Wednesday 4 October 2023

SINDH in history today (4th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{4th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {4th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you GOOD MORNING. محبت طلبي مدتون، پر وقت صفا محدود . رک من موجود ،تہ پھچائين سلام سیگھ سان . If our total life is 6O years, than 3O years we are in Bed; 2O years we pass in getting education and 5 years in other activities . It is = 6O -55 = 5. Our real life after 6O years is only 5 years. Why not to live those five years with care and dare, in peace and love? ************** SINDH IN HISTORY TODAY (4th October) 4th October 1.BIRTH DATES Haji Allah Bachayo ‘wafa’(Gajan/Poet/ birth 4th October1911), Makhdoom Talib-ul-Moula (Hala/Gadhi Nasheem Dargah Nooh, Poet & Politician/ birth 4th October1919), Shafi Muhammad ‘Aouj’ Alvi (Shikarpul/Poet/ birth 4th October1921), Muhammad Alim Jokhio (Suhrab Goth/Social worker/ birth 4th October1962), Muzafar Qazi (Lalu Rank/Journalist/ birth 4th October1967), (Ayaz Jani (Larkano/Poet/ birth 4th October1967), Liaquat Memon (dakhan/Writer/ birth 4th October1973), Imdad Soomro (Johi/Journalist/ birth 4th October1975), 2.DEATH DATES Akhund Abdul Samad Sanwni (Hala/Religious Scholar/ death 4th October1855), Sir Ghulam Hussain Hidayatullah (Shikarpur/ ex-Governor Sindh &ex- Chief Minister Sindh/ death 4th October1948) Moulvi Ahmad Charan (Molhan/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 4th October1976) 3.EVENTS 1847: His Highness Mir Ali Murad Khan congratulates R.K.Pringle on his appointment as Sindh Commissioner and offers friendship and due cooperation. The letter is sent through Resident posted in Khairpur. (Source: letter No.73). 1855: The Assistant Commissioner for Jageers recommends the case for grant of Jageers to the following in Karachi Taluka: Malik Sardar Khan Noomrio, Malik Jeand Kan Noomrio; Malik Alladad Gabol , Datto Gabol and Piru Gabol. (Source: letter No.19). 1920: Rais-ul-Muhajreen Jan Muhammad Junijo shares his experience and observations about migration of Sindhis to Afghanistan. The briefing meeting is arranged by Larkano District Khilafat Committee and it is attended by Moulana Muhammad Sadik of Khada, Abdul Jabbar Advocate, Shaikh Abdul Aziz; Pir Mithal Shah of Thullah; Pir Fatih-u-ddin, Pir Rooh-ul-Qusus; Pir Muhammad Mustafa; Moulvi Muhammad Aqil Aqli; Moulvi Muhammad Ali; Pir Noor-u-ddin; Seth Khudadad Surahio; Seth Abdul Razaq; Seth Ahmad-u-ddin; Rahim Bux Advocate; Hari Sing Advocate; Seth Gobind Bux; Tahilram editor of ‘Larkano Gazette’ and Seth Tanwardas. The meeting is presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1947: Khairpur Mirs and Bahawalpur states announce their accession to Pakistan (Source: Newspapers). 1948: Moulana Moudoodi, founder of Jamait-i-Islami is arrested under Pakistan Safety Act. (Source: Newspapers). 1975: Beginning of new era between Bangladesh and Pakistan with diplomatic relations. Once part to each other, are now free and independent friend countries. (Source: Newspapers). EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th October) By: Dr. Pathan ** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هز هائينس مير مراد علي خان ٽالپر سنڌ ۾ مقرر ٿيل ڪمشنر آر ڪي پرنگل کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي طرفان دوستي ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، مير مراد علي ٽالپر ڪمشنر کي ريزيڊنٽ آفيسر خيرپور جي ذريعي موڪليل خط ۾ اهڙو اظهار ڪيو. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو افغانستان ڏانهن شروع ڪيل هجرت تحريڪ جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون، ان حوالي سان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ خلافت ڪاميٽي طرفان هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولانا محمد صديق کڏي واري، عبدالجبار ايڊووڪيٽ، شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد علي، پير نورالدين، سيٺ خداداد سرهيو، سيٺ احمد الدين، هري سنگهه ايڊووڪيٽ، لاڙڪاڻو گزيٽ جي ايڊيٽر تهليرام ۽ ٻين شرڪت ڪئي، انهيءَ گڏجاڻي جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي هئي، جان محمد جوڻيجو هجرت دوران سنڌين سان پيش آيل ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کان آگاهي ڏني. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور ميرس ۽ بهاولپور رياستن کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي باني مولانا مودودي کي پاڪستان سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو. ** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ نون سفارتي لاڳاپن جي شروعات ٿي، 1971ع جي جنگ کانپوءِ ڇڪتاڻ برقرار هئي پر پوءِ اڳتي هلي معاملا آهستي آهستي بهتر ٿي ويا، ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي کي تسليم ڪري ورتو، ٻنهي ملڪن ۾ سفارتڪار مقرر ڪري سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ويا. ** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت آدمشماري ۽ گهرشماري هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي، 18 کان 31 آڪٽوبر تائين رٿيل گهرشماري کي ملتوي ڪيو ويو، حڪومت اعلان ڪيو ته ايندڙ سال آدمشماري ڪرائي ويندي. ان کان اڳ لاهور ۾ چوڌري نثار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. آدمشماري ملتوي ڪرڻ جو اعلان ٽيون ڀيرو ڪيو ويو. **1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف هڪ غيرملڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارت سان وڏي جنگ جو خطرو محسوس ڪري رهيا آهيون، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ بنا تڪرار ختم نه ٿيندا، اسان ڳالهين ذريعي پرامن حل چاهيون ٿا. اڄوڪي ڏينهن 4 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 4 آڪٽوبر 1911ع شاعر الهه بچايو وفا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1919ع مشهور شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم محمد الزمان طاب المولا (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1921ع شاعر شفيع محمد اوج علوي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1962ع سماجي ورڪر محمد عالم جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1967ع شاعر ۽ ماهوار همرچو جي ايڊيٽر اياز جاني جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1967ع صحافي مظفر قاضي (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1970ع سياسي ۽ سماجي ورڪر حريف چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1973ع ليکڪ لياقت ميمڻ (ڊکڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1975ع صحافي امداد سومرو (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1978ع باليووڊ اداڪاره سوها علي خان جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 آڪٽوبر 1855ع هالا سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر آخوند عبد الصمد ثانوي جو لاڏاڻو ٿيو. 4 آڪٽوبر 1948ع سياستدان، اڳوڻي وڏي وزير ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي وفات جو ڏينهن آهي. 4 آڪٽوبر 1976ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ جو انتقال ٿيو. 4 آڪٽوبر 1995ع ناليواري گلوڪار مسعود رانا جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment