Sunday 17 December 2023

SINDH in history today (18th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan Good wish & Sindh history [18th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.12.1838: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي اعتماد وٺي فيصلو ڪيو ته فرنگي فوج جي سامان جو سنڌوندئ ذريعي ڏکڻ سنڌ کان اتر سنڌ موڪليو ويندو. ڇو ته خدشي آھي ته جيڪڏهن خشڪئ رستي موڪلبو ته سنڌي ماڻھو ڦري لٽي ويندا. 18.12.1838: پاٽينجر اڄ برنس کي لکيو ته اتر سنڌ ۾ تون پنھنجئ مڙسئ يا ڏاهپ سان فوج لاء اٺ, اناج ۽ گاه خريداري ۽ حافظت ڪر, مان تنهنجي مدد نه ٿو ڪري سگهان. ان سلسلي ۾ ھن وقت ميرن کان پروانا/اجازت ناما وٺڻ ڏکيو ڪم آھي. 18.12.1840: ياد رهي ته هي زمانو سنڌ جي غلام ٿيڻ کان ٽي سال اڳ جو آھي. ممبئي سرڪار سنڌ ۾ مقيم سفارتڪار آئوٽرام کان خط موڪلي پڇيو ته ارل ۽ نارا ۾ اهڙي صلاحيت آھي جو انھن کي اچ وڃ لاء آبي رستو بڻائجي ۽ انھن ۾ آگبوٽ يا ٻيڙيون هلائجن. 18.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته روهڙي مان ٿي آيو آھيان. اسان جا فوجي رات جي پيٽ ۾ يا صبح روهڙي موڪلبا. آئون 20 تاريخ تي فوجي دٻدٻي سان خيرپور ويندس. گذريل رات مير رستم علئ جي ماڻھن اسان جي ٽپالئ کان ٽپال ڦري. مون هن ڏي حڪم لکي موڪليو آھي ته جيڪا ڪٺي ڪئي آھي, اها ٽوڙي هيڏي هوڏي موڪلي ڇڏ. ٻروچن ۽ جابلو قبيلن شڪارپور ۽ ان کان مٿي واري حصي ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي. 18.12.1847: هي اهو زمانو آھي جڏهن لاڙڪاڻو اڃان ضلعو نه ٺھيو هو ۽ شڪارپور ضلعي ۾ شامل هو. اڄ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر سنڌ سرڪار کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي طرف ڳوٺ ڳيريلي مان صديون اڳ جوڙيل بند جا نشان مليا آھن. اهو بند 15 کان 20 ميل ڊگهو آھي. اهو بند جي اولاهين پرڳڻي کي سنڌوندئ جي ٻوڏ کان بچائڻ لاء جوڙيو ويو هو. انھئ کي مقامي ماڻھون "ڪارو بند" چون ٿا. 1837 ۾ ان کي آبپاشي مقصد لاء 30 فٽن جو گهارو ڏنو ويو هو 18.12.1849: سنڌ جي ڪمشنر اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ کي لکيو ته تو خانڳڙھ ۾ موجود پاڻئ جي ٽانڪئ جي مرمت لاء پئسا ۽ اجازت گهري آھي. اهو ٻڌاء ته اها ٽانڪي ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺھرائي هئي. انھئ جو تاريخي تفصيل لکي موڪل. 18.12.1971: بنگلاديش ۾ موجود پاڪستاني جنگي قيدين کي اتان ميسور موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو. 18.12.1989: جماعت اسلامي ضد ڪري بيٺي ته انڊين اداڪار ۽ ڳائڻا پاڪستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪن. 18.12.1996: آصف علي زردارئ کي مرتضا ڀٽي جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 18.12.1998: آمريڪا طرفان عراق تي حملي خلاف پاڪستان جي ڪيترن شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا. 18.12.1999: جماعت اسلامئ جي ٻن ڪارڪنن جي قتل ۾ بينظير ڀٽو ته راولپنڊي ٿاڻي تي ايف.آء.آر ڪاٽي وئي. *************** 18 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 18 ڊسمبر 1932ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر شاهنواز شائق جي پيدائش ٿي. 18 ڊسمبر 1932ع شاعر موهن لال ڪوٽائي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1934ع موري سان تعلق رکندڙ ليکڪ قاضي انور احمدپيدا ٿيو. 18 ڊسمبر 1935ع موسيقار لڪشمڻ گيهي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1945ع شاعر ڊاڪٽر سعيد هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1946ع شاعر رتن دلبر(لاڙڪاڻو/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1957ع شاعر نذير ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1973ع رتيديري سان تعلق رکندڙ شاعر سڪندر پريم قاضي جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبرشاعر آغا جان آغا جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 18 ڊسمبر 1961ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ مولانا محمد هاشم کٽي جي وفات ٿي. 18 ڊسمبر 1967ع موسيقار رشيد عطري جو انتقال ٿيو. 18 ڊسمبر 1973ع مذهبي اسڪالر علامه رشيد ترابي جي وفات ٿي. 18 ڊسمبر 2006ع اردو جي نامياري ليکڪ ۽ ناول نگار شوڪت صديقي جو انتقال ٿيو. 18 ڊسمبر 2007ع ناليواري سياستدان، اديب ۽ ڪهاڻيڪار ڪامريڊ قاسم پٿرجي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Live with courage & confidence in self. You are not Dead Alive or Dead Body. You are death for ego, hatred and discrimination. Be cause and reason for any ignored, depressed and deprived life & soul. You are love & beauty and vision & wisdom. Dare and share it without limitations. Remember those, who can't forget you any time.] ايئن نہ مرجي يا مارجي پر ڪو مئو من جيراجي, دل جي در تي سڏي دانهون ڪري سو نہ ڌڪارجي, انا نفرت متڀيد کي محبت سان ئي مارجي, ڪو اسان کي بہ سارجي, جو صبح شام سلام ڀريون. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: ************ 1838: Colonel Pottenger informs Lieutenant Colonel Burns that Sindhi people have started doubting our integrity and our presence in Sindh. Therefore, nobody is ready to extend cooperation in connection with collecting supplies and obtaining carriage for our army. 1847: The Collector of Shikarpur informs Sindh Govt. that he has found 'Black Dam' 15 to 20 miles long near village Gerilo of Larkana. It was built some centuries ago to protect people and land of area fron excessive inundation of the mighty Indus, but that dam was thrown up by Nawab Wali Muhammad Laghari 43 years ago. 1971: Pakistan war prisoners are being transferred from Bangladesh to Sagar, Mysore in India. 1972: Sindh University Bill relating to establishment of various faculties is passed by Sindh Assembly. 1985: Pakistan and India agree not to attack each other’s' nuclear facilities. 1989: Jamait -i- Islami resents cultural shows by Indian Film stars in Pakistan. 1994: Speaker refuses to chair National Assembly session. Vows to stick to his stance unless the detained MNAs are brought to session. 1996: Asif Zardari is held in Mir Murtaza Bhutto murder case. 1998: Protest rallies across the Pakistan condemn U.S.A attacks on Iraq. 1999: Rawalpindi police register murder case against Benazir Bhutto for killing two J.I workers in 1996.

No comments:

Post a Comment