Tuesday 24 October 2023

SINDH in huistory today (25th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{25th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan)25 th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! You are not. only integral part of this beautiful Universe, but you have Universe within yourself. Behave like Universe and follow its traditions. Sun, Air, Water and Trees are not for self and self interests. They are for all without any discrimination. Why you are following discrimination, hatred and self - interest? Why you are selective in love and respect? Why you are depriving so many people, including me of your vision & wisdom and love & beauty?] چاهين نہ جي چت سان تون پکا ۽ پنهنوار، تہ محبت خدمت نقلئ جي آھي توتي ميار، سج ڇنڊ ۽ هوا سڀ لاء سمجه اهي اطوار، تون هڪ جو ناهي پاڻ لاء ناهين فقط يار، انا متڀيد خود غرضي ڪري گهڻا پيدا آزار، لھ ساجن اچي سار، سرت سونهن سلام سان ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (25th of October) ************* BIRTHS: Satram Bhagwanani (Rohri > Poono/Poet/1904), Mirza Qambar Ali Baig ‘Hydri’ (Hyderabad/Poet/1906), Lachhman Jasoja (Sindh > Ahmadabad/Writer & Stage Director/1937), Srichand Keswani (Writer/1947), Ambrat Wasvani (Artist/1959), Zulfikar Hesbani (Gul Muhammad Hesbani/Artist, Writer & Radio Anchor/1961), ‘Akash’ Soomro (Poet & Journalist/1964). ************* DEATHS: Zarina Baloch (Allahdad Chand/Singer & Political Activist/2005), Raahim Sidiki (Larkano/Poet/2005). ************* EVENTS: 1838: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Noor Muhammad Talpur has asked his brother Mir Mir Muhammad Khan that it was useless to rely on British Government and the best course was to send Colonel Pottenger away and declare allegiance to Persia. (Source: letter No.127). 1847: Collector of Shikarpur informs Government that Robber Dotal Moondrani Bugti has been captured by Adjutant Alim Khan of Mounted Police. (Source: letter No.13). 1849: Major Jacob requests Sindh Commissioner that border force were suffering from fever, therefore for the protection of the Northern Frontier of Sindh, detachment of Sindh Horse serving in Punjab be ordered back to Upper Sindh. (Source:letter 240). 1949: Pakistan Newspapers editors’ Conference terms Pakistan Public Safety Ordinance as a high-risk for freedom of press and demands its withdrawal. (Source: Newspapers). 1964: President Ayub, candidate in presidential election and facing Fatima Jinnah issues his thirteen hundred worded election manifesto. He promises to ensure participation of people in governance and safeguarding the honour and dignity of people and country. (Source: Newspapers). 1972: China accuses Soviet Union of aggression to dismember Pakistan. (Source: Newspapers). 1989: Nawaz Sharif and Altaf Bhai are now Bhai Bhai and both pledge to unseat Benazir Bhutto. It is declared in joint press conference in Karachi. (Source: Newspapers). 1990: National Assembly election results reveal that PDA is routed in Punjab, Sindh majority is cut down. Veterans Pir Pagaro, Wali Khan; Nawabzado Nasrullah and Asghar Khan lose. IJI gets 104 and PDA wins 45 seats.(Source: Newspapers). 2000: NAB unveils $1.5 billion assets of Benazir Bhutto and Asif Zardari. (Source: Newspapers) ( 25 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 25.10.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل ڏانهن خط لکيو, جيڪو ڇاپي صورت ۾ وڏن 6 صفحن تي مشتمل آھي. انھئ طويل ترين خط جون ڪي خاص ڳالهيون آھن: (1). شاه شجاع پنهنجا ٻه معاهدا ميرن ڏي موڪلي ڏنا آھن,(2). اپت مان هر سال ھر هڪ حيدرآبدي مير کي پنج لک روپيا ملن ٿا,(3). سنڌ ملڪ ۾ واپار اڪثر ڪري شين جي مٽا سٽا مطابق هلندو آھي, (3). هر ڪو مير ائين چاهي ٿو ته هن سان رکيل دوستي جهڙي دوستي ڪنهن ٻئي مير جي دوستئ جهڙي نه هجن گهرجي,( 4). پرشيا جي حاڪم محمد شاھ ميرن ڏي قاصد ڪيا آھن ته اچو ته پاڻ ۾ اتحاد ڪري روس سان ملي انگريزن جي توسيع پسندئ کي روڪيون. مير هن سان رابطي ۾ آھن, (5). مير رڳو ڳالهيون ٿا ڪن ۽ پروانن ڏيڻ ۾ ٽال مٽول ٿا ڪن. ان ڪري اتر سنڌ ۾ برنس ۽ ڪراچئ ۾ سيٺ نائونمل اسان جي فوج لاء ان ۽ اٺ خريد نه ٿا ڪري سگهن, (6). حيدرآبادي مير اسان کي شڪارپور ۾ فوج رکڻ ۽ مير رستم علي خان سان معاهدي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا آھن. 25.10.1838: شاه شجاع يڪطرفا ٻه معاهدا لکي مير علي مراد, مير نصير محمد ۽ مير نور محمد ڏي ڏياري موڪليا. جن جو لب لباب هئ آھي ته مان 50 ڏينھن شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ترسندس. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي منھنجي ڪا مرضي ناهي. 25.10.1841: ميجر آئوٽرام کي سنڌ ۽ بلوچستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. ھي ميرن کي شڪست ملڻ تائين سنڌ ۾ رهيو. نيپيئر جي پاليسئ ۽ قدمن جي مخالفت ڪندو رهيو ۽ هن نيپيئر خلاف اخبارن ۾ لکي کيس ڏاڍو بڇڙو ڪيو. 25.10.1842: اڄ ڻيپيئر سکر مان آئوٽرام ڏي خط لکي ٿو, جيڪو حيدرآباد ۾ آهي. خط ۾ لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن بابت ڪئپٽن مائلينڊ جو لکيل ميمورنڊم بلڪل درست آھي. حيدرآبادي ميرن جي بي وفائين ۽ سازشن جو توڙ ڪڍڻو پوندو ۽ سندن حڪمرانئ يا وارثئ بابت اسان کي ڪجھ نه ڪجه ڪرڻو پوندو. مير نصير خان بدران مير ميرمحمد کي تخت ڌڻي ڪجي. هن جي مرڻ کان پوء مير صوبدار ۽ سندس پٽ تخت جا واث ٿين. جيسيتائين انھئ جي گورنر جنرل کان منظوري ملي, في الحال مير نصير خان بدران هڪ دم مير صوبدار جو خاندان ملڪ جو والي ڪجي. 25.10.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکي ٻڌايو ته بگٽين جي اڪثريت اسان اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا آھن. انھن مان هڪ مشهور ڏوهاري ڏوتل موندراڻي بگٽي ڀڄي ويو هو, اهو به پڪڙيو اٿئون. 25.10.1920: ٽرمبڪ لال ديو شنڪر جي "شري ونڪر آريا هٽ وردڪ ناٽڪ ڪمپني" هوندي هئي. ان ۾ 110 ماڻھون ڪم ڪندا هئا. انھئ ناٽڪ ڪمپنئ ڪراچئ جي "شيوارام ٿيئيٽر هال" ۾ “چترا ڪمار" نالي ڊرامو اسٽيج ڪيو. ان طرفان ٻئي ڏينھن تي وري "برهم ڪماري" ڊرامو به ڪيو ويو. ياد رهي ته ٿيئٽر هال کيمچند آسنمل جو هو. ان ۾ اڪثر ڪري ٻاهران ايندڙ ناٽڪ ڪمپنيون ڊراما ڪنديون هيون. 25.10.1989: نواز شريف ۽ الطاف حسين ڪراچئ ۾ گڏيل ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر قيمت تي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڊاهي ساه پٽينداسين. پاڪستان ۾ جڏهن سياسي حڪومت هوندي آھي ته مخالف ڌر وارا ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. وري جڏهن مارشل لا حڪومت هوندي آھي ته ان جو زور احساب تي ۽ نئين سياسي نظام نافذ ڪرڻ جي زور هوندو آھي. ملڪ ۾ حڪمرانئ جو مقصد ۽ ڪم اهو ئي رهيو آھي. 25.10.1990: ڪاله ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ۽ اڄ نتيجا ڪڍيا ويا. قومي اسيمبلئ ۾ آء.جي.آء 104 سيٽون ۽ پي.اي.ڊي وارن 45 سيٽون کنيون. پنجاب ۾ پيپلز پارٽئ جي تڏا ويڙھ ٿي ۽ سنڌ ۾ ان جي پهرين حيثيت گهٽجي وئي. پير پاڳارو, ولي خان, نوابزادو نصرالله ۽ اصغر خان هارايو. 25.10.2000: نيب اختيارئ وارن چيو ته بينظر ڀٽو ۽ آصف زردارئ جا اثاثا 1.5 بلين $ آھن. *************** { 25 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: *************** 1904ع شاعر سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي(روهڙي / پونا). 1906ع مرزا قمر علي بيگ حيدري. 1926ع نامياري چترڪار اسماعيل گل جي. 1937ع ليکڪ لڪشمڻ جسوجا (سنڌ / احمد آباد). 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي. 1959ع اداڪار امبرت واسواڻي. 1961ع آرٽسٽ ذوالفقار هيسباڻي. 1964ع شاعر آڪاش سومرو. *************** [وڇوڙو]: *************** 1995ع نامياري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسي. 2005 لوگ گلوڪاره، استاد، ڪهاڻيڪار ۽ سياسي ڪارڪن زرينه بلوچ. 2005ع شاعر راحم صديقي.

No comments:

Post a Comment