Tuesday 31 October 2023

SINDH in history today (1st November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{1st November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {1st November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ No doubt, this world is beautiful. But, most beautiful place in it the door of dear. One moment to stay there is equal to one century of love and peace. Let us surrender there with sincerity, dedication and hope so as make life useful, purposeful and important properly. ] هل تہ هلئون در دوست جي جو اصلي آھي سونهن-نگر, ملي سڪون صدين سندو جي اتي رهجي هڪ پهر, کڻ تہ کڻي هلون ثمر, سندن محبت رغبت نسبت جو. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (1st November) ************* BIRTHS: Diwan Deuomal Doulatram (Hyderabad/Politician/1873), Hafiz Daud Larik (Moulidino Lark/Folklore Poet/1891), Hakim Muhammad Sadik ‘Talib’ (Khairpur Nathanshah/Poet/1903), Habibullal Bhutto (Shikarpur/Writer/1917), Vishan Sadarangani (Hyderabad > Mombai/Singer/1936), Niaz Rajbani (Shikarpur/Journalist/1941), Dr. Muhammad Yousif Panhwar (Khanan Panhwar/Writer/1942), Dr.Kazi Khadim (Hala/Scholar/1945), Abdul Qadir Junijo (Writer/1945), Abdul Rahman Jatoi (Shikarpur/Writer/1946), Abdul Rahman Mahesar (Rafiq Mahesar/Folklore Poet/1945), Piral Pardesi Sitai (Poet/1947), Amanullah Abbasi (Dokri/Journalist & Social worker/1951) Nizamuddin ‘Qamar’ Memon (Shikarpur/Poet & Publisher/1951), Zulfikar Hyder (Shahdadkot/Journalist/1959), , Zafar Memon (Naushero/Poet/1960), Liaquat Mahesar (Mulla Ali/Political Activist/1962), Irshad Memon (Memon Goth/Writer/1964), Syed Ghulam Murtaza Shah (Kazi Ahmad/Poet/1969), Rahim Gul Qambrani (Karim Bux/Poet/1972), Muhammad Aslam ‘Asi’ (Dadu/Poet/1972), (Noor Ahmad Talpur (Chhat Madarani/Writer/1974), Ghulam Saewar Kalhoro (Larkano/Writer/1974), Khalil Memon (Patt/Writer/1977). ************** DEATHS: Muhammad Ismail Ursani (Hala/Poet & writer/1986), Shafi Muhammad ‘Auj’ Alvi (Shikarpur/Poet/1972), Anjum Halai (Poet/1975), Chakori (Actress). ************** EVENTS: 1848: Government of Bombay asks Sindh Commissioner that Naumal be informed that his case has been considered and that he was not entitled to a pension . (Source: letter No.6840). 1851: The Commissioner Sindh sends the Bombay Government proposal for approval to lay down a Tramway from stone quaries to Keamari. (Source: letter No.2298). 1909: The Karachi Theosophical Society is registered under Act XX1 of 1860. Diwan Doulatram Jethmal is elected as its first President with D.P.Kotwal as Secretary. (Source: Annual Report). 1936: Hindustan is for Hindus and Muslims cannot dictate us, says a Democratic Sawraj Party. Confrence of the Party is held at Nasik. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1936). 1941: J.B. Kripalani, [Sindhi], General Secretary of of the Congress while declaring open ‘ Ahisma Vyam Sangh’ advocates the importance of non-violence. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11, 1941). 1947: Sir Shahnawaz Bhutto resigns as the Diwan of Junagarah state. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1954: Military Aid from U.S.A has no any bad effect on Pakistan’s status and position, says General Ayub, Defence Minister. (Source: Newspapers). 1971: Bangla Desh is coming into existence and Pakistan cannot block it way, says Indira Gandhi, Prime Minister of India. (Source: Newspapers). 1975: Hanif Ramey and Ghulam Mustafa Khar, once trustworthy leaders of PPP join PML. (Source: Newspapers) پهرين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 1.11.1840: آئوٽرام سيٺ نائونمل کي ميرپورخاص موڪليو ته مير شير محمد سان ملي سندس انت ڪڍي اچ ته فرنگين بابت ڇا پيو چئي سوچي. مير شير محمد نائونمل سان ملڻ کان انڪار ڪيو. پر مير شيرمحمد جي مالي عملدار ديوان چترسنگ جي اثر رسوخ سبب نائونمل جي مير سان ملاقات ٿي. 1.11.1843: سنڌ جي جاگيردارن ۽ ڪڙم قبيلن جي وڏن لاء نيپيئر جي سلامي ڪرڻ ۽ فرنگي حڪومت جي آڻ مڃڻ جو آخري ڏينھن هو. هن کان اعلان ڪيو ويو هو ته جن پهرين نومبر تائين سلامي نه ڀري, انھن کي جاگيرون يا لقب نه ملندا. 1.11.1851: سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 2298 ذريعي پلان موڪلي صوبائي حڪومت کان ڪياماڙئ طرف ٽرام رستي ٺھرائڻ جي اجازت طلبي. 1.11.1857: انگريز اقتدار ۾ آيا ته پنهنجي وفادار يار ميرعلي مراد کي ڏکيا ڏينھن ڏيکاريائون. هن کان ڪجھ پرڳڻا به کسيائون ۽ سندس لقب "رئيس" به کسيائون. مير گذريل سال دانھن کڻي انگلنڊ ويو, پر راڻئ سان ملڻ نه ٿيس. مايوس ٿي موٽي آيو. سال کن حيران پريشان رهيو ۽ ڪمپني حڪومت سان لکپڙھ ڪندو رهيو. سنڌ جو ڪمشنر کيس هدايت ڪندو رهيو ته صبر ڪري فرنگي سرڪار سان وفاداري ڪندو رھ. اڄ ڪمشنر کي جواب ڏيندي مير علي مراد لکيو ته فرنگي سرڪار سان وفاداري ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ڪونه ڪندس. 1.11.1909: ڪراچي ٿيوسافيڪل سوسائٽي کي 1860 واري ايڪٽ XX1 مطابق رجسٽر ڪرايو ويو. ديوان دولتمل ڄيٺمل کي صدر ۽ ڊي.پي.ڪوٽوال کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1.11.1936: نئين جوڙيل "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي" ٺھڻ وقت عهدن تي پاڻ ۾ نه ٺھڻ تي سرغلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي, جيڪا پنهنجي الڳ "سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهي, ان ۾ جن سياستدانن سندن ساٿ ڏنو, اهي آھن: مير بنده علي, سيد ڪامل شاه, جان محمد خان, غلام محمد اسراڻ, نور محمد وڪيل, قيصر خان بوزدار, پير رسول بخش شاه سکر وارو, شمس الدين بارڪزئي, رحيم بخش, مير صوبدار, الهڏنو سندراڻي, يار محمد جوڻيجو, ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو, ڪئپٽن ڊاڪٽر شيخ عطا محمد ۽ امام بخش جتوئي شڪارپوري. 1.11.1947: سر شاهنواز ڀٽو, جيڪو جهوناڳڙھ اسٽيٽ جو ديوان هو, تنهن انھئ عهدي تان استعيفا ڏني. 1.11.1971: "بنگلا ديش ھر حالت ۾ قائم ٿيندو. پاڪستان ان جي رستي روڪ ڪري نه ٿو سگهي"--اندرا گانڌئ جو بيان. *************** {پهرين نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 1873ع سياستدان ۽ وزير ديوان ديو مل دولترام (حيدر آباد). 1891ع سگهڙ حافظ دائود لاڙڪ. 1903ع شاعر حڪيم محمد صادق طالب عباسي ( ڪي ان شاهه). 1917ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ حبيب الله ڀٽو. 1931ع براڊڪاسٽر الله بخش شاهه بخاري. 1936ع ليکڪ ۽ گلوڪار وشن سدا رنگاڻي (حيدر آباد / ممبئي). 1941ع صحافي نياز رجباڻي (شڪارپور). 1942ع ليکڪ ڊاڪٽر يوسف پهنور. 1945ع اديب ۽ ليکڪ قاضي خادم (هالا). 1945ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجو. پهرين نومبر 1945 خيرپور سان تعلق رکندڙ معروف سگهڙ عبدالرحمان مهيسر. 1946ع شڪارپور جو ليکڪ عبدالرحمان جتوئي. 1947ع شاعر پيرل پرديسي سيتائي. 1948ع گل حيات جي ابتدائي دور ۾ اداري جي ڪم ۾ مدد ڪندڙ امير بخش پٺاڻ. 1951ع ليکڪ ۽ پبلشر نظام الدين قمر ميمڻ (شڪارپور). 1959ع صحافي ذوالفقار حيدر (شهداد ڪوٽ). 1960ع شاعر ظفر ميمڻ (نوشهرو فيروز). 1969ع شاعر سيد غلام مرتضى شاهه (قاضي احمد). 1972ع دادو سان تعلق رکندڙ شاعر اسلم آسي. *************** [وڇوڙو]: *************** 1939ع ناليواري راڳي، صوفي ۽ انسانيت جي پرچارڪ ڪندڙ ڀڳت ڪنور رام کي رُڪ اسٽيشن تي گولين جو شڪار ڪري شهيد ڪيو ويو. 1972ع شاعر شفيع محمد عوج علوي (شڪارپور). 1986ع هالا سان تعلق رکندڙ ماهر تعليم ۽ شاعر محمد اسماعيل عرساڻي. 2010ع سنڌي فلمن جي اداڪاره چڪوري.

No comments:

Post a Comment