Friday 27 October 2023

SINDH in history today (28th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

👎 😊 😞 {28th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {28th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are not creator of this world, but creator of conditions. You are maker of good or bad in it. You are cause of beauty and love, or hatred and discrimination. Society and situation is your definition and they are reflection of your attitude and behavior. It was love and beauty, those created you. Don't destroy them. It is a great ground reality that you are there with vision & wisdom and need & strength. In spite of that why you and we are without peace, your love and beauty?] جوڙيئي ڪين جهان پر ان ۾ سوئي سرجين جو چاهين, نينهن-نگر تون ان کي جوڙين ان کي ڪا نفرت-نگري ٺاهين, سرت سندرتا ۽ سچ کي پائي پوء ان کي لڪائي ڪفر ڪمائين, تانگهندڙ طلبيندڙ دليون دکي ڏسي پوء تن ڏي وک وڌائين, جانب تون ئي آھين, تون ئي آھين ڪارڻ ٻارڻ سرت سلام جو. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (28th OCTOBER) 28th October BIRTH DATES Noor Muhammad Sindhi (Kandyaro/Writer/1918), Abdul Rashid ‘Adil’ Sarki (Garhi Yaseen/Poet & Journalist/1972), Ahsan Abro (Abdul Rahim Abro/Writer/1972), DEATH DATES Mir Muhammad Baqar Ahmad Khan (Jagerdar/1896), Shewaram Wazirani (Politician/1958), Parsram ‘Zia’ (Tando Adam > Ajmir/Poet/1958), Taj Sahrai (Shikarpur > Dadu/Poet & Scholar/2002) EVENTS 1933: Reforms office of the Govt. of India constitutes 'Sindh Administrative Enquiry Committee' so as to suggest administrative steps for Sindh after it will be a separate Province in 1936. H.Dow is its chairman, whereas H.B. Labrick is its Secretary. The committee consists of 7 members including K.B.Khuhro and Haji Abdullah Haroon. 1947: 98, 0300 Indian Muslims arrive. It speaks of un - matched migration at large scale. 1958: Ayub promulgates the Presidential Cabinet Order, according to which the cabinet will have no Prime Minister and it would work directly under president. 1998: Prime Minister Nawaz Sharif demands MQM handover persons allegedly involved in the assassination of Hakim Muhammad Saeed ( 28 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.10.1838: سکر مان سر برنس اڄ پاٽينجر کي تفصيلي خط لکي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هي آھن: (1). خيرپوري مير پنهنجي روين ۽ عملن سان اسان سان وفاداري ڏيکاري رهيا آھن. ان ڪري هتان مير نور محمد کي سندس خط جي جوڳي موٽ ڪانه ملي. (2). ميرپوري مير-خاص طور تي مير شيرمحمد به اندرئون اندر خيرپوري ميرن جي سڳي ڌاڳي ۾ آھن ۽ مير نورمحمد کان راضي ناهي,(3). مير رستم جي گذارش مٿان گذارش آھي ته هن جي آمدني گهٽ آھي. ان ڪري هن تي شاه شجاع واري ڏن جي ڦوڙي ۽ فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ واري ڦوڙي گهٽ کان گهٽ رکي وڃي. 28.10.1838: برنس اڄ گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت خط ۾ لکي ٿو ته ممبئي فوج جي اچڻ ۽ سنڌ ۾ ھجڻ جو حيدرآبادي ميرن تي رعب پوندو ۽ هو هاڻي جيڪا قنڌار ۽ ايران سان ملي اسان خلاف محاذ آرائي ڪرڻ جا سانباها ڪن ٿا, انھن کي ٻنجو ايندو. البته هو فوج لاء اٺ, گاه ۽ اناج وٺڻ ۾ اسان لاء رنڊڪون وجهي سگهن ٿا. 28.10.1888: حيدرآباد ۾ ديوان نولراء ۽ سندس ڀاء مشھور سماجي سڌارڪ ۽ صحافئ ساڌو هيرانند " يونين اڪيڊمي" نالي اسڪول قائم ڪيو. اڄ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب ان جو افتتاح ڪيو. اڳتي هلي هن اسڪول جو نالو بدلائي, ٻنھي ڀائرن جي نالن پٺيان "اين.ايڇ.اڪيڊمي" رکيو ويو هو. 28.10.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ مختلف ضلعن ۾ مبلغ مقرر ڪرڻ شروع ڪيا ته اهي در در وڃي پارٽئ جي حقيقت ۽ ان طرفان هلايل تحريڪن, جهڙوڪ: ترڪ موالات ۽ ڪائونسلن جو بائڪاٽ وغيره جي اهميت ۽ ضرورت کان عوام کي آگاه ڪري سگهن. اڄ لاڙڪاڻي ضلعي لاء مولوي محمد ۽ مولوي نورالحسن کي مبلغ مقرر ڪيو ويو. 28.10.1922: بدين ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر شيرسنگ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار-پرست پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. ان لاء ديوان وزيرمل کي سيڪريٽري ۽ تنومل کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 28.10.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته 980300 پناهگير اڄ پهچي ويا. 20.10.1958: جنرل ايوب حڪم نامو ڪڍي ملڪ سان صدارتي نظام لاڳو ڪيو. 28.10.1970: ٿيندڙ چونڊن جي ورڪ لاء حڪومت پارٽين جي اميدوارن کي ريڊيو ۽ ٽي.وئ تي خطاب ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو. شيخ مجيب تقرير ڪندي اڄ چيو ته پاڪستان اسان جو مقصد آھي ۽ اسان جمهوريت جي بالادستي چاهيون ٿا. اسان رستي روڪيندڙ جا رستا روڪينداسين. [هن تقرير مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته 1970 جي آخر تائين شيخ مجيب علحگئ جي ڳالھ نه ٿو ڪري. فرقو چونڊن کان پوء ڦريو. هنن جي چونڊن واري سوڀ مغربي پاڪستان جي وس وارن قبول نه ڪئي] 28.10.1990: ڪالهوڪي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جا نتيجا پڌرا ٿيا. بينظير ڀٽي وڏي پئماني تي ڌاڌلين ڪرڻ جو الزام هنيو. پيپلز پارٽئ کي سنڌ ۾ سادي اڪثريت به ڪانه ملي. آء.جي.آء کي سوڀ ملي.ملڪ ۾ انھن چونڊن دوران ٿيل فسادن ۾ 37 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا. 28.10.1996: مير مرتضا ڀٽي کي مارائڻ واري واقعي ۾ آصف زردارئ, نصيرالله بابر ۽ عبدالله شاه جا نالا عام ماڻھن جي ذھن ۽ زبان تي عام ٿيا. 28.10.1998: نواز شريف ڀڀڪيون ڏنيون ته حڪيم سعيد کي قتل ڪرڻ جو منصوبو نائين زيرو تي تيار ڪيو ويو. ايم.ڪيو.ايم قاتل سرڪار حوالي ڪري. *************** {28 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1892ع ليکڪ عطا حسين شاهه موسوي(روهڙي). 1918ع ليکڪ نور محمد سنڌي (ڪنڊيارو). 1972ع شاعر عبدالراشد عادل سرڪي. 1972ع ليکڪ احسان ابڙو. [وڇوڙو]: 1958ع سياستدان شيوارام وزيراڻي. 1958ع شاعر پرسرام ضياء(ٽنڊو آدم / اجمير). 2002ع اديب، محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ شاعرتاج صحرائي.

No comments:

Post a Comment