Saturday 7 October 2023

SINDH in history today (8th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{8th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] SINDH (including Pakistan) {8th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Good people give a lot and never hurt or impose their greatness. My Dear is not good, but best. She/He is never inclined to accept, respect, give and trust me Though, he/she is a human-being but, never believes in human-values, beauty and love. He/She will never miss any moment to hurt me. In spite of that is always lovable and respectable for me.] ڪي ڏئي نہ ڏکوئن پر پرين نہ ڏئي ڏکوئن بي حساب, طبل تلوارون هٿن اکين ۾ وڙھڻ بنا نہ ڪو وٽن جواب, پڙھيو جو نٿن بره جو باب, سمجهن ثواب ڏوه کي.. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (8th October) 8th October BIRTH DATES Atta Hussain Shah Musvi (Rohri/Educationist/ birth 8th October1892), 2. Pandit Devdat Sharma (Hindu Religious Scholar/ birth 8th October1902), 3. Mansoor Veragi (Hala/Poet/ birth 8th October1930), 4. Jeevat Chawla (Ranipur - Mombai/Writer/ birth 8th October1932), 5. Jagdesh Bhagtiani alies 'Jhaman' (Karachi - Ulhasnagar/Singer/ birth 8th October1940), 6. Mohan Jagesai (Baroda/Stage Director/ birth 8th October1951), 7. Dilshad Bhutto Senior (Mirpur Bhutto/Writer/ birth 8th October1955), 8. Shamshad Ali 'Shakir'(Poet/ birth 8th October1958), 9. Hyder Shah 'Hyder' (Poet/ birth 8th October1959), 10. Ghalib Sindhi (Dighri/Poet/ birth 8th October1965), 11. Zulfkar 'Sahil' Shahani (Dadu/Poet/ birth 8th October1974), 12. 'Khatai' Thebo (Wali Muhammad/Poet/ birth 8th October1975), 13. Muneer Chandio (Kambar/Novelist/ birth 8th October1983). ******** EVENTS 1838: The communication between Captain Burns and Colonel Pottenger reveals that they are getting tough time from the people of Sindh and even are sure about the desired response from Rulers. They intend to get Bukkar fort on loan and purchase grain, but it has become very difficult task. 1913: Sindh Hilal Ahmar, in its Annual Report, advises Sindhi Muslims to support Ghulam Muhammad Bhurgri's Cess Bill, establish Bank, open Orphan Houses and found at least one Newspaper in Sindh. 1922: A big public meeting is held at Thul, by the local branch of the Khilafat Committee, in which Govt's policy regarding Turkey and even about India and Indian people is condemned. 1938: It is turning point in the political history of British Sindh. The first sitting of the Sindh Provincial Muslim League is held at Karachi. It starts with recitation from Quran by Hafiz Ali Muhammad of Dhighri. Quaid -i- Azam presides. EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th October) By: Dr. Pathan ** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدارن ڪيپٽن برنس ۽ ڪرنل پوٽينجر وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران اهو معلوم ٿيو ته انهن ٻنهي ڄڻن کي سنڌ جي ماڻهن مشڪل وقت ڏنو، جڏهن ته هنن کي سنڌ جي حڪمرانن مان سٺو ريسپانس ملڻ جي پڪ هئي، هنن بکر وارو قلعو قرض تي حاصل ڪيو ۽ اناج به ورتو پر هنن لاءِ سمورو ٽاسڪ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو. ** 1913ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هلال احمر پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ سنڌي مسلمانن کي صلاح ڏني ته اهي غلام محمد ڀرڳڙي جي سيس بل جي حمايت ڪن، سنڌ ۾ هڪ بينڪ قائم ڪئي وڃي ۽ يتيم خانا کوليا وڃن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سنڌي اخبار پڻ شروع ڪئي وڃي. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٺل ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هندستاني سرڪار جي ترڪي ۽ هندستان بابت پاليسي جي مذمت ڪئي وئي. ** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ليگ جي پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت قائد اعظم محمد علي جناح ڪئي، گڏجاڻي ۾ حافظ علي محمد قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويو. ** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ اسان جو مقصد جمهوريت کي بحال ڪرڻ آهي پر ماڻهو اسان جي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رام ڳڙهه سيڪٽر ۾ هڪ خطرناڪ صورتحال سامهون آئي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ انهيءَ سيڪٽر ۾ شروع ٿيل ويڙهه جنگ ۾ تبديل ٿي وئي. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن ايسٽ پاڪستان جي عوام لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي 5 ڪروڙ رپيا گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل مصر ۽ شام تي حملا شروع ڪري ڏنا، جنهن تي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو شام ۽ مصر جي قيادت کي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو، ذوالفقار علي ڀٽو مصر جي صدر انور سادات ۽ شام جي صدر سان رابطو ڪيو، ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته گڏيل قومن سان رابطو ڪيو ويندو ۽ عرب ملڪن جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويندو. ** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا طرفان افغانستان تي ڪيل حملن خلاف پاڪستان ۾ احتجاج شروع ٿي ويا، اسلام آباد پوليس اٽڪل هڪ هزار مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪيا ۽ گرفتاريون ڪيون ويون. اڄوڪي ڏينهن 8 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 8 آڪٽوبر 1902ع هندو مذهبي اسڪالر پنڊت ديو دت شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1927ع قانوندان جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1930ع شاعر منصور ويراڳي (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1932ع ليکڪ جيوت چائولا (راڻيپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1940ع گلوڪار جڳديش ڀڳتياڻي جهامن (ڪراچي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1955ع ليکڪ ۽ ڪالم نگار دلشاد ڀٽو سينيئر جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1958ع شاعر شمشاد علي شاڪر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1959ع شاعر حيدر شاهه حيدر جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1965ع شاعر غالب سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1974ع شاعر ذوالفقار ساحل شاهاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1975ع شاعر خطائي ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1983ع ناول نگار منير چانڊيو (قنبر) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 8 آڪٽوبر 1975ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment