Wednesday 6 December 2023

SINDH in history today (7th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{7th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {7th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Human-values, love & beauty and vision & wisdom are common assets and collective heritage for all. It creates problem, when they are individualized and their compliance is made to please any individual because of personal interest. It encourages to promote policy of discrimination, hatred and selfishness in society ] ھت ھرڪو صاحب جانب جادوگر، ڏسڻ کین ڏکیو پر دل ۾ سندن گھر، ھت جيڪي ھادي رھبر هوت دلبر، سي سڀئي محبت مارن لاء محشر، تون ڄاٹین جي سرت سونھن جو اثر، تان پوء ڏرت ڏمر ۽ ھي ظلم ۽ قھر، ٿئي ختم سارو شر, سرت سلام سان. ******* SINDH IN HISTORY TODAY (7th December) ****** BIRTHS: 7th December 1. Gobind Malhi (Shikarpur - Mumbai/Writer/ birth 7th December 1918 ), 2. Bheromal Bhambhani (Hala - Mumbai/Singer/ birth 7th December 1924), 3. Dr.Tanvir Abbasi (Sobhodero/Poet/ birth 7th December 1934), 4. Rahim Bux 'Halim' Sindhi (Poet/ birth 7th December 1937) , 5. Wali Muhammad 'Wafa' Pali (Khansahib Pali/Poet/ birth 7th December 1944), 6. Naqish Nayab Mangi (Shikarpur/Poet/ birth 7th December 1948 ), 7. Ghulam Rasool 'Pardesi' (Tharri Jado/Poet/ birth 7th December 1971), 8. Mansoor Abro (Larkano/Poet/ birth 7th December 1971), 9. Mir Mumtaz Birhmani (Paat/Writer/ birth 7th December 1984) ******* DEATHS: 7th December 1. Mian Muhammad Akram Katbari (Religious Scholar/ death 7th December 1868 ), 2. Moulana Abdul Qadir Panhwari waro (Religious Scholar/ death 7th December 1910), 3. Dayaram Gidumal Shahani (Hyderabad/Philosopher / death 7th December 1927), 4. Moulana Muhammad Madani (Maaroof Bhanbhro/Religious Scholar/ death 7th December 1978 ) ***** EVENTS: 7th December 1920: The Karachi Social Service League sends Telegram to the Governor of Bombay demanding revision of Pay scales of lower employees, Karachi Allowance and Rent Allowance for all. 1922: A public meeting is held by the local branch of the Khilafat Committee at Wagan of taluka Kambar. Moulana Mir Muhammad, the president of the occasion and other speakers dwell with political situation of the country and advise people to took part in the politics. 1947: Twenty thousand Indian Muslims reach Pakistan. 1948 : Pakistan demands that the issue of Hyderabad Dakhan be discussed in the Security Council of the U.N.O 1951: Sindh Governor asks Sindh Chief Minister K.B.Ayub Khuhro to tender his resignation. 1968: Uprising in the East and West Pakistan compells Ayub to react. He declares that his Govt. will not be shaken by the opposition rallies and meetings. He asks his party men to come out and frustrate the opposition's designs. 1970: The first - ever general elections on the basis of direct adult franchise are held in Pakistan for 313 National Assembly seats. Awami League emerges as the single largest party followed by PPP. Awami League earns 151 and PPP wins 81 seats. Jamait -i- Islami blames for rigging. 1976: Z.A.Bhutto inaugurates Supper Market in LaluKhet Liaquatabad, Karachi SINDH IN HISTORY TODAY (7th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 7 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 7.12.1842: نيپيئر نڀاڳي سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکيو ته خيرپوري ميرن طرفان موڪليل وفد اچي يقين ڏياريو آھي ته اسان انگريزن جا وفادار دوست آھيون ۽ رهنداسين. نيپيئر لکي ٿو ته پر مون کي هنن تي اعتبار ڪونهي. هو اوڀاريون لهواريو ڳالهيون ڪري معاهدي تي دستخط ڪرڻ ۾ وقت وٺڻ چاهن ٿا ته جيئن حيدرآبادي ميرن جو ردعمل ڏسن جن کي معاهدي جو متن پهچايو ويو آھي. خيرپوري ميرن جي هلت ۾ شڪ لڳو ته مان کلم کلا روهڙئ تي قبضو ڪندس. وري جيڪڏهن حيدرآبادي ميرن به تيري ميري ڪئي ته مان سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا تي ڪاهي ويندس. 7.12. 1922: تعلقي قمبر جي ڳوٺ وڳڻ ۾ مولانا مير محمد جي صدارت ۾ مقامي "خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي جلسو ٿيو. تقرير ڪندڙن ملڪي سياسي صورتحال تي ۽ انگريزن جي عوام-دشمن ڪارواين جي مذمت ڪئي ۽ ماڻھن تي زور رکيو ته سياست ۽ مذھب کان منھن نه موڙيو. [تحريڪ آزادئ جي حوالي سان سنڌ جي شاندار تاريخ رهي آھي. سنڌ جي وڏن شھرن کان سواء غير معروف ڳوٺن ۾ به سياسي سرگرميون زور شور سان ٿينديون رهيون ۽ اهڙن مثالن کان ٻين صوبن خواه هندستان جي حوالي سان تاريخ جا ورق خاموش آھن] 7.12.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته 20 هزار ڀارتي مسلمان پناهگير بڻجي هتي پهچي چڪا آھن.[ياد رهي ته "پناهگير" اصطلاح مان ظاهر آھي ته انھن هتي اچي پناه ورتي. هو ڀارت ۾ شروع ٿيل فسادن کان جان بچائڻ لاء پناه ورتي. ان ڪري پناهگيرن جي اڪثريت آزادئ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي نتيجي ۾ نه, پر جان ۽ عزت جي پناه وٺڻ لاء ھتي پهتا] 7.12.1951: سنڌ جي گورنر سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي کي استعيفا ڏيڻ لاء حڪم ڏنو. 7.12.1968: صدر ايوب خلاف عوامي نفرت ۽ ڌڪار ڪر کڻڻ شروع ڪيو ته هن پنهنجي پارٽي ورڪرن کي روڊن رستن تي اچي مخالفن کي ٽوٽا چٻائڻ جو تاڪيد ڪيو. 7.12.1970: پهريون دفعو بالغ راء دهي جي بنياد تي ملڪ ۾ آزاد چونڊون ٿيون ته پڌرا ڪيل نتيجن مطابق قومي اسيمبلئ جي 313 سيٽن مان عوامي ليگ 151 ۽ پيپلز پارٽئ 81 سيٽون کٽيون. جماعت اسلامئ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جو الزام ھنيو. 7.12.1976: پناهگيرن طرفان ڀٽي خلاف نفرت جي ٻرندڙ اوڙاه وارين حالتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ڪراچئ جي لالو کيت ۾ سپر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو. هئ تاريخي ڪڙو سچ آھي ته انھئ تقريب دوران لالو کيتي پناهگيرن ۽ ٻين مهاجرن ڀٽي خلاف ڀرپور بداخلاقئ جو مظاهرو ڪيو. *************** 7 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 7 ڊسمبر 1918ع ليکڪ گوبند پنجابي (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1924ع راڳي ڀيرومل ڀمڀاڻي گيهاڻي (هالاڻي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1925ع اردو جي ناليواري افسانه نگار انتظار حسين جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1934ع ناليواري شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر تنوير عباسيجو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1937ع ڪوٽ مير محمد سان تعلق رکندڙ شاعر حليم سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1944ع شاعر ولي محمد وفا پليجو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1947ع ليکڪ ۽ محقق رام سچانند جوهراڻي(لاڙڪاڻي /بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1948ع شاعر نقش ناياب منگي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1971ع شاعر غلام رسول پرديسي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1971ع شاعر منصور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1984ع پاٽ سان تعلق رکندڙ ليکڪ مير ممتاز برهماڻي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 7 ڊسمبر 1868ع مذهبي اسڪالر ميان محمد اڪبر ڪٽبري جي وفات ٿي. 7 ڊسمبر 1910ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر جي وفات ٿي. 7 ڊسمبر 1927ع فلاسافر، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ديارام گدومل شهاڻي جي ديهانت ڪري ويو. 7 ڊسمبر 1962ع صوفي، درويش، عالم ۽ شاعر ٻڍل شاهه بخاري جو لاڏاڻو ٿيو. 7 ڊسمبر 1978ع فريڊم فائيٽر مولانا محمد مدني (معروف ڀنڀرو) جو لاڏاڻو ٿيو. 7 ڊسمبر 2012ع ناليوارو ٽي وي اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر گذاري ويو.

No comments:

Post a Comment