيل رپورٽ ۾ لکيو آھي ته ڪئپٽن برائون اڃا مس ميرن سان ملي آيو ته حيدرآباد مان حيدرآبادي ميرن طرفان موڪليل آخوند بچل ۽ سيد تقي شاه جو پٽ اچي خيرپور پهتا ته جيئن تازي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪن ۽ خيرپوري ميرن کي حيدرآبادي ميرن جي پاليسي به ٻڌائن سمجهائن. خيرپور جي شهر ۾ جتي ڪٿي اٺ ئي اٺ نظر اچن ٿا. ماڻھون پنهنجن ٻچن ٻارن کي ڊپ وچان شھر مان ڪڍي رهيا آهن. مير رستم علي ۽ ٻين ميرن ڪمال خان جلباڻئ کي مير علي مراد ڏي موڪليو آھي ته کيس گذارش ڪري ته انگريزن جو پاسو وٺڻ بدران اچ سڀ مير ملي فرنگين بابت هڪ متفق حڪمت عملي جوڙيون. 15.12.1842: گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته خيرپوري ميرن خط لکي پنهنجئ دوستئ ۽ وفادارئ نڀائڻ جو اقرار ڪيو آھي. پر منھنجو خيال آھي اهي جيسيتائين اسان طاقت ۽ ان مظاهرو نه ڏسندا, ان وقت تائين ڦرڻي گهرڻي پاليسئ تي عمل ڪندا. سبزل ڪوٽ ميرن کان کسي بهاولپور جي نواب کي ڏجي. جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته سکر ڇڏي اچي روهڙئ ۾ ديرو ڄمائين ته اهڙي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد آھين ۽ مون طرفان توکي ان جي منظوري ڏني ويندي. 15.12.1845 سنڌ جو گورنر اڄ ممبئي سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ گورنر جنرل سامان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ موڪلڻ لاء ”ڀون ڀاڙو" مقرر ڪيو هو. ان کي وڌائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي, ڇو ته هن صورتحال ۾ به سنڌ ڪمپني حڪومت جي خزاني ۾ واڌ ڪندي رهي ٿي. ان ڪري في الحال انھئ محصول ۾ اضافو نه ڪجي. 15.12.1922: ڳوٺ نبي شاه ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان عوامي جلسو ٿيو. تقرير ڪندڙن ماڻھن کي تاڪيد ڪيو ته دين ۽ سياست ۾ پاڻ ملهايو ۽ ملڪ مان انگريز ڀڄايو. 15.12.1929: ڪراچئ جي ڊي.جي.ڪاليج ۾ پرنسپال شاهاڻئ جي صدارت ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ اين.اي.غلام علي, ڊاڪٽر گربخشاڻئ, جي.ايم.سيد, ڄيٺمل پرسرام, ڊاڪٽر دائودپوٽي, پرنسپال گوڪلي ۽ شيوارام ڦيرواڻئ شرڪت ڪئي. هن موقعي تي "سنڌي ساهتيه سڀا" نالي سان ادبي جماعت پڻ جوڙي وئي. 15.12.1932: سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرڻ لاء سنڌ جي مسلمان سياستدانن "سنڌ آزاد ڪانفرنسون" ڪوٺايون ۽ پنهنجي موقوف جو پرچار ڪيو. ان سلسلي جي ٻي ڪانفرنس اڄ حيدرآباد ۾ ٿي. *************** 15 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 15 ڊسمبر 1922ع شاعر، سياستدان ۽ صحافي علي اڪبر شاهاڻي جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1925ع شاعرانور هالائي جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1927ع شاعر فيض درياء کرل جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1928ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ ليکڪ ڪريم بخش خالد جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1935ع راڳي راڌيڪا واسواڻي (ڪراچي / دهلي) جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1936ع موسيقار جهامن داس شرما (سکر / الهاسنگر) جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1941ع سماج سڌارڪ محترم بخش علي لاکوجو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺيجو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1946ع لوڪ گلوڪاره امينهجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1949ع ليکڪ گهنشيام ساگر جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1950ع سگهڙ پير بخش مڱريو جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1956ع شاعر مدهوش خاصخيلي جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1961ع محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1963ع شاعر شبير سقراط سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1965ع ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امير ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1968ع سينيئر صحافي سترام مهيشوري جو ڇاڇري ۾ جنم ٿيو. 15 ڊسمبر 1971ع صحافي سانول ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1972ع شاعر نذير سيال جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 15 ڊسمبر 1868ع گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ بزرگ نور محمد شاهه جيلاني جي وفات ٿي. 15 ڊسمبر 1926ع مذهبي اسڪالر مولانا قاضي نذر محمد لاڏاڻو ڪري ويو. 15 ڊسمبر 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان هيرانند سنتوڪرام ديهانت ڪري ويو. 15 ڊسمبر 1964ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله کڏهري جي وفات ٿي. 15 ڊسمبر 1985ع ليکڪ مير کورواهي انتقال ڪري ويو. 15 ڊسمبر 1997ع مشهور اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪري ويو. 15 ڊسمبر 2001ع مشهور ٽي وي اداڪارفريد نواز بلوچ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو*********** Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Without vision of beauty and wisdom of love, we have body but without soul. Only golden hearts and beautiful minds can accept & respect you & me, people & Motherland] جی ساڃھ ناھي سرت، ۽ ناھي نرت نیھن نظر، چئبو محبت ماٹھپي جا، پیا دل تي ڪين اثر. پیاس نہ پوري ٿيٹي، تان جو پیئجن کٹي بحر، اجایو جھاڳڻ جھنگ جھر، سواء سونھن سلام جي. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1838: Colonel Pottenger reports his Government that in Sindh he had interview with Sindh Ruler Miraculous Noor Muhammad Khan and other Mirs and have disscussed matters relating to finalisation of a Treaty of Friendship with them; that information has been received from Seth Naomal of Karachi that he had purchased eight hundred Camels for our army.He further writes that he has suggested the Commander-in-Chief to take possession of Karachi by force. He further writes that Mirs are gathering their force and shifttig guns. 15.12.1842: The Governor General of the East India Compay directs Charles Napier that use force snatch territory of Sabzal Kot from Khairpur rulers and occupy Rohri and Bukkur also. 1922: The local Khilafat Committee of Village Nabi Shah held public meeting. Speakers advised people to follow their religion in letter and spirit and adop it as code of life. Bow before Allah and get rid of aliens. 1929: Sindhi Adabi Conference is held in D.J.Sindh College, Karachi. It is attended by Principal Shahani, Principal N.A.Ghulam Ali, Dr.Gurbuxani, Jethmal Parsram, Shewaram Pherwani, Dr.Daudpoto, G.M.Syed and others. It is anaugurated by Principal Goklay. 'Sindhi Sahitya Sabha' - literary organization is formed on this occasion also. 1932: 2nd Sindh Azad Conference is held at Hyderabad. It was attended by eminent Muslim politicians. The case of the separation of Sindh from Bombay Presidency was advocated by speakers.

No comments:

Post a Comment