Monday 16 October 2023

SINDH in history today (17th October), Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{17th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {17th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Egotist can not understand Self. He/She is without inner light and away from outer vision & wisdom. He/ She knows nothing about love, respect and beauty except personal interests & motives. Love cannot teach him/her to 'take' and beauty cannot guide him/her to 'give'. Because to him/her, love is sin and beauty is crime. He/She is difficult, but not different. ] پاڻ کنیو جن پاڻ سان، سی ڪیئن سمجھن پاڻ؟ جلين نہ جوت جئ اندر، نہ ٻاھر سرت ئي ساڻ، مشڪل محبت مانڊاڻ، تن لاء سونھن سلام جو. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (17th OCTOBER) ************ 17th October BIRTH DATES . Najam Abbasi (Khan Wahan/Fiction Writer/ birth 17th October1927), 2. Jahangir Qureshi (Jacobabad/Journalist/ birth 17th October1935), 3. Yadeshtar 'Pagal' (Deparja - Ajmir/Poet/ birth 17th October1937), 4. Wasiq Nathanshahi (Atheen Shakh/Poet/ birth 17th October1940), 5. Pawankumar Mata (Dhondhecha/Singer/ birth 17th October1959), 6. Ghulam Hussain 'Ghamghen' (Shahmer Brohi/Poet/ birth 17th October1973), 7. Hamid Naz Soomro (Badah/Journalist/ birth 17th October1974) ************* DEATH DATES 1. Akbar, the Great Mughal king 1605.(He was born in Sindh. ************* EVENTS 1918: Sindh Home Rule League protests against the decision of the Govt. of India, not to allow a Congress - League deputation to proceed to England. 1919: Sindh observes Khilafat Day. Larkanians set an example. Here the bigest gathering is presided over by Advocate Ghulam Ali and attended by Jan Muhammad Junijo, Seth Khudadad, Pir Turab Ali Shah, Pir Mithal Shah and hundreds of Pirs and Moulvis. Nawab of Lahori, K.B. Isran and Shahnawaz Bhutto did level best to stop it, but Khilafatis did it. 1933: The meeting of the Dow Committee is held at Karachi to suggest administrative steps for Sindh after her separation from Bombay Presidency. Seth Haji Abdullah Haroon, K.B. Khuhro, Qazi Abdul Rahman, E.L.Price, Hiranand Khemsing and others attend. ( 17 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 17.10.1838: روهڙئ مان برنس اڄ پاٽينجر کي خط لکي ٿو, ان جون خاص ڳالهيون آھن: (1). بکر في الحال ڳالهين ذريعي وٺي نه ٿو سگهجي. اها ڪوشش ان وقت تائين اجائي آھي, جيستائين اسان سنڌ جو اهڙو پرڳڻو زورئ قبضي نه ٿا وٺون, جو مير اسان جون ڳالهيون مڃڻ تي مجبور ٿين. (2). ميرن اسان سان ڪهڙو پير کنيو آھي, اهو پاڻ ڄاڻو ٿا. هو ايران ڏانھن دوستئ جو هٿ وڌائن ٿا ۽ اسان جي طاقت کي نظرانداز ٿا ڪن. (3). ميرن جي باهمي اختلافن ڪري اسان کي نقصان نه پر فائدو رسيو آھي. حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن ۾ جيڪا اسان کان چورئ خط و ڪتابت ٿئي ٿي, اها انھن اختلافن ڪارڻ رنگ نه ٿي ڏيکاري. 17.10.1857: هي اهي ڏينھن آھن جو سموري هندستان ۾ فرنگين کي جتي ڪٿي بغاوت جي بوء محسوس ٿي. ان ڪري سنڌ جي ڪمشنر پنهنجئ وڏئ سرڪار کي لکيو ته ڪنھن به ڏکيئي وقت کي منھن ڏيڻ لاء اسان کي تياريون وٺڻ گهرجن. سنڌ ۾ “ اريگيلر هارس" جي نالي ۾ جيڪا نفري آھي, ان کي باضابطه طور چئن اسڪاڊرنس ۾ تبديل ڪجي. ممبئي سرڪار اڄ کيس مراسلي نمبر 2396 ذريعي اها اجازت ڏني. 17.10.1918: ڪانگريس, هوم رول ليگ جي اڳواڻن لنڊن وڃي پائمال هندستان جي صورتحال اتان جي ماڻھن ۽ حڪمرانن کي ٻڌائڻ گهريو. پر سرڪار کين وڃڻ جي اجازت نه ڏني. اڄ ھوم رول ليگ وارن انھئ سرڪاري فيصلي خلاف ڪراچئ ۾ احتجاج ڪيو ۽ گهر ڪئي ته سياسي اڳواڻن کي لنڊن وڃڻ ڏنو وڃي. 17.10.1919 سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ "خلافت ڊي" ملهايو ويو. پر, لاڙڪاڻي هن سياسي واقعي لاهورين جي سياسي اثر جو خاتمو آندو ۽ ان جو اثر سمورئ سنڌ جي سياست تي پيو. هي جلسو غلام علي وڪيل جي صدارت ھيٺ لاڙڪاڻي جي عيدگاه ۾ ٿيو. 17.10.1933: سنڌ کي صوبائي حيثيت ملڻ جي پڪ ٿي ته سرڪار نئين صوبي جي انتظام هلائڻ ۽ ٻين ضروري ڳالهين تي سوچڻ لاء “ڊو ڪاميٽي" ٺاهي, جنهن جي اڄ ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. سر هيو ڊو انھئ ڪميٽئ جو سربراه هو. سنڌين مان محمد ايوب کهڙو, سيٺ حاجي عبدالله هارون, قاضي عبدالرحمان, ديوان بهادر هيراسنگ ان جا ميمبر هئا. 17.10.1938: اڄ لاڙڪاڻي ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي شاخ (لاڙڪاڻو لاج) کولي وئي. ياد رهي ته 1940 ۾ “سنڌ ملتان بلوچستان فيڊريشن آف ٿياسافيڪل سوسائٽئ" جو ساليانو ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو. 17.10.1940: ڪانگريس اڄ کان حڪومت خلاف "ستياگره" تحريڪ هلائي. سنڌ جي ڪانگريسين هن تحريڪ ۾ پاڻ ملهايو ۽ ڪيترا جيلن ۾ ويا. 17.10.1962: ٽيه هزار پناهگيرن کي اجهي فراهم ڪرڻ لاء اڄ صدر ايوب ڪراچئ جي اتر ۾ نيو ٽائون جو افتتاح ڪيو. 17.10.1991: بينظير اڄ “پاڪستان جي خزاني کي ڌاڙو" جي عنوان سان هڪ ڊاڪيومينٽ جاري ڪري اهو ٻڌايو ته نواز شريف ۽ سندن خاندان ۽ چوڌري ڀائرن بيدردئ سان پاڪستان جو خزانو لٽيو آھي. بينظير نواز شريف کي لٽيرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي, نواز شريف وري بينظير تي اهڙا الزام ھنيا ۽ هاڻي جي حڪومت ٻنهي تي الزام هڻي ٿي. سڀ اهو سچ ٿا ڳالهائن. سڀني ساڳيو ئي ڪم ڪيو. ڪنهن نه گهٽايو ۽ ڪير نه گھٽائيندو. *************** { 17 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1857ع ناليواري سماج سڌارڪ ۽ سياستدان سيد الهندو شاهه(ڊڀرو). 1935ع صحافي جهانگير قريشي (جيڪب آباد). 1937ع شاعر ياديشتر پاگل (ڏيپارجا / اجمير). 1940ع شاعر واسق ناٿن شاهي. 1959ع گلوڪار پون ڪمار. 1973ع شاعر غلام حسين غمگين. 1974ع صحافي حيمد ناز سومرو. [وڇوڙو]: 17 آڪٽوبر 1998ع اسڪالر، حڪيم ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر حڪيم محمد سعيدکي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو. هن جي قتل ۾ نامينيٽيڊ ملزم سنڌ جو طويل ترين عرصي لاء گورنر مقرر ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment