Friday 1 December 2023

SINDH in history today (2nd December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{2nd December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {2nd December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [In my society, common people like me are facing tough time due to attitudes, approaches and behavior of our own people. Those people are behaving in contradiction of education, religion & culture. They only love to hate & hurt, exploit & undermine everybody and create distances & differences between hearts and minds without reason & justification .They are high risk for beauty & love and peace & progress. DEAR! LET US DISCOURAGE THESE PEOPLE] عزت محبت ۽ شفقت، پر سواء ڪنهن ارمان, اسان مارون ماٹھون تو کان طلبيون جیئدان، پراون پاسو ڪري ڪيو نہ ڪڏھين پريشان، پوء پرين تون ڪوه ڪرين بلا ناغي نقصان؟ محبت ماٹھپی سواء بڻجي تون ڇو مستان، پيو وڙھين ویری بٹجي سونھن سلام سان. ‏‎ ‎ ************** SINDH IN HISTORY TODAY (2nd DECEMBER) 2nd December ************* BIRTH DATES Allama Ghulam Umar Jatoi (Sono Jatoi/Religious Scholar/ birth 2nd December 1833), Tilokchand Sharma (Politician/ birth 2nd December 1896), Syed Piral Shah 'Piral' (Sahkji/Poet/ birth 2nd December 1898), Rocho 'Khuwabi' (Nawabshah - Ajmir/Poet/ birth 2nd December 1926), Habibullah Narijo (Naudero/Nationalist/ birth 2nd December 1950), Khaliq Bughio (Guchero Purano/Writer/ birth 2nd December 1970) ************ DEATH DATES 1. Abdul Sattar Sufi (death 2nd December 1961), 2. Moulvi Qari Essa (Religious Scholar/ death 2nd December 1963 ********** EVENTS 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. that Meer Noor Muhammad Khan is willing to pay his share to the tribute of Shah Shuja. Ghulam Shah deputed by Meer for helping us in purchasing of grain is not cooperating properly, but is bent upon to create problems. Meer Noor Muhammad called all the Balochs to Hyderabad and brought all with guns to enclosure to my camp and informed our Native Agent that they will oppose the British army but if Pottenger gave him assurance of the safety of country he would issue orders for dispersal of Baloches. 1857: His Highness Meer of Khairpur expresses his loyalty for the British Govt. and desires to serve whenever required by it. His letter is forwarded to the Secret Committee. 1882: First ever Social - cum - political organization 'Sindh Sabha' is formed in Karachi. Dyaram Jethmal, Hassan Ali Effendi and Parsi community leaders are its founder members. The Sindh Sabha played vital role in Social sector and deeply influenced Municipal elections in Karachi. 1923: Lala Lajpatrai is in Karachi. Municipal Corporation presents Welcome Address to him . KMC record is most important source on our history and yet to be researched and preserved. 1964: Political parties term defeat of Fatima Jinnah in the Presidential election as result of rigging. White Paper is issued by them. 1973: Ex - federal minister Khan Abdul Saboor, other officers and 40 thousand people involved in helping Pakistan army are released in Bangladesh SINDH IN HISTORY TODAY (2nd December) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ************ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 2 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 2.12.1838: ڪرنل پاٽينجر شڪارپور ۾ مقيم ليفٽيننٽ ڪرنل برنس کي اڄ خط لکي ٻڌايو ته مون کي ميرن جي نيت تي شڪ آھي ۽ سنڌ مان اٺن, گاه ۽ اناج خريد ڪرڻ لاء اسان کي پروانا شايد نه ڏين. 2.12.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مير نور محمد راضپو ڏيکاريو آھي ته هو شاه شجاه کي ڏن جو مقرر ڪيل حصو ڏيندو. مير پنهنجي طرفان غلام شاه کي ڪم سونپيو آھي ته هو سنڌ مان اسان کي اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪري, پر غلام شاه اسان سان سچائي نه ٿو ڪري, ان ڪري خريدارئ واري ڪم جي رفتار بلڪل سست آھي. مير نور محمد ٻروچن کي گهرايو هو. اهي مسلح ٿي منھنجي ڪئمپ کان گهڻي اچ وڃ ڪندا رهيا ۽ ماڻھن کي چوندا رهيا ته فرنگي چپ چاپ ۽ شرافت سان سنڌ مان افغانستان طرف نه ويا ته اسان فرنگي فوج سان جنگ وڙھنداسين. 2.12.1846: ڪمپني حڪومت سنڌ جي صوبائي سرڪار کي اجازت ڏني ته "بوٽ کاتو" Boat Department ڀلي قائم ڪيو. [ياد رهي ته انگريزن جي ابتدائي دور ۾ ڪراچئ کان ملتان تائين آگبوٽ ھلايا ويندا هئا. انھن جو پهريون صدر دفتر جهرڪ ۾ هوندو هو, ان کان پوء گدو بندر ان جو وڏو بندر هوندو هو] 2.12.1847: سنڌ جي ڪمشنر اڄ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر کان پڇيو ته تنهنجي ضلعي ۾ قائم ڪيل بگٽين واري ڪئمپ جو جيڪو جيئن انتظام رکيو ويو آھي, اهو بهتر آھي يا اوهان ڪي تبدليون آڻڻ چاهيو ٿا. [ياد رهي ته بگٽي قبيلي وارا ڦرلٽ ڪرڻ لاء سنڌ ۾ ايندا هئا. انھن مان ڪيترن کي سرڪار پڪڙي ڪئمپون ٺاهي انھن ۾ رکيو ۽ سندن ڏوهن جي عادت مٽائڻ لاء تربيت به ڪئي ۽ پوء انھن کي سنڌ ۾ مختلف ضلعن ۾ آباد ڪيو ويو] 2.12.1857: مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته فرنگي سنڌ جا اڃان حڪمران نه ٿيا هئا ته انھن سان ياري ۽ وفاداري رهي ۽ هاڻي به اڳ کان اڳري وفاداري رهندي. 2.12.1882: سنڌ ۾ سماجي ۽ نيم سياسي نوعيت واري تنظيم "سنڌ سڀا" قائم ٿي. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو جنم گهڻو پوء ٿيو. 2.12.1923: لالا لڄپتراء سنڌ ۾ آيو ۽ اڄ ڪراچي ميونسپل کيس دعوت ڏئي گهرايو ۽ هن اتي خطاب ڪيو [ڪي.ايم.سي جي پراڻي رڪارڊ ۾ سنڌ جي تاريخ جو انمول خزانو موجود آھي ۽ اسان جي وڏڙن جي غلطئ سبب اهو محفوظ ٿي نه سگهيو ۽ هاڻي سنڌي تحقيق ڪرڻ ته ڇا پر ڪي.ايم.سي جي ديوارن کي به هٿ لڳائي نه ٿا سگهن] 2.12.1964: مخالف ڌر "وائيٽ پيپر" جاري ڪيو, جنهن ۾ شاهديون ثابتيون ڏنيون ويون ته ايوب ڌانڌلي ڪري صدارتي چونڊ کٽي ۽ زورئ فاطمه جناح کي شڪست ڏياري. *************** 2 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 2 ڊسمبر 1833ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام عمر جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1896ع اديب ۽ سياستدان تلوڪچند شرما(ڀريا / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1898ع شاعرسيد پريل شاهه پريل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1926ع شاعر روچو خوابي (نوابشاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1950ع جيئي سنڌ اڳواڻ حبيب الله ناريجو جي نئون ديرو ۾ پيدائش ٿي. 2 ڊسمبر 1970ع صحافي خالق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 2 ڊسمبر 1961ع عبدالستار صوفي جو انتقال ٿيو۔ 2 ڊسمبر 1963ع مذهبي اسڪالر مولوي قاري عيسى جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment