Tuesday 5 December 2023

SINDH in history today (6th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{6th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** سنڌ ۽ سنڌين جو زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪريو نگران سنڌ حڪومت جو غير قانوني حڪم: خيرپور جي وارياسي جي 28 هزار ايڪڙ، ٺٽي جي 1 هزار ايڪڙ، سجاول ضلعي جي 3 هزار 408 ايڪڙ، ٿرپارڪر جي 9 هزار 305 ايڪڙ مٺي، دادو ضلعي جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي وئي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪل 52 هزار 713 ايڪڙ زمين تي زوري والار نامنظور. هي فيصلو واپس وٺو. سنڌ کي اسرائيل بڻايو پيو وڃي ۽ هن ڏاڍ خلاف خاموشي ختم ڪريو. SINDH IN HISTORY TODAY (6th December) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 6 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 6.12.1842: هنن ڏهاڙن ۾ فرنگين سنڌ ۾ ميجر ڪلائبورڊ جي سربراهئ ۾ "جاسوسئ جو شعبو" قائم ڪيو ته جيئن سنڌ جي حڪمرانن ۽ عوام جي فرنگي-دشمن چالن تي نظر رکجي. اڄوڪي رپورٽ م لکيو ويو آھي ته مير رستم علئ پنهنجو پٽ حيدرآباد ڏياري موڪليو آھي ته جيئن انگريزن جي آڇيل معاهدن بابت ويچار ونڊي هم خيالي قائم ڪجي. خيرپوري ميرن دريا خان جلباڻئ ۽ لالا وشنداس تي ڪم رکيو آھي ته اهي معاهدن تي فرنگين سان ڳالهيون ڪن. مير رستم علئ جو ننڍو پٽ مير علي اڪبر امام واه ۽ سبزل ڪوٽ موڪليو ويو ته جيئن هو ٻارن ۽ عورتن کي راجستان جي رڻ طرف موڪلي سگهي. مير محمد حسين کليو کلايو فرنگين خلاف باه ڀڙڪائي رهيو آھي ۽ جنگ لاء جوان گڏ ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي ٿو. 6.12.1857: اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ڪئپٽن ميرويدر ڪاردار خير شاه جي سهڪار سان بيگاري ڪئنال ۾ واڌ آڻڻ بابت هڪ منصوبو بڻايو هو. ان منصوبي کي نه فقط سرڪار منظور ڪيو, بلڪ ان کي پسند به ڪيو ويو. 6.12.1920: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي نوٽيس ڏنو ويو ته حڪومت-دشمن سياسي سرگرمين بابت صفائي پيش ڪرڻ لاء جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ ۾ پيش ٿي. پر هو ڪورٽ اڳيان پيش نه ٿيو ۽ جواب ڏياري موڪليائين ته مان افغانستان لڏي ويو آھيان ۽ هاڻي افغاني شھري آھيان ۽ مون تي ڪيس هلائي يا نوٽيس ڏئي نه ٿا سگهو.[ياد رهي ته هي پهريون سنڌي سياستدان هئو, جنھن پنهنجا القاب واپس ڪيا هئا] 26.12.1947: پاڪستان ۽ انڊيا ٻه ملڪ جڙيا ته وڏي پئماني تي انڊيا جا مسلمان پنهنجو وطن ڇڏي پناهگير ٿي سنڌ/پاڪستان اچڻ لڳا. انھئ لڏپلاڻ ٻنھي ملڪن ۾ عورتن ڀڄائڻ جي تعداد ۾ تشوشناڪ حد تائين اضافو ڪيو. ٻنھي ملڪن گڏجي فيصلو ڪيو ته انھئ وڌندڙ ڏوه کي گهٽائڻ لاء گڏجي ڪوششون ورتيون وينديون. 6.12.1950: وفاقي حڪومت پنهنجي سمورن کاتن/ڊپارٽمينٽس کي هدايت ڪئي ته اردوء کي دفتري ٻولي بڻايو. 6.12.1964: فاطمه جناح ۽ جنرل ايوب صدارتي چونڊ جي حوالي سان مختلف شھرن ۾ خطاب ڪيا. جنرل ايوب سبز باغ ڏيکايا ته ملڪ کي مثالي ترقي وٺرائبي. فاطمه جناح وري پنهنجين تقريرن ۾ ايوب-شاهئ جا پول پڌرا ڪيا. *************** 6 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 6 ڊسمبر 1940ع گلوڪار، اداڪار ۽ ليکڪ سنتوش ڀاڳيا (ڪراچي/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1940ع اداڪارمانو گيهاڻي (نوابشاهه/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1962ع شاعر حنيف عاطر جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1963ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر جواد جعفري جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1968ع صحافي ۽ ليکڪ اعجاز مهرجو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1971ع شاعر ساقي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1989ع ڪرڪيٽر ناصر جمشيد جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 6 ڊسمبر 1934ع فريڊم فائيٽر پريتم داس آڏواڻي جي ديهانت ٿي. 6 ڊسمبر 1943ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياستدان علي گوهر لاهوري جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1952ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد صادق ڪڇي جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1968ع مذهبي اسڪالر مفتي غلام حسين وليدائي جو لاڏاڻو ٿيو. 6 ڊسمبر 1983ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1986ع ليکڪ عبدالرحيم ڏيٿو جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 2000ع ناليواري قوال عزيز ميان جو انتقال ٿيو. 6 ڊسمبر 2000ع ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار عبدالحق ابڙولاڏاڻو ڪري ويو. 6 ڊسمبر 2012ع صدارتي اوارڊ يافته الغوزو نوازالهه بچايو کوسو لاڏاڻو ڪري ويو. SINDH (including Pakistan) {6th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Every change takes place on time and because of reason. But, it is amazing that my beloved/ideal/leader takes no time and stands changed without any reason. In spite of that I accept & respect and trust & love him/her. Because, I am not only simple, but great also] رسڻ پرچڻ لاء رانول کي، گھرجي ساعت نہ ڪي سبب، اھڙئ روش تي اچي عجب، سرت سونھن ۽ سلام کي. ******* SINDH IN HISTORY TODAY (6th December) *********** BIRTHS: 6th December 1. Santosh Bhagia (Karachi - Ahmadabad/Singer/ birth 6th December 1940), 2. Mano Gehani (Nawabshah - Mumbai/Actor/ birth 6th December 1940), 3. Bena Mansukhani (Mumbai/Actress/ birth 6th December 1951), 4. Hanif Aatir (Poet/ birth 6th December 1962), 5. Jawad Jaffri (Larkano/Poet/ birth 6th December 1963), 6. Saqi Abro (Uterolal/Poet/ birth 6th December 1971) ****** DEATHS: 2. Ali Gohar Lahori (Larkano/Politician/ death 6th December 1943), 3. Moulana Muhammad Sidiq Kachhi (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 6th December 1952), 4. Mufti Ghulam Hussain Validai (Religious Scholar/ death 6th December 1968 ), 5. Shaikh Abdul Razaq 'Raz' (Sukkur/Poet/ death 6th December 1983), 6. Abdul Rahim Detho (Writer/ death 6th December 1986), 7. Allahbachayo Alghozi nawaz (death 6th December 2012) ********* EVENTS: 6th December 1857: Captain Merewether, Superintendemt Upper Sindh with the help and cooperation of Kardar Khair Shah prepared project for enlargement and extension of the tail of the Begari Canal. It is not only approved by the Bombay Govt., but is declared as the first and most important irrigational work by British Govt. in Sindh. 1920: Rais -ul- Muhajreen Jam Muhammad Junijo was supose to appear before the court of Judicial Commissioner, but he refuses to comply with Notice on the plea that he is no more citizen of British India and as he has migrated to Afghanistan. Hence, he is not bound to obey orders of the British Govt. 1947: Cases of abdication of migrant women and children are taking place at large scale. Both India and Pakistan are worried about it. Today, both countries agree to control the situation and rescue abdicated women and children. 1950: Pakistan Govt. directs all federal/central offices to adopt Urdu as language of official correspondence. 1951: The Security Council of the U.N.O asks India and Pakistan to resolve Kashmir issue on their own. 1964: Fatima Jinnah and President Ayub, both presidential candidates are busy in addressing public gatherings. Ayub promises for developed Pakistan in future and Fatima Jinnah is attacking Ayub govt. s anti - people and anti - democracy polices.

No comments:

Post a Comment