Saturday 16 December 2023

SINDH in history today (17th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

Author: Dr.Pathan & Translator: Mumtaz Ali Pathan Good wish & Sindh history [17th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Any Contact and Connection never die, but is killed by believers of discrimination and followers of Ego. In such a way roads are always open, but can be blocked with intention. Relations and Roads, both can be protected only by making sacrifice, even of life. They can be maintained by sharing & exchanging Trust & Sincerity, Love & Beauty and Vision & Wisdom, only.] هي جو چٽو ۽ صاف رشتا ۽ رستا, سر ڏئي سنڀالين تہ بہ آھن سستا, مرن ڪين ڀرن, بڻائي بره برجستا, دل جا هراول دستا, سنڀالن سلام جان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن ۽ پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.12.1838: الينگزنڊر برنس شڪارپور مان سر ولائوفباء ڪاٽن Sir Willoughby Cotton کي لکي ٿو ته اهو ٻڌي خوشي ٿي ته اوهان جي اڳواڻي ۾ سنڌ م فوج اچي رهي آھي. مون هن کان اوهان کي مراسلا موڪليا آھن, اهي اوهان کي سنڌ جي صورتحال جي تفصيلي معلومات فراهم ڪندا. مون هتي ٻڌائي ڇڏيو آھي ته اسان جو گورنر جنرل بهادر سنڌ ۾ ”مددگار فوج" Subsidiay Force رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي. مون خيرپري ميرن کان بکر جي قلعي وٺڻ جون ڳالهيون هلايون آھن ۽ پڪ اٿم ته ڪاميابي ملندي. خيرپوري مير اسان جي سڳي ڌاڳي ۾ آھن ۽ انڪار نه ڪندا. مون شاه شجاع کي به عرض ڪيو آھي ته پيش قدمئ ۾ تڪڙ آڻ, ڇو ته ان مان اسان کي سنڌ ۾ جلدي ۽ بامقصد سفارتڪارئ ۾ وڏي مدد ملندي. 17.12.1842: خيرپور بابت جاسوسئ واري رپورٽ ۾ فرنگين لکيو آھي ته حيدرآبادي ميرن آخوند بچل کي خيرپور موڪليو هو. هن جي صلاح تي ۽ مير رستم علئ جي حڪم تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪجاون ۾ چاڙھي ريگستان طرف محفوظ ھنڌ تي موڪليو پيو وڃي. مير نصير خان خيرپورئ ۽ مير محمد حسين پروانا جاري ڪري فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪئي آھي ته جيئن مهاڏو اٽڪائي سبزل ڪوٽ بچائي سگهجي. هنن 7 هزار ويڙهاڪ گڏ ڪري ورتا ھن. هتي حيدر آبادي ميرن جا وڪيل مير علي مراد خان معرفت نيپيئر سان ملڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن ته جيئن کيس يقين ڏيارن ته اسان جنگ جدال جي حق ۾ ناهيون ۽ اهو تسليم ڪريون ٿا ته انگريزن جي فوج سان پڄڻ ڏکيو آھي, ان ڪري مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرون ٿا. 17.12.1849: حيدرآباد جو ڪليڪٽر اڄ ٽنڊو غلام علئ ۾ بگٽين وارئ ڪئمپ جو احوال لکي موڪلي ٿو. هو لکي ٿو ته مٿن سخت نظرداري به رکي وئي آھي ۽ کين سنڌي سماج جي اٽوٽ حصي بنائڻ لاء به قدم کنيا پيا وڃن [ياد رهي ته بگٽي, مري ۽ ٻيا جابلو قبيلا سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ ايندا هئا. انهن کي پڪڙي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو هو] 17.12.1919: سنڌ ۾ انگريزن خلاف اجتماعي نفرت ۽ ان تي ٻڌل سياست جو اڄ پهريون واقعو آھي. سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي ماڻھن ترڪن جي حق ۾ ”خلافت ڊي" ملھايو. 17.12.1920: تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ ٻنو ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان وڏو عوامي ميڙاڪو ڪرايو ويو, جنھن ۾ پير محمد باقر, مولوي حاجي محمد سليمان ۽ مولوي محمد يوسف تقريرون ڪري عوام کي فرنگي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين کان آگاه ڪيو ۽ کين سياست ۾ دلچسپي وٺڻ جي تلقين ڪئي. 17.12.1954: وفاقي حڪومت طرفان سڏاريل " ون-يونٽ ڪانفرنس" فيصلو ڪيو ته مغربي پاڪستان ۾ هڪ گورنر ۽ هڪ چيف سيڪريٽري مقرر ڪبو. ان جي هڪ اسيمبلي هوندي. 17.12.1956: “ائنٽي ون-يونٽ فرنٽ" طرفان اڄ لاڙڪاڻي ۾ عوامي رابطي وارو آخري جلسو ٿيو. اهو سلسو پهرين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويو هو. فرنٽ لاڙڪاڻي واري کان اڳ ٺٽي, حيدرآباد, ميرپور خاص, سانگهڙ, نواب شاه, سکر ۽ دادو ۾ به جلسا ڪيا ويا هئا. 17.12.1970: پاڪستان ۾ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ۾ پيپز پارٽئ وڏئ اڪثريت سان ڪامياب ٿي. 17.12.1988: مخالف ڌر ڪوئٽيا ۾ گڏيل ميڙاڪو ڪري پيپلز پارٽئ جي وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته بلوچستان اسيمبلئ کي بحال ڪريو. *************** 17 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 17 ڊسمبر 1845ع صوفي شاعر موهن فقير آهوجا(عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1917ع شاعر، صحافي، نثر نويس ۽ آرٽسٽ قاضي عبدالحئي قائل جو جنم ڏينهن آهي۔ 17 ڊسمبر 1924ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ارجن شاد(سکر/بمبئي) جي پيدائش ٿي. 17 ڊسمبر 1926ع ليکڪا ڪماري اندرا شوداساڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1934ع سياستدان آفتاب احمد شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1952ع ڊرٻ ميهر شاهه جو گادي نشين ۽ سياستدان سيد بچل شاهه جيلانيپيدا ٿيو. 17 ڊسمبر 1972ع باليووڊ اداڪار جان ابراهيمجو جنم ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1980ع غوثپور سان تعلق رکندڙ شاعر زاهد علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************-*** 17 ڊسمبر 1839ع سنڌ جو حڪمران مير نور محمد ٽالپور لاڏاڻو ڪري ويو. 17 ڊسمبر 1949ع مذهبي اسڪالر مولوي محسن شاهه جي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1950ع نواب مير محمد چانڊيو جي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1960ع صوفي شاعر نصير محمد فقير جلالاڻيجي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1970ع سياستدان سيد وريل شاهه (رتوديرو) جو انتقال ٿيو. 17 ڊسمبر 1975ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1984ع لاڙڪاڻي جي صحافي ڪامريڊ جمال بخاريجي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 2005ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻي ديهانت ڪري وئي. 17 ڊسمبر 2012ع هند ۽ سنڌ جومشهور شاعر پرڀو جوتومل ڇڳاڻي وفاديهانت ڪري ويو. 17 ڊسمبر 2015ع اداڪار ۽ ليکڪ الف ن ڊرامي جو ليکڪ ڪمال رضوي انتقال ڪري ويو. 17 ڊسمبر 2016ع شاعر سعيد ميمڻ جي وفات ٿي. 1849: The Collector of Hyerabad sends to the Commissioner report regarding steps taken by hin about Bugti prisoners of war stationed at Ghulam Ali jo Tando. 1919: It is big event of the beginning of uprising of people against British policies and rule in Sindh and Hind. Khilafat Day is observed in the length and breadth of Sindh. Processions are taken out and public meetings are held to condemn British policy on Turkey and Khilafat issue. 1920: A public meeting is held by the local branch of the Sindh Khilafat Committee at Bano of Mirpur Bathoro taluka. Pir Muhammad Baqar, Moulvi Haji Suleman and Moulvi Mulvi Muhammad Yousif speak on the occasion and dwelt with subjects/ topic of the freedom of Arabia and Punjab Govt's anti - khilafat/people policy. 1954: The top level 'One - Unit official Conference' decides that the administration structure of unified West Pakistan will follow the normal provincial cabinet, one governor, one legislative and one chief secretary. 1956: The Meet the Masses programme of the Sindh Anti One - One Unit Front ends. It was started from 1st of December and big public meetings were held at Larkano, Thatto, Hyderabad, Mirpur Khas, Sanahar, Nawabshah, Khairpur Mirs, Sukkur, Dadu and Jacobacd. Z.A.Bhutto, G.M.Syed, Hyder Bux Jatoi, Kazi Faiz Muhammad and other hundreds of speaker took part in this awareness movement. 1970:Provincial assemblies' elections are held. PPP earns majority in Sindh and Punjab. 1988: Joint Quetta rally demands immediate restoration of Baluchistan Assembly.

No comments:

Post a Comment