Thursday 7 December 2023

SINDH in history today (8th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{8th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {8th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [To what extent you are accepted? It is indicated by actions and reactions of people. Believing makes people bold to speak. Silence gives message of Big No. Hatred makes us to hide, whereas, love & Beauty makes us bold to express and share accordingly] جو دل سان مڃي سو زبان سان چئي، عشق ۽ عقیدو اھو سڀ کي سیکاري، جو اقرار ڪري سو ئي امرت پياري, برہ بھادري سچ سونهن سان سنواري، باقي زندہ لاش سو نہ ماري نہ جیاري، اھو گھنگھر گھاري، سرت سلام سواء. ‏‎ ‎ ******* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (8th of December) ******** BIRTHS: Dr.Chamandas Chhablani (Khairpur > Ajmir/Social worker/1916),Nadeem Ansari (Mori/Poet/1927), Ramchand Raheja (Shikarpur > Mumbai/Singer/1930), Gul Muhammad Kumbhar (Hyderabad/Folklore Poet/1940), Roshan Ali ‘Muftoon’ (Dadu/Poet/1948), Abdullah Shah ‘Azad’ (Sita village/Poet/1954), Muhammad Zaman Bajari (Bajara/Folklore Poet/1956), Hameeda Sattar Bhatti (Larkano > Karachi/Writer & Social worker/1957). ******** DEATHS: Khowaja Abdul Rahman Mujadidi (Takhur/Religious Scholar/1907), Menhal Faqir Mahar (Tayab/Poet/1958), Swami Preemdas Nathani (Saint/1968). ******* EVENTS: 1918: The Bombay Governor is retired and ‘Anjuman Islam Ahbab-i-Watan’ deems it fit to send wireless message to his Private Secretary offering thanks for his valuable services rendered in the interest of Sindh Muslims. Meeting is held at Sukkur with Abdul Hamid Khan in chair (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Kambar Khilafat Committee holds public meeting with Moulvi Abdul Waheed in chair and Government policy regarding Turkey and Khilafat issue is condemned at large. (Source: Newspapers). 1929: Daily ‘Hindu League Gazette’ newspaper is founded at Sukkur with Sitaldas Khatanmal as its editor. The paper was latter on published as Weekly. Sanwanmal and Aaratmal Punjabi remained its editors also. (Source: Hindu League Gazette, Sukkur). 1947: 34300 Indian Muslims migrants reach today (Source: Newspapers). 1948: It is feared that Prince Abdul Karim of Kelat is encourage Communists to revolt and bring change. He is arrested. (Source: Newspapers). 1964: Presidential candidate Ayub Khan justify his candidature that nation needs a strong man with military experience and not a lady to bring the country at par with advanced countries. He is facing Fatima Jinnah in the election. (Source: Newspapers). 1977: Supreme court of Pakistan rejects Bhutto’s appeal against Moulvi Mushtaq’s appointment as Acting Chief Justice & Chief Election Commissioner. (Source: Newspapers). 1988: On the eve of SAARK Conference, Prime Minister of Pakistan Benazir Bhutto and Rajiv Gandhi Prime Minister of India held talks and signed agreement on Cultural relations and safe guarding Nuclear installations of both countries. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute SINDH IN HISTORY TODAY (8th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 8 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 8.12.1839: سنڌ جي صورتحال, سنڌ ۾ فوج رکڻ ۽ افغانستان تي چڙھائئ بابت ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل 1838 کان "منٽس" لکيا. اهي "منٽس" ايترا ته ٿيندا جو هڪ ڪتاب ٿي سگهن ٿا. انھن "منٽس" ۾ سنڌ جي تاريخ جو خزانو موجود آھي. اهي برطانيه جي “انڊيا آفيس لائبررئ" يا دهلي جي "نهرو آرڪائيوز" ۾ موجود ٿي سگهن ٿا. انھن مان ڪجھ يا ڪن "منٽس" جا اقتباس گل حيات ۾ موجود آھن. اڄ گورنر جنرل سنڌ ۾ پنهنجي فوج ڪٺي ڪرڻ بابت تفصيلي "منٽس" لکيا آھن. هو لکي ٿو ته ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انھئ قبضي کي قائم رکڻ لاء ٺٽي ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهبي ۽ بکر جي قلعي کي ڳالهين ذريعي پنهنجي ڪم ۾ آڻڻ لاء حاصل ڪيو ويندو. ڪجھ فوج سکر ۾ رکي ويندي 8.12.1840: فرنگين جي فوج جڏهن خشڪئ رستي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳي ته فرنگين کي ميرپور سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون ته جيئن فوج کي انھئ ملڪ مان لنگهڻ وقت ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿئي. اڄ پاٽينجر پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصيلي خط لکيو ته مير شير محمد جو ڀاء مير شير محمد تي دٻاء رکي رهيو آھي ته انگريزن سان دوستي يا معاهدو نه ڪر. هو لکي ٿو ته مون سيٺ نائون مل هوتچند کي ميرپور موڪليو آھي. کيس ميرپور درٻار سڌي رسائي ڪانه ٿي پر سندس هڪ مائٽ ھن جي مدد ڪئي. اهو مير شير محمد جو دٻاري آھي ۽ کيس نائون مل سان ملڻ تي راضي ڪري ويو. ممبئئ کان ايندڙ فوج کي مون حڪم ڏنو آھي ته اها ان وقت تائين ميرپور جي حدن ۾ رهي, جيسيتائين گجرات کان ايندڙ فوج انھئ سان اچي ملي. ممبئئ فوج جو ميرپور ۾ ھجڻ جو اسان کي فائدو ملندو ۽ مير شير محمد ڊپ ۾ اسان سان ڳالهين ڪرڻ تي راضي ٿي ويندو. 8.12.1918: اسان جا وڏڙا سرڪار-پرستئ ۾ انوکا مثال قائم ڪندا هئا. ڪرسئ تي ويٺل کي ته رسائئ ۽ لاپو ڏئي راضي رکندا هئا, پر جيڪو ڪرسي ڇڏي ويندو هو ته ان جي به پچر ڪونه ڇڏيندا هئا. ممبئئ جو گورنر رٽائير ٿيو ته سکر جي "انجمن اسلام احباب وطن" طرفان گڏجاڻي ڪري سندس شان ۾ تعريف جا ڍڪ ڀريا ويا. [ياد رهي ته جڏهن لارڊ رپن وائسرائئ جي عهدي تان لٿو ته هن کي “شڪرگذارئ وارو مان پتر" ڏيڻ لاء ”سنڌ سڀا" فيصلو ڪيو هو ۽ ان فيصلي ڪري "سنڌ سڀا" ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ اها پارٽي ٽٽي پئي] 8.12.1922: ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ حڪومت طرفان عوام کي آزارڻ واري پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي ۽ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو مذھب ۽ سياست ۾ دلچسپي وٺو ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيو. [هي منهنجي ڳوٺ جو واقعو آھي. منهنجو ڏاڏو حاجي خدا بخش به مکيه خلافيتين مان هڪ هئو] 8.12.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته يارنھن هزار ۽ پنج سو پناهگير انڊيا ڇڏي اڄوڪي ڏينھن هتي پهتا. 8.12.1948: قلات ۾ شھزادي عبدالڪريم تي اهو الزام ڏئي گرفتار ڪيو ويو ته هو ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ لاء ڪوششون ڪري رهيو هو. 8.12.1971: اقوام متحده جي جنرل اسيمبلئ ٺھراء پاس ڪري پاڪستان ۽ انڊيا کي جنگ بند ڪرڻ جي صلاح ڏني. 8.12.1977: ولي خان ۽ نئشنل عوامي پارٽئ جا قيدي اڳواڻ آزاد ڪيا ويا. اهي 34 مهينا حيدرآباد جيل ۾ رهيا ۽ مٿن ملڪ-دشمنئ جو ڪيس هليو. 8.12.1993: ملڪ جي وزير اعظم بينظير ڀٽو ۽ ايران جي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاڻئ جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ فيصلو ٿيو ته ايران مان پاڪستان تائين گئس پهچائڻ لاء پائيپ لائين وڇائي ويندي, پاڪستان ۾ ايران آئل ريفائنري لڳائيندو ۽ زاهدان-ڪامران سيڪشن تي ريلوي لائين وڇائي ويندي. *************** جنم ڏينهن: *************** 8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1927ع موري سان تعلق رکندڙ شاعر نديم انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1930ع گلوڪار رامچند راهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار ڌرميندرجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره شرميلا ٽيگورجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاهه آزاد جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ مستور فاطمه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1954ع شاعر عبدالله شاهه آزاد جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1958ع شاعر مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1968ع سوامي پريمداس ناٿن ديهانت ڪري ويو. 8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار يعقوب زڪريادل جي دوري سبب گذاري ويو. 8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment