Tuesday 12 December 2023

SINDH in history today (13th December). Translation by Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{13th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {13th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ The fire of hatred, discrimination and misue of force has caught and started buring every soul in our society. Dear! Come on! Save our souls. People, like me are waiting to witness light of your beauty, don't deprive them. You are beauty & love and vision & wisdom. Share it with kindness and without limitations. Be cause and reason for peace, unity and understanding, please.] ظلم ڏاڍ ۽ نفرت جي هئ جا ٻري باه سا جانب اچي وساء جي ترسن سندء سرت سونهن کي تن کي پيشاني پساء تون سچ صداقت محبت آھين مون کان منهن نہ لڪاء انا مسهپ متڀيد جا ڪروڌي ڪارا سڀ رنگ رانول مٽاء دنيا کي تون ٻڌاء, اهميت عظمت سک سڪون سلام جي ****** SINDH IN HISTORY TODAY (13th December) ******** BIRTH: 13th December 1. Dr. Ghulam Ali Sangi (Dodai/Scholar/ birth 13th December 1934), 2. Abdul Fatah 'Sharjil' (Kazi Ahmad/Artist & Poet/ birth 13th December 1938 ) 3. Muhammad Malook Abbasi (Muhammad Khan Kalhoro/Folklore Poet/ birth 13th december 1944), 4. Muhammad Hashim 'Hajan' (Poet/ birth 13th December 1946), 5. Ibn Laiq Soomro (Johi/ birth 13th December 1961), 6. Khadim Hussain Rind (Kambar/Writer/ birth 13th December 1963), 7. Jawaid Solangi (Naudero/Journalism). ***** DEATHS: 13th December 1. Mufti Makhdoom Abdullah Mahesar (Mitpur/Religious Scholar/ death 13th December 1749) 2. , 2. Seth Partabrai (Politician/ death 13th December 1965), 3. 3. Faqir Ali Gohar Shar (Mengho Faqir Shar/Saint Poet/ death 13th December 1989), 4. 4. Shams Soomro (Dadu/Ex - Secretary General Sindhi Adabi Sangat/ death 13th december 2003), 5. 5. Tajal Bewas (Sobhodero/Poet/ death 13th December 2008) ****** EVENTS: 13th December 1838: 'Native Chiefs will be held responsible with respect to our or peoples property plunders with crossing their territories.' Govt. of India asks Colonel Pottenger to inform Sindh rulers. 1939: Sindh rulers start underestimating themselves and their dignity. Aliens are invited to indulge in their matters. Ross Bell , Political Agent decides the dispute between Mir Ali Murad Khan and Mir Nasir Khan of Khairpur relating to the right of possession over five villages. 1931: Preaching Committee is constituted by JUI of Jacobabad consisting of Moulvi Nabi Bux Oodi, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Dur Muhammad and Moulvi Abdul Latif. The committee will preach teaching of Islam on every first Eriday in various villages of the district. 1934: Jageer cess is minimized from Rs. One to eight Annas for Nawab Ghaibi Khan Chandio. He is paying this cess to the District Local Board Larkano. 1947: Adoption of Urdu as official language is not acceptable to Bengalis. Language - riots erupts in many cities of the East Bengal (East Pakistan). So many are injured. 1951: Muhammad Ayub Khuhro refuses to tender resignation as Sindh Chief Minister. He was asked by the Sindh Governor. 1953: 'Muslim League was responsible and involved in air agitation against Ahmadis. 1971: Pakistan's Deputy Prime Minister & Foreign Minister Z.A.Bhutto demands U.N protection to preserve unity of Pakistan and stopping foreign intervention. SINDH IN HISTORY TODAY (13th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.12.1838: ڪمپني حڪومت اڄ پاٽينجر هٿان ميرن تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ جتي به اسان جي ماڻھن ۽ مال کي نقصان پهتو ته ان لاء حڪمران ئي ذميوار هوندا [ياد رهي ته سنڌ جو عوام فرنگين جي نيتن کي پرکي چڪو هو, ان ڪري کين جتي موقعو ملندو هو ته ڌارين کي بيعزتو ڪري ڦريندا هئا] 13.12.1839: سنڌ جي حڪمرانن نفسياتي طور فرنگين کي معتبر ۽ منصف تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. خيرپور واري مير نصير ۽ مير علي مراد جو ڪن ڳوٺن جي مالڪئ بابت اختلاف ٿيو. اسان جي حاڪمن حڪمرانن فرنگي سفارتڪار کي گذارش ڪئي ته تون اهو فيصلو ڪر. 13.12.1840: حيدرآباد درٻار بابت اڄوڪي فرنگين جي جاسوسئ وارئ رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي مير صوبدار خان اسان کي درٻار ۾ وٺي ٿي ويو, پر ماڻھن جي اهڙي پيھ هئي جو اسان کي اتان واپس وٺي ويو ۽ دربار جي ٻئي ڪمري ۾ ويهاريائين. اتي به ماڻھون گهڻا هئا. سيد زين العابدين اتي اچي مليو ۽ ٻڌايائين ته مير هن ڪمري ۾ جلد اچي اوهان سان ملندا. ٿورئ دير بعد مير مير محمد, نصير خان, مير شھداد خان ۽ مير حسين علي آيا. اسان طرفان کين پٽڪن ۽ لونگين جو تحفو ڏنو ۽ ٻڌايوسين ته انگريز سرڪار سان ياري رکڻ ۽ معاهدي ڪرڻ تي اسان جي سرڪار اوهان اهو تحفو ڏنو آھي. [هئ هئي ته مختصر ڳالھ ۽ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري پئي سگهجي ته ميرن سان ملي کين پٽڪا ٻڌراياسين. پر جاسوس جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو, اهو سمورو احوال نوٽ ڪيائين.] 13.12.1842: گورنر جنرل ايلبرو فيروزپور مان نيپيئر کي لکيو ته خوشي ٿي ته ميرپوري مير سان معاهدو ڪري ڇڏيئي. خيرپوري مير منھنجي خيال ۾ ان وقت تائين خاموش رهندا ۽ معاهدي ڪرڻ کان لنوائيندا, جيسيتائين کين حيدرآبادي ميرن جي عمل ۽ ردعمل جي خبر پئي. حيدرآبادي مير وڏي غور سان افغانستان جون حالتون جاچي رهيا آھن ته ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي. هو ان کان پوء ئي معاهدي ڪرڻ بابت فيصلو ڪندا. توکي پنهنجئ فوج جي چرپر کي تيز ڪري, ميرن کي ذھني دٻاء ۾ رکڻ گهرجي. جيترو جلد سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا بهاولپور جي نواب کي ڏينداسين, اوترو جلد اسان کي ميرن سان ڏاڍ مڙسئ سان معاهدي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. 13.12.1842: اتر سنڌ بابت جاسوسي رپوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خيرپوري ميرن عنايت علي خان ۽ لالا سکنداس کي مٺياڻئ موڪليو هو ته جيئن ميجر آئوٽرام جي پهچڻ تي سندس آڌرڀاء ڪن پر مير محمد حسين کين ان ڪري واپس گهرائي ورتو ته انگريزن کي ايترو معتبر سمجهيو وڃي. خيرپوري ميرن حيدرآڀادي ميرن کي نياپو ڪيو ته انگريز روهڙئ تي قبضي ڪرڻ جي تيارئ ۾ آھن. خيرپور واري مير نصير جنگي تياري شروع ڪئي آھي ۽ هن جا ماڻھون چندو گڏ ڪري رهيا آھن. خيرپور ۾ انديشو ڏيکاريو پيو وڃي انگريز گهوٽڪئ طرف پيش قدمي ڪندا. ان لاء ميراڻي عورتن ۽ ٻارن کي راجستان واري رڻ طرف محفوظ ھنڌ پهچائجي. 13.12.1934: نواب غيبي خان جي جاگير ٽيڪس جو وڏو حصو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ بورڊ کي ملندو هو. سرڪار اڄ غيبي خان کان وصول ٿيندڙ جاگير ٽيڪس ۾ مجموعي تور تي گهٽتائي ڪئي. 13.12.1947: بنگالين اردوء کي قومي ٻولئ طور قبول ڪرڻ کان ٺڦ انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ شروع ٿيا. 13.12.1953: اها خبر عام ٿي ته پنجاب ۾ قاديانين خلاف وڳوڙ ڪرائڻ ۾ مسلم ليگ جو هٿ هئو. پر جماعت اسلامي انھن جهيڙن ۾ نالو ڪمايو. 13.12.1971: پاڪستان جي ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير ذوالفقار علي ڀٽي اڄ اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي استحڪام کي بچايو ۽ ٻاهرين مداخلت بند ڪرايو. *************** 13 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 13 ڊسمبر 1934ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1936ع ليکڪ تلسي منگهاڻي جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1938ع ليکڪ ۽ مصور فتاح هاليپوٽي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1944ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسيجو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1946ع شاعر محمد هاشم حاجن جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1961ع جوهي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ابن لائق سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1963ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ خادم حسين رند جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1968ع نئين ديري جي صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1985ع شاعر شاهجهان سُميل جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 13 ڊسمبر 1749ع مذهبي اسڪالر مفتي عبدالله مهيسر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 1965ع سياستدان سيٺ پرتاب راء ديهانت ڪري ويو. 13 ڊسمبر 1989ع صوفي شاعر فقير علي گوهر شر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 2003ع سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شمس سومرو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 ڊسمبر 2008ع ناليواري شاعر تاجل بيوس جي ڪراچي ۾ وفات ٿي

No comments:

Post a Comment