Sunday 1 October 2023

SINDH in history today (2nd October). Author Dr.Pathan. Translator Mumtaz Ali Pathan

{2nd October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {2nd October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everybody is over busy with her/his own assignment. Nobody has time for others. Self interests and personal motives have replaced Human love, respect and service. But, in fact ego, hatred and discrimination have thrown us at the place of No-return. Dear! In such a terrible situation, I am lucky Brand that my only task is to love you and project your beauty, vision & wisdom.] پاڻ لاء پرين لاء ۽ پنهوارن لاء ڪونهي ڪنهن وٽ ڪوئي وقت, ڄڻ ذاتي غرضن طمعن مقصدن خاطر پيو هلي مقابلو سخت, سچ تہ انا ڪروڌ ڪاوڙ جو ڄڻ ڪي مليو آھي سڀ کي تخت, مون کي مليو بخت, تہ ڳايان سر سندء سونهن جا سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (2nd OCTOBER) 2nd October 1.BIRTH DATES of eminent Sindhi Personalities: Kanji lal ‘Qasid’ (Tharo Shah >Gopal pari/ Poet, Singer & Artist/ birth 2nd October1925), Eshwar Anchal (Karachi > Ulhasnagar/Poet/ birth 2nd October1928), Mir Aijaz Ali Talpur (Tando Muhammad Khan/Politician/ birth 2nd October1933), Ghalib Latif (Jacobabad/Poet/ birth 2nd October1935), Mohan Vaswani (Khairpur Mirs > New Delhi/Poet/ birth 2nd October1938), Altaf Asim (Ranipur/Archaeologist, Poet and Research Scholar on Sachalyat/ birth 2nd October1948), Naz Sanai (Manjhand/Political Activist, Publisher & Writer/ birth 2nd October1959), Manzoor Ali ‘Piyaro’ (Ghogharo/Poet/ birth 2nd October1964), Kalpna Devi (Sukkur > Larkano/Poetess, Social Worker, birth 2nd October1971), Tabasum Majid Channa (Dadu/Poet/ birth 2nd October1975), Ajiz Imtyaz (Mirabpur/Poet/ birth 2nd October1977), Rubina Thahim (Chhano Shahabad/Poetess/ birth 2nd October1978), Noor Muhammad Shahi (Hasil Khoso/Writer/ birth 2nd October1978) ************ 2. DEATH DATES Sawami Budhraj (Vedanti Poet/death 2nd October1944), Mian Ghulam Muheedin ‘Miral’ (Hala/Poet/ death 2nd October1955), Akhtar Halai (Poet/ death 2nd October1959), Moulvi Abdul Rahman Soomro (Gachero/Religious Scholar/ death 2nd October1962), Syed Bagh Ali ‘Bagh’ Lakhvi (Poet/ death 2nd October1984) ************ 3. EVENTS from history 1835: Colonel Pottenger informs his Government that he has received some secret messages from Sindh Rulers and he intends to depute Lieutenant Burns to proceed to Hyderabad in this regard. (Source: letter No.70). 1919: Deputation of Larkano Khilafat leaders consisting of Seth Khudadad Surahio and Syed Muhammad Shah meet Haji Amir Ali Lahori, the President of Larkano Municipality to get permission for holding fucction to celebrate ‘Khilafat Day’ in Municipal area on 19th of October. Haji Amir Ali Lahori, who is also president of ‘Anjuman Islam’, Larkano, not only refuses to grant permission and ask them to avoid gathering people for anti-British Government purpose. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Bhagwandas, local Congress Activist of Larkano is awarded 12 months imprisonment under 108 CPC for extending his cooperation to Khilafat Committee and participating in Non Co-Operation Movement. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1929: Sindh Congress celebrates birthday of Gandhi. Processions are taken out and public meetings are held. (Source: Sindh Observer). 1934: The Parliamentary Committee of the British Parliament recommends that Sindh should be separated from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1945: Over 300 Nationalist Muslims from all over Sindh assemble in a conference at Karachi, and decide to create a new party to present a united front against the Muslim League during the election and create new political life among Muslim masses in Sindh. (Source: Indian Annual Register, Vol-11, 1945). 1957: Pakistan Security Act to remain enact for more one year. Government issues Notification. (Source: Government Notification). 1959: Muhajir Basti is established at Hyderabad. (Source: Newspapers). 1990: Due to disturbance in court area at Lahore, Reference against Benazir Bhutto is not heard. Defense Counsel of Benazir alleges that police present in civil clothes is responsible for violence. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute) "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(2 آڪٽوبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 2.10.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته اسان جي ايجنٽ ميرن وٽان مخفي خط آندا آھن. سڄئ صورتحال کي سمجهڻ لاء مون ليفٽينٽ برنس کي چيو آھي ته هو هڪدم حيدرآباد وڃي مامري کي سمجهي مون کي رپورٽ ڏئي. 2.10.1842: ليفٽيننٽ برنس اڄ سکر منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مير نصير خان جو ڪراچئ وارو ڪاردار ٻيڙين جي آمدرفت تي محصول پيو اڳاڙي. مون مير کي لکيو آھي ۽ ڪاردار کي تاڪيد ڪيو اٿم ته پنھنجين ٻيڙين تي محصول ڀلي وٺو پر اسان جي ماڻھن کان اهڙو محصول نه وٺو. ڇو ته اهو اوهان جو اختيار ڪونهي.[ ڪراچئ ۽ ٻيٽن جي وارثي وڃائڻ کان پوء ميرن جي پنهنجي ملڪ جي هن حصي تي حڪمرانئ جو حق به ختم ٿي ويو] 2.10.1919: هي اهو دور آھي جڏهن لاڙڪاڻي جي سياست ۾ لاهورين جو ڌاڪو هوندو هو. پوء خلافت تحريڪ سندن سياسي هڪ هٽئ کي ٽوڙيو. اڄ خلافتي اڳواڻن جهڙوڪ سيٺ خداداد سرهيو, سيد محمد شاه سوداگر ۽ ڪجھ ميونسپل ڪائونسلر وفد جي صورت ۾ حاجي امير علي لاهورئ سان مليا, جيڪو لاڙڪاڻي ميونسپالٽئ ۽ "انجمن اسلام" جو صدر هو. کائنس اجازت گهريائون ۽ کيس دعوت ڏنائون ته 19 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ”خلافت ڊي" ملهايو ويندو. ميونسپالٽئ طرفان جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيو ۽ شريڪ به ٿيو. پر امير علي لاهورئ کين کتو جواب ڏنو ۽ "خلافت ڊي" ملهائڻ کان سختئ سان منع ڪئي. (حوالو: اخبار "ڊيلي گزيٽ“). 2.10.1928: ڪراچئ ۾ ڪانگريس ڪمٽئ جي گڏجاڻي ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جڏهن "سائمن ڪميشن“ اچي ته ان جو بائڪاٽ ڪيو وڃي. هن گڏجاڻئ ۾ ڊاڪٽر تاراچند, درگداس, منيلال وياس ۽ آر.ڪي.سڌوا وغيره شرڪت ڪئي. ياد رهي ته جيڪا مرڪزي سائمن ڪميشن جوڙي وئي هئي, ان ۾ ڪو به ڏيهي سياستدان ميمبر نه رکيو ويو هو. ان تي ڪاوڙجي سمورين پارٽين بائڪاٽ جو اعلان ڪيو هو. سائمن ڪميشن هندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاء ٺاهي وئي هئي. فرنگي سرڪار هر ڏهين سال هندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاء ڪميشن ٺاهيندي آئي هئي. 2.10.1928: سنڌ مان چونڊيل نمائندي نور محمد اڄ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي علحدگئ بابت ٺھراء پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. ان تي ڪائونسل جي صدر انڪار ڪيس. 2.10.1934: برطانيه جي پارليامينٽرئ اڄ سفارش ڪئي ته سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪري صوبائي حيثيت ڏني وڃي. سنڌ جي علحدگئ واري مامري سنڌ کي نظرياتي طور تي هندو مسلم ڪئمپن ۾ ورهائي ڇڏيو. هندن جي اڪثريت اهو پئي چاهيو ته سنڌ ممبئئ سان مليل هجي ۽ ان کي صوبائي حيثيت نه ملي. اهو گروهي مفاد سنڌي قوميت جي تنزل جو سبب بڻيو ۽ سنڌ جو ملڪي تشخص ڪيترن ذھنن مان اڏي ويو. 2.10.1945: ڪراچئ ۾ 300 نئشنلسٽ مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي ته جيئن مسلم ليگ جي مقابلي ۾ ھڪ نئين پارٽي ٺاهي عوام جي سياسي خدمت ڪئي وڃي. 2.10.1954: پاڪستان سرڪار اڄ بدانتظامئ ۽ مالي ڌانڌلين جي الزام مڙهي بھاولپور اسٽيٽ جي حڪومت ڊاهي, رياست جو انتظام پنهنجي هٿن ۾ ورتو. 2.10.1959: حيدرآباد ۾ ”پناهگير بستي" قائم ڪئي وئي. اقتدار جي ڪرسئ تي ويٺلن جي بستين بنائڻ واري ڪوشش پناهگيرن کي سنڌ جي سماج جي حصي ٿيڻ بدران کين الڳ سوچڻ ۽ لوچڻ جو دڳ ڏنو. سنڌ جا تڏهوڪا نظرياتي اڳواڻ انھئ سياست جو روحاني راز نه سمجهي سگهيا ۽ انھئ قدم جي مخالفت نه ڪيائون. انھئ ڪري سنڌي قوميت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. 2.10.1990: بينظير وفاقي سياست ڪئي ۽ وڏي منزل ماڻيائين. پر اڍنگي سياست ذريعي کيس پريشانين ۾ وڪوڙيو ويو. لاهور هاء ڪورٽ ۾ ھن جي ڪيس ۾ ٻڌڻي ٿي ته هٿراڌو هنگامو ڪرائي دنيا جهان کي تاثر ڏنو ويو ته هوء عدالتن جو احترام نه ٿي ڪري. { 2 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1869ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ موهنداس ڪرمچند گانڌي(مهاتما گانڌي). 1904ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ ۽ انڊيا جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادري شاستري. 1925ع شاعر ۽ گلوڪار ڪانجي لال قاصد (ٺارو شاهه / انڊيا). 1928ع شاعر، اديب ۽ نقاد ايشور آنچل(ڪراچي / الهاس نگر). 1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر (ٽنڊو محمد خان). 1934ع تعليمي ماهره انيتا غلام علي(ڪراچي). 1935ع شاعر غالب لطيف (جيڪب آباد). 1938ع شاعر موهن واسواڻي (خيرپور / دهلي). 1948ع محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ ليکڪ الطاف اثيم (راڻيپور). 1959ع ليکڪ ناز سنائي (مانجهند). 21964ع شاعر منظور پيارو عباسي. 1960ع سياستدان محمد اسلم ڀوتاڻي(دريجي / لسٻيلا). 1971ع شاعره ڪلپنا ديوي (سکر). 1975ع شاعر تبسم ماجد (دادو). 1977ع شاعر عاجز امتياز (محرابپور). 1978ع شاعره روبينه ٿهيم. 1978ع ليکڪ نور محمد شاهي. [وڇوڙو]: 1944ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراڄ ٻوڌ. 1955ع صوفي شاعر ميان غلام محي الدين ميرل (هالا). 1959ع شاعر اختر هالائي. 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان سومرو. 1984ع شاعر باغ لکوي.

No comments:

Post a Comment