Thursday 28 December 2023

SINDH in history today (29th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

سڄڻ! سنڌ جي اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ" اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو ***** Good wish & Sindh history [ 29th December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 29 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 29.12.1842: نيپيئر , جيڪو هن وقت خيرپور جي ويجهو آھي, سو مراسلو موڪلي پنهنجي گورنر جنرل کي پريشانيون ٻڌائي ٿو ته ميرن جي روين ڳاري لاٿو آھي. اسان کي شڪارپور جي ڏيهي ٺيڪيدار هڪ هزار اٺ وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو, پر اڳو اڍائي سو اٺ ڏئي سگهيو آھي, ڇوته ميرن مخفي حڪمنانا جاري ڪري ۽ جتي ڪٿي ماڻھو موڪلي ٺيڪيدارن ۽ واپارين کي سختئ سان منع ڪئي آھي ته انگريزن کي ڪا شئ وڪرو نه ڪيو. مون مير علي مراد سان ملي سگهيو آھيان, پر مير رستم علي خان مون سان ملڻ کان لنوائي ٿو. هن کي اهو شڪ ٿيو هوندو ته مان کيس گرفتار ڪندس. يا مير علي مراد پنهنجي ڀاء جي دل مون سان نه ملڻ جو خيال پيدا ڪيو هوندو. آئون في الحال امام ڳڙھ نه ٿو وڃان, ڇو ته ٽن طرفان دشمن/مير آھن. ان ڪري آئون لالو طرف وڃان ٿو, جيڪو برپٽ ۾ آھي. 29.12.1842: فيروزپور مان گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن تنھنجو رويو مناسب آھي. ان کان سواء ڪم نه هلندو. جيڪڏهن مير صوبدار کي تخت ڌڻي ڪجي ته اسان جون اٺئي آڱريون گيه ۾ ھونديون. هو اسان جي اثر ۽ تعبيدارئ کان پري نه ويندو. 29.12.1849: خان آف قلات سنڌ سرڪار کان اجازت گهري ته بيگاري واه مان ڪئنال کوٽي روجهاڻ جي علائقي واري زمين ان جي پاڻئ تي آباد ڪجي. سنڌ سرڪار سندس اهو عرض ڪونه قبوليو ڇو ته هن جو موقوف هو ته سنڌ جو پاڻي سنڌ ئي ڪم آڻي ۽ ان تي ڪنھن ٻئي جو حق ڪونهي. 29.12.1920: تعلقي بدين جي ڳوٺ مولوي مبارڪ ۾ اتان جي مقامي "خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي جلسو ٿيو, جنهن ۾ ”ترڪ موالات" جي حمايت ۾ ۽ انگريز سرڪار جي اسلام خواه عوام دشمنئ جي مذمت ڪئي وئي. هي عوامي ميڙاڪو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ انھئ ڪري اهميت رکي ٿو ته ميڙاڪي متفق طور اعلان ڪيو ته اسان انھن مرشدن جي مريدي ڇڏي ڏينداسين, جن هن تحريڪ دوران حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ مدد ڪئي. 29.12.1921: ٿرپارڪر جي ديني عالمن جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ مقامي "جمعيت العلماء “ قائم ڪري, پير محمد اسماعيل جان سرهندئ کي صدر, حافظ محمد بچل کي نائب صدر, مولوي محمد صالح ۽ مولوي محمد ابراهيم کي سيڪريٽري ۽ پير بخش خاصخيلئ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو. 29.12.1941: سنڌ تحريڪ آزادئ ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ بي مثال حصو ورتو. اڄ عيد جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھن آزادئ ۽ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاء عيد جون خوشيون به قربان ڪيون ۽ ميڙاڪا ڪري مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان "پاڪستان جو ڏينهن" ملهايو. اهو ڏينھن سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ملهايو ويو. گچيرو ۾ انھئ ميڙاڪي جي صدارت تاج محمد ٻگهيئي ۽ مٺياڻئ ۾ صدارت مولوي محمد حسين ڪئي هئي. 29.12.1947: چوڌري ظفرالله کي پاڪستان سرڪار ۾ پرڏيهي وزير طور شامل ڪيو ويو. هو مذھبي حوالي سان قادياني هو ۽ تحريڪ پاڪستان دوران تحريڪ جي قيادت قاديانين جي مذھبي پيشوا کان به تعاون گهريو هو. 29.12.1951: پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد اڄ سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ۽ سنڌ حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. 29.12.1956: لاهور ۾ ”اردو اڪيڊمي" جو افتتاح ٿيو. 29.12.1968: شروعات ۾ اصغر خان ذوالفقار علي ڀٽي جو مداح ۽ عاشق هو. پوء جڏهن ڀٽو اقتدار ۾ آيو ۽ هن کي گاه نه وڌائين ته سندس دشمن ٿي پيو. اڄ ساهيوال جيل ۾ اصغر خان وڃي ڀٽي سان مليو ۽ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو کيس يقين ڏنائين. 29.12.1979: افغانستان ۾ انقلاب آيو ۽ اها تبديلي پاڪستان جي حڪمرانن کي پسند ڪانه آئي. 29.12.1994: ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين سنڌ سرڪار کي ڌمڪي ڏني ته اسان جي ڪارڪنن کي تنگ نه ڪيو, ورنه حڪومت کي ڀرپور جوابي موٽ ڏبي. 29.12.1995: ڪراچئ جي وڳوڙن ۾ ٻارنھن بيگناه انسان اجل جو شڪار ٿيا. *************** 29 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 29 ڊسمبر 1932ع اردو جي نامياري شاعر محسن ڀوپالي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1934ع لوڪ گلوڪاره جيجي زرينه بلوچ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1942ع باليووڊ اداڪار راجيش کناجو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1948ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙليکڪ هدايت الله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1961ع صحافي محمد يعقوب لاکو جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1963ع ليکڪ معشوق لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1967ع راڌڻ سان تعلق رکندڙصحافي شهاب الدين جانوري جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1974ع باليووڊ اداڪاره ٽئنڪل کناجو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1976ع اسپن بالنگ جي جادوگر ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق جو جنم ڏينهن آهي *************** وڇوڙو: ************** 29 ڊسمبر 1862ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد ماڻڪ جي وفات ٿي. 29 ڊسمبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ تاراچند شوڪيرام ديهانت ڪري ويو. 29 ڊسمبر 1938ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر پير ميان احمد علي صديقي لاڏاڻو ڪري ويو. 29 ڊسمبر 1969ع صوفي منش شخصيت ۽ صوفي ۽ ڀڳتي راڳي ڀڳت چنديرامجي ديهانت ٿي. 29 ڊسمبر 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم لغاري جي وفات ٿي. 29 ڊسمبر 2002ع شاعر پيرل پرديسي سيتائي جي وفات ٿي. 29 ڊسمبر 2010ع فلم ڊائريڪٽر جاويد فاضلئ جو انتقال ٿيو. 29 ڊسمبر 2011ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن امير علي ايري وفات ڪري ويو 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Dear! Be, what you are. Don't behave beyond your position. We all are equal and none of us is Mighty or Super-natural. Everybody deserves treatment at par with us. Whoever will follow self-oriented strategy, will be problem for all, including himself /herself. Dear! Be, what you are. You are love & beauty, vision & wisdom and peace. Promote it, share it and deserve it.] جڏھن ماڻهون دنيا کان ۽ پاڻ کان وڏو ٿيندو آ, پوء ماڻھپي کان صفا نڪري سو جڏو ٿيندو آ, انا پرست جو سدائين سڀ سان ڦڏو ٿيندو آ, اندر ڄڻ تڏو ٿيندو آ, مئل دل محبت سلام جو 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1838: Lieutenant White Lock is appointed as Assistant Resident in Sindh. 1849: Khan of Kelat requests Sindh for excavation of Kelat canal from Begari to the lands of Rojhan. Though, his petition is strongly recommended by Major Jacob, Political Superintendent, Upper Sindh, but it is declined by the Commissioner on the point that water for lands of Sindh cannot be shared with other state. 1920: A public meeting is held at Goth Moulvi Mubarak of Taluka Badin by the local branch of Sindh Khilafat. Very interesting things happen there. People speak also on occasion and condemned their Murshids (spiritual leaders) for joining hands with the Government and playing against the interest of Islam and country. 1921: Tharparkar Jamiat –ul- Ulema elects its office – bearers as follow: Pir Muhammad Ismail Jan Sarhandi (President), Hafiz Muhammad Bachal (Vice President); Moulvi Haji Abdul Khaliq rawatsri (Vice President); Moulvi Muhammad Ibrahim & Moulvi Muhammad Salih (Secretaries); Pir Bux Khaskheli (Treasurer). 1941: It is Zul Haj Eid today and branches of Sindh Muslim League on the call of the party observe Pakistan Day. Public meetings are held and processions are taken out. In Mithiani, the public meeting is addressed by Moulvi Muhammad Hussain and in Gachero the function is presided over by Taj Muhammad Bughio. 1947: Chaudhri Zafarullah, former member of Viceroy’s council is included as Minister for External relations and Common Wealth affairs. 1951: The Governor – General of Pakistan, Ghulam Muhammad imposes Governor’s rule in Sindh, Sindh Legislative Assembly is dissolved. Sindh’s crime was that the province was not ready to take and accept dictation on very serious issues. 1956: Urdu Academy is inaugurated in Lahore. 1968: Asghar Khan meets Z.A.Bhutto in Sahiwal jail and assures him extending his full cooperation in the movement launched against Ayub regime and for restoration of democracy in Pakistan. 1970: 23 – Nation Second Islamic Conference of Foreign Ministers ends in Karachi. Most important decisions taken are: making of plan to set up Islamic Bank, news agency & cultural centers. 1979: Pakistan reacts on Afghanistan coup and terms it as violation of peaceful co – existence. 1985: Mir Murtaza Bhutto is convicted and charged with anti – state activities. 1994: MQM Chief Altaf Hussain warns government and demands to stop killings and arrests in Karachi. 1995: Twelve people die in Karachi violence.

No comments:

Post a Comment