Saturday 2 December 2023

SINDH in history today (3rd December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{3rd December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {3rd December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ I am doing my level best to please Allah, you my dear and myself, but all in vain. It is because of my limitations, mistakes and faults that I am not acceptable to you, even to my self. My Dear! Help me. What is way out? How you will be pleased?] نہ پاڻ نہ پرين نہ ئي خدا پرتو ڪوئي ڪين ٻھڳڻ ٻڌي ڪين ڪا هوء جابره سندي بين, اوڳڻ اهڙا جو اٿم پوء ملي ڪيئن تسڪين, ان لاء دنيا دلبر دين, کسي سونهن سلام کان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (3RD DECEMBER) ********** 3RD DECEMBER BIRTH DATES 1. Moulana Muhammad Qasim (Garhiyasin/Religious Scholar & Freedom Fighter/ birth 3rd december 1887) 2. , 2. Parcharam Tahilram (Ratodero - Ajmir/Arya Samajist/ birth 3rd December 1903) 3. , 3. Beg Muhammad 'Anwar' Bughio (Gud/Poet birth 3rd December /1934), 4. 4. Kan Ahuja (Garhiyasin - Ulhasnagar/Poet/ birth 3rd December 1934) 5. 5. Chakar Ali Junejo (Dhamraha/Politician/ birth 3rd December 1920), 6. 6. Imam Rashdi (Pir Goth near Naudero/Writer/ birth 3rd December 1960), 7. 7. Mustafa Malah (Dadu/Journalist/ birth 3rd December 1970), 8. 8. Mir Hajan Panhwar (Panhwar/Poet/ birth 3rd December 1979) ********* 3rd December DEATH DATES 1. Ghulam Muhammad 'Ghulam' (death 3rd December 1862) ********** 3rd December EVENT Part1 1838: Shah Shuja has made his mind to enter Kabul and British Govt. help this pupet as in his presence and rule it will be easy for them to block Russian entry in the British India. Military officers and Political Agent etc are directed to be in coordination. Mir Rustom Khan of Khairpur is requested to take personal interest and watch the situation with care and even help British officers, if situation requires. 1856: The difference of opinion is emerged on the project of construction of bridge between Sukkur and Rohri. Lieutenant Col . Jacob insists for abandon of that project and instead, working on the project for construction of a trunk road between Shikarpur and Karachi on the Right Bank of the Indus. But, the Commissioner's pinon get importance and approval accordingly and in this way Civilian authority is treated and accepted better than Military authority and opinion Part2 1885: With the Rs. 1500 donation by Diwan Nawalrai and more donation of Rs. 1500 by Diwan Sahijrai Advani, Hyderabad Municipality starts 'Shoukiram Chandomal Girls' School'. Diwan Nawalrai and his brother Sadhu Hiranand agree to impart education as teachers, free of cost. What a wonder trend is set by social workers of Sindh ! 1942: Congress leaders and workers arrested during 'Quit India Movement' are released in Sindh. 1971: Indian troops attack Pakistan's forward positions all along West Pakistan. ' War in Bangladesh is now war in India', declares Indra Gandhi, the Prime Minister of India. 'Order of the Day' is issued by Pakistan Air Force and C - in - C and war between India and Pakistan starts SINDH IN HISTORY TODAY (3rd December) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 3 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 3.12.1838: فرنگين پنهنجي جي ڪٽ پتلئ شاه شجاع کي افغانستان جو حاڪم ان ڪري تي بڻايو ته جيئن انھئ ملڪ کي پنهنجو دفاعي مورچو بڻائي پاڻ کي ڪنهن ٻاهرين يلغار کان بچائي سگهن. شاه شجاع کي خرچ پکي ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ لاء گهربل ڏوڪڙ فرنگين سنڌ جي حڪمرانن کان زورئ ڏن طور وٺي ڏنا. اڄ ڪمپني حڪومت مير رستم علئ کي پارت ڪئي ته شاه شجاع ڪابل تي ڪاهڻ جو سوچي رهيو آھي, اوهان اتان جي صورتحال تي نظر رکو ۽ وس پڳي شاه شجاع جا سهڪاري ٿيو. 3.12.1838: پاٽينجر اڄ خط ذريعي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته شاه شجاع ڪابل تي چڙھائئ لاء سوچيو ئي مس آھي ته مير حڪمران مخفي خط و ڪتابت ڪري قنڌار ۽ ايران کي اسان خلاف محاذ ٺاهڻ ۾ لڳي ويا آھن. 3.12.1842: ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته مير علي مراد سان رابطا ۽ ڳالهيون وقتائتيون ۽ ضروري آھن ۽ آئون تنھنجي کنيل قدمن جي منظوري ڏيان ٿو. [نيپيئر هڪ منافق چالباز هو. هن خيرپوري ميرن ۽ خاص طور تي مير رستم علي خان ۽ مير علي مراد خان ۾ اختلاف پيدا ڪيا ۽ مير علي مراد خان تي هٿ رکي پنهنجو مقصد پورو ڪيو] 3.12.1856: فرنگي سرڪار خشڪئ رستي اتر سنڌ مان پنجاب سان واپار ڪرڻ ۽ ڏکيئي وقت ۾ فوج کي شڪارپور, سکر يا خيرپور تائين جلدي پهچائڻ لاء سکر ۽ روهڙئ وچ تي پل ٺھرائڻ گهري ته حاڪمن عملدارن جو اهو به رايو جڙيو ته انھئ پل بنائڻ بدران شڪارپور سنڌوندئ جي اولھ ۾ شڪارپور کان ڪراچئ تائين ٽرنڪ روڊ ٺھرائجي. لفٽيننٽ ڪرنل انھئ روڊ ٺهرائڻ جي حق ۾ ھو, ليڪن سرڪار اڄ سندس راء رد ڪندي روهڙي-سکر پل ٺھرائڻ جو فيصلو ڪيو. 3.12.1885: حيدرآباد جي ديوان نولراء 1500 روپيا ۽ ديوان سهجراء به 1500 روپيا چندو ڏنو ۽ ان مان حيدرآباد ميونسپالٽئ "شوقيرام چندنمل گرلس اسڪول" کوليو. انھئ اسڪول به ديوان نولراء ساڌو هيرانند مفت ۾ پڙھائڻ جو ذمو به کنيو. [نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته 1885۾ نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاء ڌن-ڌڻين مالي ۽ علمي مدد ڪئي ۽ اڄ اسان جي زماني ۾ اهڙا مثال نه ٿا ملن] 3.12.1942: ڪانگريس هن سال ۾ ”هندستان ڇڏيو" واري فرنگين خلاف تحريڪ هلائي. سنڌ به هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترا ڪانگريسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. اڄ کان انھن کي آزاد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. [ياد رهي ته سنڌ جي ٿڏهوڪي وڏي وزير الله بخش سومري ڪانگريس جي تحريڪ وارن ڏهاڙن ۾ فرنگي سرڪار جو کيس ڏنل خطاب واپس ڪيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ کيس وڏ وزارت تان ڊسمس ڪيو ويو هو] 3.12.1971: انڊيا اڄ اولھ پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ڪيترا محاذ کوليا. اندرا گانڌئ اعلان ڪيو ته "بنگلاديش جي جنگ هاڻي اسان جي جنگ آھي. *************** 3 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 3 ڊسمبر 1887ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد قاسم سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1920ع سياسي اڳواڻ چاڪر علي جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1934ع شاعر بيگ محمد انور ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1960ع ليکڪ امام راشدي جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1970ع صحافي مصطفى ملاح جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1979ع شاعر ۽ اداڪار مير حاجن پهنور جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 3 ڊسمبر 1862ع غلام محمد غلام جو انتقال ٿيو. 3 ڊسمبر 2011ع باليووڊ اداڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار ديو آنند ديهانت ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment