Friday 15 December 2023

SINDH in history today (16th December). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Sindh history [16th December.] ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 16 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن ۽ پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 16.12.1833: حيدرآباد ۾ مقيم فرنگين جي "مقامي ايجنٽ“ ڪرنل پاٽينجر کي اطلاع ڪيو ته مير مراد علي خان گذاري ويو آھي. پاٽينجر ان زماني ۾ ڪڇ جو پوليٽيڪل ريزيڊنٽ ھئو. پاٽينجر ان تي مير نور محمد ۽ مير مير محمد کي تعزيتي خط لکيا. مقامي ايجنٽ پاٽينجر کي اهو لکيو ته مير ممبئي سرڪار کي تحفا موڪلن گهرن ٿا. 16.12.1848: ممبئي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ميجر جيڪب کي فرنٽيئر جي پوليٽيڪل چارج ڏني آھي. [ياد رهي ته سنڌ جڏهن آزاد ملڪ هئو ته ان ۾ ”ريزيڊنٽ“ رکيا ويندا هئا, جيڪي سفارتڪاري ڪندا هئا. سنڌ تي فرنگين جڏهن قبضو ڪيو ته فرنٽيئر (جيڪب آباد) ۾ ميجر جيڪب کي اتان جي پوليٽيڪل چارج به ڏني وئي ته جيئن هو هنگامي طور تي ڪمشنر کان ٻڌائڻ کان سواء قدم کڻي سگهي. سنڌ ۾ ميجر جيڪب واحد ضلعي عملدار هئو, جنهن کي پوليٽيڪل چارج ملي ته جيئن جابلو قبيلن طرفان ٿيندڙ ڦر لٽ ۽ افرتفرئ کي منھن ڏئي سگهي] 16.12.1924: نامور وڪيل شيخ نور محمد جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ٻن ڏهاڙن واري "آل سنڌ محمدن تعليمي ڪانفرنس" ٿي, جنهن جي صدارت سر ابراهيم رحمت ڪئي هئي. مشاعرو ڪانفرنس جي آخري نشست هو, جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي. 16.12.1930: پنجاب جي ڀائي پرمانند جي صدارت ۾ سکر ۾ ”ھندو سميلن" ٿيو. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان 400 وفدن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي وئي. 16.12.1932: سنڌ ۾ مسلمانن "سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جو ڏينھن" ملهايو. جتي ڪٿي گڏجاڻيون ۽ جلسا ڪيا ويا. 16.12.1940: قائد اعظم محمد علي جناح اڄ ڪراچئ ۾ سنڌ جي مسلم ليگين جي گڏجاڻئ جي صدارت ڪئي ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ۽ فعال بنائڻ ۽ شاخون کولڻ لاء جي.ايم.سيد جي اڳواڻئ ۾ ”ايگزيڪيوٽو ڪميٽي" قائم ڪئي. ان ڪميٽئ تي قاضي فضل الله, محمد هاشم گذدر, آغا غلام نبي, يوسف هارون, عبدالستار جان سرهندي, حسين بخش شاه ۽ فيض محمد مڱريو ميمبر طور رکيا ويا. 16.12.1957: ملڪ فيروز خان نون پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو. [1947 کان 1971 تائين سنڌ جا سياستدان اقتدار جي ايوان ۽ وزير اعظم جي عهدي کان پري رهيا] 16.12.1968: ايوب-شاهئ خلاف اوڀر پاڪستان ۾ ته جلسا جلوس ٿيندا رهيا, ليڪن اڄ انھن جلوسن جو آغاز اولھ پاڪستان ۾ ٿي ويو. 16.12.1971: پاڪستان ٽٽي پيو. اوڀر پاڪستان جدا ٿي بنگلاديش نالي نئون ملڪ قائم ٿيو. لفٽيننٽ جنرل نيازئ انڊيا جي ليفٽيننٽ جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. نوي هزار پاڪستانين کي جنگي قيدي بڻايو ويو. 16.12.1988: بينظير جي حڪومت بلوچستان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. 16.12.1991: ايم.ڪيو.ايم جي قائد الطاف حسين سياست تان بانء ڪئي. *************** 16 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 16 ڊسمبر 1916ع ليکڪ چوهڙ مل ڌنواڻي (محبت ديرو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1917ع ناليواري اسڪالر، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1923ع ليکڪاي جي اتمچنداڻي (حيدرآباد /بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1927ع ليکڪ حبيب بروهي جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1928ع ليکڪ رام فقير(ڪوٽڙي/الهاس نگر) جي پيدائش ٿي. 16 ڊسمبر 1936ع شاعر ۽ گلوڪار ديال آشا(خيرپور/ الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1936ع گلوڪار سشي آهوجا (لاڙڪاڻو / بمبئي)جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1951ع ليکڪا ۽ سياسي ڪارڪن اختر بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1961ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪا حميده ملاح جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1964ع ليکڪ ساجد قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1968ع ليکڪ بهادر بهڻ جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1975ع ليکڪ گلشن سنڌو سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1976ع ڪنب سان تعلق رکندڙ ليکڪ دريا خان شنباڻي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 16 ڊسمبر 1651ع سنڌ جي حاڪم مرزا عيسى خان ترخان (ثاني) جي وفات ٿي. 16 ڊسمبر 1916ع ڀريا سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ ڪوڙومل چندن مل ديهانت ڪري ويو. 16 ڊسمبر 1966ع گلوڪار نارومل ڀاڳت ديهانت ڪري ويو. 16 ڊسمبر 2004ع ناليوارو موسيقار فيروزالدين انتقال ڪري ويو Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ My Good Wishes are not as a tradition and for the tradition. They are very serious pray and an effort to invite your attention. Since centuries you have been avoiding to understand yourself. Whereas, I have been telling you that you are Truth & Ground Reality. You are Love & Beauty and you are Source of Vision & Wisdom. You are Source of resolving our problems related to Heart & Mind, Body & Soul. You are Second to none Ideal. But, not playing your role accordingly and properly.] ساجن ڪڏھن تہ سمجھ پاڻ کي ڪڏھن تہ ٻڌ اسان کي, دانهون درد فراق جون مونجهارن مامرن جون آھن جي, صدين کان جيڪي,ڪيان گوش گذار هر سلام سان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1833: Native Agent at Hyderabad informs Colonel Pottenger, Political Resident of Cutch about the death of Mir Murd Ali father of Mir Noor Muhammad Khan and states more that Mir Noor Muhammad Khan and Mir Muhammad Khan had determined to send presents to Bombay Government. 1848; Bombay Government informs Sindh Commissioner that the political charge of the Frontier will be held by Major Jacob. 1924: With initiate and efforts of Advocate Noor Muhammad Shaikh, two - day“All Sindh Muhammadan Educational Conference” is held at Hyderabad and is presided over by Sir Ibrahim Rahmatullah . The Conference ended with poetic sitting with Mirza Kalechbeg in chair. It was a big event of education and literature. 1930: Hindu Sammelan is called at Sukkur with Bhai Parmanan in chair. It is attended by four hundred delegates from all parts of Sindh. The Conference passes resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency. It was amazing those Hindus and Muslims invited/imputed leaders from Punjab to speak and help them on the issue. Bhai Parmanand was from Punjab also. 1932: The “Sindh separation Day is observed in Sindh by majority of Muslim segment of society. Meetings are held and processions are taken out in support of the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1940: Quaid i- Azam isin Karachi and forms Executive Committee under the chairmanship of G.M.Syed to open more branches of the Muslim League in Sindh. Committees other members are Qazi Fazulullah, Muhammad Hashim Gazdar, Agha Ghulam Nabi Pathan, Yousif Haroon, Abdul Sattar Jan Sarhandi, Syed Hussan Bux Shah and Faiz Muhammad Mangrio. 1941: Karachi City Muslim League Conference is held at Karachi. 1957: Milak Feroz Khan Noon is sworn in as Prime Minister. 1968: PDM opposition parties and students continue to demonstrate in various towns of West Pakistan. 1971: East Pakistan falls and Bangladesh comes into being. Following an arrangement between Lt. Gen. Arora of India and Lt. Gen. Niazi fighting ceases in East Pakistan and Indian troops enter in Dhaka. Some ninety five Pakistani troops surrender. 1988; Balochitan Assembly is dissolved. Benazir Bhutto, Prime Minister terms it as constitutional. Whereas opposition parties condemn the action. 1991: Altaf Hussain, Chief of MQM, announces his decision to quit politics. 1999: Benazir urges U.S to review Pressler Amendment and reiterates that there is no question of rolling back Pakistan’s’ nuclear programme.

No comments:

Post a Comment