Wednesday 25 October 2023

SINDH in history today (26th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{26th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {26th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Big No to love & respect and to be loved & respected, and Big Yes to ego & hatred, is to deny Self and deprive own of human urge, instinct & values. It is to declare the Day as Night and to disown sincerity & trust, peace & hope] نفي فقط نینھن جي، پر پڪي انا جي اثبات، اھي عجب آھن آدمي جي سمجھن ڏینھن کي رات،‏ ڏئي سرت محبت کي مات، مارن سونھن سلام کي.‏‎ ‎ ************* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (26th of October) ************ BIRTHS: ‘Nachez’ Memon (Chhjra/Poet/1916), Menghraj Valechha (Karachi > Baroda/Writer & Journalist/1925), Kewalram Narsinghani (Gambat > Khandwa/Writer/1925), Lakhmichand Chhabra (Shikarpur > Mombai/Singer & Musician/1931), Ram Hingorani (Writer/1936), Amina Lalai (Sukkur/Writer/1952), Mansoor Sitai (Sita/Poet/1971) ************ DEATHS: Moulvi Abdul Rahman (Shikarpur/Religious Scholar/1882), Wali Muhammad Shah (Sehwan/Politician/1938), Mangharam ‘Ghulam’ (Poet/1940), Bardo Sindhi (Makan Kori/Poet/1988) ************* EVENTS: 1838: The Government of Bombay informs Colonel Pottenger that Bombay army was proceeding to Sindh under the command of General Sir John Keane, Commander-in-Chief of Bombay. (Source: Letter No.359). On this day and date Captain Burns sends Colonel Pottenger a copy of a letter written by Mir Noor Muhammad Khan to Mir Rustam Khan exhibiting his faithlessness and his disposition towards the British Government. It speaks of the strong network of these people and they were in position to intercept correspondence done between rulers. 1853: Sindh Commissioner asks Additional Commissioner for Jageers to furnish him report about requiring of labour from Jageerdars for repair of roads. (Source: letter No.3124). 1857: These are days of Mutiny and Sindh Commissioner has taken steps to secure a regular mail between Karachi, Hyderabad, Thatto and Bhuj with the up-country. Bombay Government today approves those arrangements. (Source: letter No. 2563). 1938: The year 1937-38 continued to be a disturbed one in Waziristan, states the Annual Administration Report of the Frontier Crops of Militia and Scouts. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1938). 1941: The All-India Muslim League decides to demonstrate in the Central Assembly Session, Musli India’s resentment and disapproval of the manner in which the expansion of the Governor – General’s Executive Council was carried out. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1941). 1976: Prime Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto defends 5th Constitutional Amendment. It is in greater interest of the country, he says. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: It is first day of hearing of the contempt of court case against Mufti Mahmood, Pir Pagaro , Moulana Noorani and Prof. Ghafoor. (Source: Newspapers). ( 26 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 26.10.1838: فرنگين جي جاسوسن ۽ سنڌ ۾ آئي پنج ڇھ سال مس گذريا ته هنن ميرن جا ويجها ماڻھون هنن کان ٽوڙي پنهنجا وفادار يار بڻائي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو ته ميرن جي مخفي خط و ڪتابت اصل ماڻھونء تائين پهچڻ کان اڳ انگريز سفارتڪارن تائين پهچي ويندا هئا. اڄ ڪئپٽن برنس خيرپور مان هڪ خط حيدرآباد پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليو, جيڪو مير نور محمد خان ڪجھ ڏينھن اڳ مير رستم علي خان کي لکيو هو ۽ ان ۾ انگريزن جي گلا به ڪئي هئي ۽ انھن جي نيتن تي شڪ به ڏيکاريو هو. 26.10.1849: سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني شروع ٿي ته حڪمرانن عيسائين ۽ عيسائيت جي مذھبي روايتن جي پاس خاطري شروع ڪئي. اڄ ڪلڪتي واري لارڊ بشپ کي سنڌ ۾ عيسائي قبرستانن جي ديک ڀال جو ڪم ڏنو. هن سال کان سنڌ جي عيسائي قبرستانن ۾ قبرن تي ڪتبا لکجن شروع ٿيا. انھن ڪتبن ۾ سنڌ ۾ دفن ٿيل عيسائين جي سوانح بابت ٽاڻا اشارا ملن ٿا. 26.10.1853: سرڪار فيصلو ڪيو ته جيئن ٽالپورن جي دور ۾ جاگيردار رستن ٺھرائڻ ۽ واهن کوٽائڻ ۾ وانگار يا ٻئي طريقي تعاون ڪندا هئا, اهو سهڪار کين فرنگي سرڪار کي به ڏيڻو پوندو. [ ياد رهي ته جاگيردارن کان زرعي آمدنئ جو پنج سيڪڙو به محصول/ٽيڪس/سيس طور ورتو ويندو هو] 26.10.1940: سر شاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ/ٿيل ڪمن جي معائني تي ممبئئ مان لاڙڪاڻي اچڻ جو فيصلو ڪيو ته لاڙڪاڻي جي ضلعي لوڪلبورڊ ان لاء پنھنجئ بجيٽ مان 97 روپيا منظور ڪيا [مطلب ته ڪو وزير يا عملدار ڪنهن هنڌ ويندو هو ته ان جو خرچ اتان جي ضلعي لوڪلبورڊ ڀريندي هئي] 26.10.1974: سوويٽ يونئين راضپو ڏيکاريو ته ڪراچئ ۾ اسٽيل مل قائم ڪرڻ لاء 228 ملين روبيلس ڏنا ويندا. 26.10.1989: بينظير خلاف قومي اسيمبلئ ۾ ”بي اعتمادئ واري رٿ" پيش ڪرڻ لاء مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن ان تي دستخط ڪيا. 26.10.1990: پاڪستان جي چونڊن ۾ بينظير جي پارٽئ هارايو ۽ نواز شريف سوڀيارو ٿيو. آمريڪا انھن چونڊن کي شفاف ۽ صاف چونڊون قرار ڏنو [چونڊن واري ڏينھن ملڪ جي صدر غلام اسحاق ووٽ ڏيڻ کان پوء نتيجن نڪرڻ کان اڳ چيو ته اڄ اسان مخالفن (بينظير ۽ سندس پارٽئ کي) دفنائي ڇڏيو. 26.10.1996: بينظير حڪومت لاء ڏکيا ڏينھن ثابت ٿي رهيا آھن. جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ لاء ڪوشان آھي ۽ ملڪ صدر فاروق لغاري, جنھن کي پي.پي.پي چونڊرايو هو, سو حڪومت تي ڪاوڙجي پيو آھي ته ڪئبينيٽ جيڪي فيصلا ڪري ٿي,انھن کان کيس آگاه نه ٿو ڪيو وڃي. هنن ئي حالتن ۾ مخالف ڌر نواز شريف جي اڳواڻئ ۾ ملڪ گير هڙتال ڪري ٿي. هنن کان پوء بينظير جو ڀاء مير مرتضا ڀٽو به ڪراچئ ۾ ماريو وڃي ٿو. اهو به تڏهن جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ بينظير جي حڪومت آھي. *************** 26 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 26 آڪٽوبر 1916ع شاعر ناچيز ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع صحافي مينگهه راج وليڇا (ڪراچي / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع ليکڪ ڪيولرام نرسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊوا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1931ع گلوڪار لکمي چند ڇاٻڙا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1936ع ليکڪ رام هنڱوراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ امينا لالئي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1965ع بزرگ شخصيت پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1971ع شاعر منصور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 آڪٽوبر 1882ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان شڪارپوري جو انتقال ٿيو. 26 آڪٽوبر 1938ع سياستدان ولي محمد شاهه (سيوهڻ) جي وفات ٿي. 26 آڪٽوبر 1940ع شاعر منگهارام غلام جي ديهانت ٿي. 26 آڪٽوبر 1988ع شاعر بردو سنڌئ جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment