Saturday 28 October 2023

SINDH in history today (29th October). Author Dr.Pathan Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 10:15 AM {29th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {29th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Don't trust your beauty and adolescence, because they are not everlasting. Don't be proud of your mind, because it can make wrong decisions. Trust your heart and its love, because it is beautiful and wonderful. It can't betray you and always select second to none. Surrender before beauty, because sincerity and sacrifice is its requirement.] عقل تي نہ هل عقل اڪثر ڪري خطا ٿي ويندو آ, عشق ڪر جو مشڪل سان ئي عطا ٿي ويندو آ, جوڀن ۽ حسن تہ وقت سان گڏ لاپتا ٿي ويندو آ, سونهن جو حق ادا ٿي ويندو آ, جان ڏي سلام ڪر. ************** BIRTH & DEATHS DATES AND EVENTS (29th of October) ************** BIRTHS: Nirmaldas Gurbaxani (Hyderabad/Educationist & Writer/1889), Jagatrai Molchandani ‘Dil’ (Banguldero > Ulhasnagar/Poet/Singer/1923), Sami Kandhar (Poet/1972) ************* EVENTS: 1838: Colonel Pottenger writes to Captain Burns doubting sincerity of great Chiefs of Khairpur, he advises Burns not to confirm the treaty he had sent to him, because he wants to alter and modify some terms. (Source: letter No.152). 1839: Colonel Pottenger is informed about the theft of camels from the Kafila under Sarwar Khan Lohano. The matter is brought to the notice of Sindh rulers and Taqi Shah, Governor of Shikarpur is assigned duty to investigate the matter and bring the parties at fault to book. (Source: Captain Eastwick’s letter of dated 29th October 1839). 1847: Sindh is annexed with Bombay Presidency and new system is introduced. Today, the Governor of Bombay approves administrative proposal of the Commissioner and he is advised there should be coordination between Civil and Military authorities in Sindh and for the proper protection of the country civil officers’ authority be strengthened . (Source: letter No.2804). 1947: It is notified that Indian Muslim migrants, 76,000 from Lidhyana, 6,000 from Delhi, 3000 from Jalandhar and 3,000 from Hushyarpur have reached Pakistan today. (Source: Newspapers). 1955: Sindhi Politicians in their meeting held at Karachi form ‘Sindh Anti-One Unit Front’. This meeting is attended by G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Hyder Bux Jatoi; Zulfikar Ali Bhutto; Kazi Faiz Muhammad; Ghulam Mustafa Bhugri and Abdul Hameed Jatoi. (Source: ‘Source-Material on One Unit’, compiled by Gul Hayat Institute). 1956: Iran and Pakistan agree to accept the status of boundary that remained between 1875 and 1905. (Source: Newspapers). 1972: PPP expels MNA Ahmad Raza Qasuri from Party. (Source: Ibid). 1977: Chashma Right Bank Canal Project is approved. About over half million acres land will be irrigated. (Source: Newspapers). 1993: The U.S.A expresses concern over the situation in Kashmir being a disputed territory causing instability in South Asia. India lodges protest against the statement. (Source: Ibid). 1998: MQM announces to part way from PML and Government. (Source: Newspapers). 1999: Vital national objectives do not allow me to give time-table for the return of democracy in the country, says Musharraff. (Source: Newspapers) ( 29 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.10.1838: فرنگين کي پنهنجي فوجي ۽ تجارتي مفادن لاء سنڌوندئ کي ڪم آڻڻو هو. ان ڪري هنن ڏکڻ سنڌ کان ندي ڪم آڻڻ لاء حيدرآبادي ميرن سان معاهدو الڳ ڪرڻ گهريو ۽ خيرپوري ميرن سان الڳ معاهدو ڪرڻ گهريو. خيرپور سان هن ڪري الڳ معاهدو ٿي ڪرڻ گهريائون ته جيئن بهاولپور ۽ ان کان مٿي وهندڙ سنڌوندئ واري پاسي کان هو اسلحو ۽ فوج وڏي تعداد ۾ ۽ آسانئ سان سکر آڻي شڪارپور موڪلڻ پيا گهرن. ان ڪري فرنگي نمائندن معاهدي ڪرڻ لاء مير رستم علي خان سان ڳالهيون شروع ڪيون. 29.10.1839: ڪراچئ ۽ منوڙي تي انگريز قبضو ڪري چڪا هئا. ان ڪري سنڌين سندن وڌيڪ بدنيتئ جي مخالفت شروع ڪري ڏني. شڪارپور ويجهو فرنگين جي قافلي تي حملو ڪري سرور خان لوهاڻي فرنگين کان اٺن جو وڳ ڇني ورتو. انھئ زماني ۾ شاه تقي ميرن طرفان شڪارپور جو گورنر هو. فرنگين وٽس وڃي دانهيو ۽ حيدرآبادي ميرن اڳيان به داد فرياد لاء ڪوششون ڪيائون. 29.10.1847: نيپيئر سنڌ ڇڏي ويو ته سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري, ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻائي, مٿس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. نيپيئر فوجي گورنر هو ۽ هن جي وڃڻ کان پوء سنڌ جي انتظامي مامرن کي فوج کان بچائڻ لاء اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي فوجي اڳواڻ برگيڊيئر ڊنڊاس کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي سول معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي وڃي. 29.10.1922: سنڌ جي واپاري طبقي جي ڪوششن سان اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس" نالي جماعت جوڙي وئي ۽ سيٺ ھرچندراء وشنداس کي ان جو صدر چونڊيو ويو. هن پارٽئ جو تفصيلي احوال گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 29.10.1928: ترڪئ وارن 1924 ۾ "خلافت" جي اعزاز مان هٿ پٽيا ۽ ان جي خاتمي جو سرڪاري طور اعلان به ڪيو, پر سنڌ ۾ ”خلافت تحريڪ" ۽ "خلافت ڪميٽي" پوء به سرگرم رهيون. اڄ سکر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. ان جو تفصيل اوهان گل حيات ويب سائيٽ تي پڙھي سگهو ٿا. 29.10.1938: لاڙڪاڻي جي مقامي سياستدان تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال سنڌي فائينل جو امتحان نه وٺو, ڇو ته اڳ ۾ هتي ڊگري يافته ماڻھن جو تعداد وڌيڪ آھي ۽ سرڪاري نوڪريون گهٽ آھن. 26.10.1955: ڪراچئ ۾ سنڌ جي سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي ته جيئن "سنڌ ائنٽي ون-يونٽ فرنٽ“ ٺاهجي. هن گڏجاڻئ ۾ جي.ايم.سيد, ذوالفقار علي ڀٽي, شيخ عبدالمجيد سنڌئ, حيدر بخش جتوئئ, قاضي فيض محمد, عبدالحميد جتوئئ ۽ غلام مصطفا جتوئئ شرڪت ڪئي. 29.10.1999: مشرف اعلان ڪيو ته قومي مفادن ڪري تڪڙو جمهوريت طرف موٽ نه ٿي کائي سگهجي. *************** 29 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 29 آڪٽوبر 1889ع ليکڪ نرملداس گربخشاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1923ع شاعر جڳت راءِ مولچنداڻي دِل (بنگل ديرو/ الهانگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1972ع شاعر سميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 آڪٽوبر 1972ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالڪريم (ٺٽو) جي وفات ٿي. 29 آڪٽوبر 1992ع اداڪار اسماعيل شاهه جو انتقال ٿيو. 29 آڪٽوبر 2005ع تعليمي ماهر، منتظم ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment