Wednesday 20 December 2023

SINDH in history today (21st December). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan Good wish & Sindh history [21st December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.12.1838: پاٽينجر وڪر منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته دعائون ٿو گهران ته شاه شجاع هتي جلدي پهچي, سندس سنڌ يا سنڌ جي ڀرپاسي ۾ موجودگي اسان جي مشڪل حالتن کي مٽائي اسان جي حق ۾ ڪندي ۽ پوء ميرن آسانئ سان معاهدا به ڪندا ۽ اسان جو سامان سنڌين جي ڦرلٽ کان بچي پوندو. ڇو ته هر ڪو پاڻ بچائڻ ۾ پورو هوندو. اسان جي اڌ فوج ٽن ڏينھن ۾ ٺٽي پهچي ويندي ۽ باقي اڌ فوج ان کان پوء ٻن ڏينھن ۾ اتي پهچندي. مون وٽ 25 لک روپيا گينين جي صورت ۾ آھن, جيڪي هتي ديسي ڪرنسئ ۾ واپاري مٽجي نه ٿا ڏين. بهتر ٿيندو ته شاه شجاع جي نالي سان سڪو ٺاهي ان کي ڪرنسي جي حيثيت ڏيو ته گينين بدران اهو سڪو سنڌ ۾ هلايون. 21.12.1896: ڪراچئ ۾ پليگ جي بيماري پکڙي, جنھن جون 1897 تائين 3387 حياتيون ڳڙڪايون. 21.12. 1920: ڪراچئ ۾ ”خواجا اسماعيلي ڪٺياواڙي والنٽيئرس منڊل" وڏي عرصي کان پنهنجئ برادرئ لاء سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو هو. اڄ انھئ منڊل جون چونڊون ٿيون, جن ۾ جان محمد قاسم کي صدر ۽ ڪاراڀائي ڪريم کي نائب صدر چونڊيو ويو. [ياد رهي ته ڪراچئ ۾ خوجن ۽ بوهرين جون پنهنجن برادرين لاء مخصوص جماعتون ۽ جيمخانا هوندا هئا] 21.12.1938: 1937 کان لاڙڪاڻي ۾ "ماتا"/"ارڙئ" جي بيمارئ منھن ڪڍيو هو. اڄوڪي تاريخ تائين انھئ بمارئ جا 1807 ڪيس ٿيا, جن ۾ 299 ماڻھون مري ويا. 21.12.1958: گوبند مالهئ ممبئئ ۾ ”ڪلاڪار منڊل" نالي هڪ اٽڪ منڊلي قائم ڪئي, جنهن طرفان ڪيترا ئي ناٽڪ اسٽيج ڪيا ويا. انھن مان "ڪفن" ۽ "گستاخي معاف" ڊرامن وڏو نالو ڪمايو. 21.12.1969: چيف مارشل لا ايڊمنسٽيٽر جنرل يحيا خان پاڪستان جي نظرئي ۽ استحڪام جي بچاء لاء آرڊيننس لاڳو ڪيو. [ پر انھئ ڏنڊي جي زور تي هو پاڪستان کي بچائي نه سگهيو, تان جو بنگلاديش ھن جي زماني ۾ پاڪستان کان الڳ ۽ آزاد ٿيو] 21.12.1978: نواب احمد محمد قتل ڪيس ۾ چئن ملزمن اقراري بيان ڏنو ته برابر هنن کيس ماريو هو. 21.12. 1988: پنجاب جي وڏي وزير نواب شريف پيپلز پارٽئ جي مرڪزي حڪومت تي چڙ ڏيکاري ته سندس صوبي مان وفاقي ملازم هن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء ڇو ٿا بدلايا وڃن. 21.12.1995: پشاور ۾ بم ڌماڪو ٿيو, جنھن جي نتيجي ۾ 40 ماڻھون اڦٽ مري ويا ۽ 120 ماڻھون سخت زخمي ٿي پيا. *************** 21 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وفات ڪري ويل معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 21 ڊسمبر 1925ع خيرپور سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سماجي ورڪر الاهي بخش ڪيهر جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1932ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1933ع شاعر ۽ سياستدان ڊاڪٽر نذير جروار جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1934ع ليکڪ ۽ اداڪار مدن جماڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1935ع شاعر جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1945ع ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ شاعر قادر بخش ڪرم ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1948ع شاعر سيد عالم شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1948ع شاعر اختر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1959ع شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1960ع صحافت ۽ سياست سان واڳيل شيري رحمان جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1963ع باليووڊ اداڪار گووندا جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *******-****** 21 ڊسمبر 1262ع شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانئ جو لاڏاڻو ٿيو. 21 ڊسمبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سياستدان خانبهادر علي بخش جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1968ع مولانا عبدالرزاق پيرزادو جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1977ع شاعر مولانا ثناء الله سنائي جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1982ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌرئ جي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Be most cooprative, but not dependent. Let the people care about their interests and problems, try to help them in resolving their issues . Believe in Self and trust yourself. You are absolute beauty & love and vision & wisdom. You are not only for Yourself, but there is share of others in you. Listen and understand, whosoever is knocking your door. Reciprocate and knock the door of his/her heart accordingly.] سوري سڀڪوئي پاڻ ڏي سياري سندي باھ, رکين نہ رکين آس پر تون چلھ پنهنجي ٺاھ, پاڻ وٽ اٿئي روشني پاڻ وٽ اٿئي اونداھ, سار پنهنجئ سرت سونهن کي آسرو نہ لاھ, قرب سان تون ڪاھ, در دوست سلام لاء. 2. Events from Sindh (including Pkistan) EVENTS 1860: The Government of British Sindh is keenly watching the political development in Baluchistan. Political superintendent, Frontier, is apprising government of latest situation. He writes that Khan of Kelat is demanding half of the Panjgoor district and quarrel between him and Mir Azad Khan of Kharan is taking place day by day over the issue of Kharan. The Bombay Government advises Sindh Commissioner not take to side of any one. 1920: Khowaja Ismailah Kathiawari Voulnteers’ Mandel of Karachi elects its new office – bearers as under: Jan Muhammad Qasim(President), Karabhai Karim (Vice President), Jan Muhammad Bhanji (Secretary), Rajanbhai Zina Primji, Ali bhai, Jiwanbhai Nanji, Nazar Ali Bhai, Moolji Dosa and Sundarji Primji (all members of the Executive Committee). 1964: U.S.A to provide loan of $ 1.40 to Pakistan. An agreement is signed. 1969: Chief Martial Law Administrator, Gen. Yahya Khan promulgates Ordinance No 60 under which ideology and integrity of Pakistan is safeguarded. 1972: CMLA & President Z.A.Bhutto opens T.V centre at Lahore. 1973: 5,00,000 acres of land is distributed among landless peasants in Sindh. 1978: Four confessing accused in murder of Muhammad Ahmad Nawab reiterates their role in murder. 1988: Nawaz Sharif, Chief Minister of Punjab resents transfer of senior officers from Punjab by federal Government without his consent. 1989: Pakistan’s foreign reserves have been marked as 69 per cent fall. 1995: Forty persons are killed and 120 injured as a car – bomb rocks Peshawar’s busiest shopping area. 1996: The Advice of the Prime Minister in appointment of judges of superior, the Supreme Court issues detailed judgment in President’s reference. 1998: Pakistan expresses concern over Russian proposal for strategic triangle with China and India.

No comments:

Post a Comment