Monday 23 October 2023

SINDH in history today (24th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{24th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {24th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ If you intend to live wonderful life full of peace and happiness, go to the court of your dear. If you are not allowed and accommodated accordingly, don't leave the door. It is your destination and only place of love & beauty. Be there till your sincerity, sacrifice and trust is accepted by Beloved and everybody.] جو دوست مٺي جو در شھر, لکجي ات ئي اسان جو مقدر, ات ئي عشق محبت جو بحر, قربانئ وفا جو کڻي ساڻ ثمر, وڃي وٺجي فقط اهو ئي در, ٿجي نشابر, اتي رهي عشق ۾. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (24th OCTOBER) ************* 24th October BIRTH DATES Khowaja Muhammad Hassan (Luwari/Saint/1819), Siraj-ul-Haq Memon (Tando Jam > Karachi/Journalist & Writer/1933), Kala Hazari (Karachi > Jaipur/ Actress & Singer/1938), Fazul Suleman Kazi (Banker & writer and Student leader/1938), Srichand Keswani (Larkano > Ahmadabad/ Artist, Journalist & Artist/1947), Daya Lalchandani (Ahmadabad/Artist/1958), Sadaqat Ali Jatoi (Beto Jatoi/Politician/1965), Rubina Abro )Gerelo/Poetess/1971) ************* DEATH DATES Mir Muhammad Khan Talpur (Derajat/Jagirdar/1812), Tahilram Khemchand (Karachi/Sindh Politician of first bench and active leader of Sindh Sabha/1905), Teoonmal Depchand (Sukkur/Congress leader/1935), Shaikh Soomar (Badin/Scholar/1986), Zakhmi Chandio (Larkano/Poet/2000) ************** EVENTS 1954: Ghulam Muhammad, the Governor - General, dissolves the Constituent Assembly. Muhammad Ali Bogra is appointed Prime Minister of Pakistan, who is sworn in to head 8 - member cabinet. 1957: During a meeting with Malik Feroz Khan Noon, U.S Secretary of state, assures him that U.S.A would support Pakistan if it were ever attacked. (The assurance indicates the pressure for bringing changes in foreign policy with special reference to U.S.S.R and India) 1958: President Iskandar Mirza constitutes a 12 - man Central Cabinet with Ayub Khan as Prime Minister. Z.A.Bhutto is also included as the minister. 1996: Eleven policemen are arrested in Mir Murtaza Bhutto murder case ( 24 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.10.1838: اليگزينڊر برنس خيرپور مان پاٽينجر کي لکي ٿو ته خيرپوري ميرن سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. خيرپوري مير فائدو ڏيڻ گهٽ ٿا چاهن, پر وٺڻ گهڻو ٿا گهرن. ان ڪري مون کين حيدرآبادي ميرن سان ٿيل معاهدي وارو متن ڏيکاريو ۽ سمجايومان ته انگريزن سان دوستئ کان وڏو ٻيو ڪهڙو اوهان لاء فائدو ٿيندو. هنن کي سمجهايم ته هن معاهدي ڪرڻ کان پوء ڪمپني حڪومت اوهان جي رياست جي بچاء لاء پابند بڻجي پوندي. 24.10.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ ۾ مقيم پنهنجي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هدايت ڪئي ته ٻروچن کان سواء باقي ٻيا مقامي ماڻھون فرنگي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو. [ان مان ميرن کي هئ تآثر ملندو ته ماڻھون اسان جي حيثيت کي مڃڻ لڳا آھن] 24.10.1843: اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل ڏانھن ڏانهس لکيل مير علي مراد خان جو 9 آڪٽوبر 1843 وارو خط ڏياري موڪليو, جنهن ۾ هن لکيو هو ته اها مير رستم علي خان جي مرضي هئي ته پڳ ۽ حڪمراني منهنجي حوالي ڪري. هن پنهنجو پٽ مير محمد حسين, مير نصير خان, فتح محمد غوري ۽ پير علي گوهر موڪليا ته مون کي پڳ ۽ تخت وٺڻ تي راضي ڪن. پوء مير رستم خان پاڻ اچي مون کي پنهنجي هٿن سان پڳ پارائي ۽ چيو ته تون ئي خيرپور رياست جو حڪمران آھين, ڇوته منھنجي اولاد انھئ جي لائق ناهي. [انگريزن باقي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء مير علي مراد خان کي پريشان ڪيو ته جيئن من حڪمرانئ تان هٿ کڻي وڃي ۽ هو خيرپور به ڦٻائي سگهن.] 24.10.1854: ڪراچي گادئ جو هنڌ بڻيو ته هندوستاني واپارين ۽ تاجرن واپار لاء هن شھر جو منھن ڪيو. ان ڪري سرڪار ڪراچئ ۾ وڌيڪ مسافرخانا ۽ بنگلا ٺھرائڻ جو سوچيو ته جيئن ٻاهرين واپارين کي وقتي رهائش جون سهولتون ڏنيون وڃن. 24.10.1954: پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد اڄ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي ۽ محمد علي بوگرا کي ملڪ جو وزير اعظم مقرر ڪيو. 24.10.1958: صدر اسڪندر مرزا ايوب خان جي وڏ-وزارت ۾ 12 وزيرن جي ڪئبينيٽ مقرر ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو به ان ۾ وزير طور شامل هو. 24.10.1996: مير مرتضا ڀٽي جي قتل جي الزام ۾ يارنھن پوليس وارا گرفتار ڪيا ويا. *************** 24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 24 آڪٽوبر 1775ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ۽ بئنڪر فضل سليمان قاضي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع گلوڪار ڪالا هزاري (ڪراچي / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1950ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ ليکڪ اعجاز علي خواجه(ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1958ع اداڪاره ديا لالچنداڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1965ع سياستدان صداقت علي جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1971ع شاعره روبينه ابڙو(ڳيريلو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 آڪٽوبر 1905ع سياستدان ٽهلرام کيمچند (ٺٽو) جي ديهانت ٿي. 24 آڪٽوبر 1935ع سياستدان ٽيونمل ڏيپچند (سکر) جي ديهانت ٿي. 24 آڪٽوبر 1986ع اسڪالر شيخ سومار (بدين) جي وفات ٿي. 24 آڪٽوبر 2000ع شاعر زخمي چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment