Wednesday 4 October 2023

SINDH in history today (5th October). Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Pathan

{5th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {5th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Whoever has friends is lucky, but is man of bad luck if is without enemies & opponents. Opposition and enmity is a wonderful free mechanism for bringing angles those are not before us and we cannot see ourselves from those sides. IIt provide chance to see our own faults, flaws and mistakes those were very much there and we never took notice of them. Opposition helps us in self-correcting task. ] اها آھي نفرت ۽ دشمنئ، جا اٹپوري کي ڪري پورو، انهن بنا هر ڪو آدمي، آھي اصلي جيئن ڪو اڌورو، کڻي بار برہ پيو سمورو، سمجهائي سرت سلام سدا. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (5th October) 5th October BIRTH DATES of famous personalities of Sindh: Kouromal Chandanmal (Bhirya/Educationist & Writer/ birth 5th October1844), Syed Muzafar Majarjvi (Bagar Mir Jat /Journalist & Political Activist/ birth 5th October1916) , Dharampal Gupta (Mehar > Ulhasnagar/Writer/ birth 5th October1926), Saleem Khowaja (Larkano/Writer/ birth 5th October1938), Naeem Dareshani (Writer/ birth 5th October1941), Muhammad Azim Chandio (Larkano/Artist & writer/ birth 5th October1945) ,Ghulam Shabir Khajar (Pir Gul Shah/Political Activist/ birth 5th October1952), Shafi Chandio (Bachal Chandio/Writer/ birth 5th October1954), Aijaz Ali Jatoi (Beto/Politician/ birth 5th October1954), Riaz Samo (Larkano/Poet/ birth 5th October1964), Muhammad Khuhro (Bindi Motaio/Journalist/ birth 5th October1968) Dost Malookhani (Dhani Bux/Poet/ birth 5th October1968) ,Akbar S. Mangrio (Poet/ birth 5th October1969), Saifal Soomro (Ali Khan Thebo/Writer/ birth 5th October1973), ‘Parwano’ Feroz Memon (Do Abo/Poet/ birth 5th October1978), Amina Naz Bhatti (Writer/ birth 5th October1978), Juned Anwar Chandio (Hyderabad/Writer/ birth 5th October1979). 2. EVENTS from history 1839: Lieutenant Leckie writes to inform Lieutenant White Lock at Thatta that he was unable to hire boats for conveying grain with the army as the boatmen refused. (Source:letter of 5th October) 1947: Ten thousand Indian Muslim migrants reach today in Pakistan from Delhi, Jullender and Fatihgarh. (Source: Official Press Note). 1948: Din Muhammad is appointed Sindh Governor. (Government Notification). 1953: Muslim League Parliamentary party approves Prime Minister Bogra’s formula of two national languages i.e Urdu and Bengali. (Source: ibid). 1964: While addressing public gathering at Lahore, Fatima Jinnah says that Pakistan was created to provide equal opportunities to Muslims, but they are being deprived of their fundamental and political rights. (Source: Newspapers). 1969: Socialism is best method to resolve problems of common people, says Moulana Bhashani, leader of the National Awami Party. (Source: Newspapers). 1970: Khan Abdul Qayoom Khan and Mian Mumtaz Doultana opposed Bhutto and his political philosophy. Khan Qayoom blames Bhutto is working for civil war in the name of Socialism. Whereas Doultana says that in 1965, Bhutto became high-risk for Pakistan (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1998: Army Chief, General Jehangir Karamat proposes setting up of a National Security Council. Statement stuns government.(Source: Newspapers). 1999: Ehtesab bench of Lahore High Court issues non-bailable warrants for arrest of Benazir Bhutto. (Soure: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). ( 5 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 5.10.1832: پارڪر واري پاسي جيڪي سنڌي فرنگين کي لٽيندا هئا, مير انھن کي ڦورو قرار ڏئي پڪڙيندا هئا. حالانڪ هو ته فرنگين جو سنڌ ۾ اچڻ جو دڳ روڪيندا هئا. اڄ حيدرآباد واري مير مراد علئ ڪجھ گرفتار ڪيل ماڻهون غلام حيدر مجراڻئ هٿان پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليا ته ڀلي انھن کان پڇا ڳاڇا ڪري پوء قيدي واپس موڪل.لل 5.10.1838: شملي مان ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جو سيڪريٽري اڄ پاٽينجر کي لکي ٿو ته هاڻي گورنر جنرل کي يقين ٿي چڪو آھي ته ميرن جي اڪثريت اسان سان سچي ناهي. تون حيدرآبادي ميرن جي اهڙي لڳار رويئي کي ڌيان ۾ رکي, چاهين ته بامبي آرمئ کي پيش قدمئ لاء گهرائي وٺجان. خيرپوري ميرن سان تون الڳ ڳالهيون ۽ معاهدو ڪجان. ٻنھي هنڌن تي توکي ايئن ڪرڻو آھي, جيئن هدايتن ڏنيون ويون آھن. 5.10.1839: لفٽيننٽ ليڪئ اڄ ٺٽي ۾ مقيم ليفٽيننٽ وائيٽ لاڪ کي لکيو ته سنڌي مهاڻا اسان کي ٻيڙيون نه ٿا ٿين. ان ڪري فوج کي اناج پهچائڻ مسئلو ٿي پيو آھي. 5.10.1840: ڪراچئ ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ کان پوء مقامي فرنگي عملدارن پنهنجئ مرضئ سان ڪسٽم لاڳو ڪرڻ جو سوچيو ۽ پنهنجئ سرڪار کان اهڙي منظوري گهري. مگر اڄ مرڪزي حڪومت طرفان ممبئي حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته في الحال انھئ مامري کي نه ڇيڙيو. 5.10.1842: ليفٽيننٽ برنس اڄ مراسلو موڪلي نيپيئر کي ٻڌايو ته اسان جا واپاري بهاولپور طرف ميرن جي سخت پاليسئ ڪري تڪليف ۾ آھن ۽ مير سندن ٻيڙين تي ڳرا محصول مڙھن ٿا ۽ اڪثر ٻيڙين کي درياه ۾ هلڻ نه ٿا ڏين.[ ذھن ۾ ھئ ڳالھ رکڻي آھي ته نيپيئر اڳتي هلي ميرن کان اهي پرڳڻا کسي بهاولپور جي حاڪم کي ڏنا هئا]. 5.10.1947: دهلئ, جالنڌر ۽ فتح ڳڙھ مان ويه هزار پناهگير پهچي ويا. وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ ڪنهن مجبورئ جو ڪارڻ ڪونه هو, مگر نون سهولتن ۽ موقعن جي جستجو هئي. لڏ پلاڻ نه ته هنستان ورهائڻ واري فرنگي منصوبي جو حصو هو, ۽ نه وري ڪانگريس يا مسلم ليگ وچ ۾ ڪو ان بابت معاهدو ٿيو هو. 5.10.1948: ون يونٽ ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌي سياستدان سنڌ ۾ ون يونٽ جهڙين سياسي حالتن کي قبول ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا هئا. ان ڪري ملڪي حڪومت پنهنجئ مرضئ سان ٻين صوبن وارن کي سنڌ ۾ گورنر مقرر ڪرڻ جي روايت وڌي ۽ ان کي سنڌ ۾ اهڙو لائق ماڻھون نظر نه ايندو هو, جنھن کي گورنر مقرر ڪجي. اڄ دين محمد کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 5.10.1951: سنڌ جي وڏن وزيرن ۽ وري مغربي پاڪستان حڪومت ۾ سنڌي وزيرن خلاف بدعنوانين ۽ نااهلين جا ايترا ڪيس هليا, جن جو مثال ڪونھي. اڄ محمد ايوب کهڙي خلاف هلندڙ جاچ ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ محمد عثمان سومري پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. 5.10.1953: مسلم ليگ اسيمبلئ پارٽئ وزير اعظم بوگرا جي فارمولا جي تائيد ڪئي ته اڙدو ۽ بنگالي قومي ٻوليون ٿيڻ گهرجن. سنڌين, پنجابي, پٺاڻن ۽ بلوچن پنهنجي پنهنجي ٻولئ جي درجي وڌائڻ جي ڀرپور انداز سان تحريڪ ڪانه هلائي. ان ڪري انھن ٻولين کي نظرانداز ڪيو ويو. 5.10.1970: خان عبداقيوم خان ۽ دولتانه اڄ ذوالفقار علي ڀٽي تي سخت تنقيد ڪئي. عبداقيوم خان چيو ته ڀٽو خوني انقلاب پيو آڻي. دولتانه چيو ته 1965 واري جنگ دوران ڀٽو ملڪ لاء خطرو بڻجي چڪو هو. 5.10.1998: آرمي چيف جنرل ڪرامت حسين تجويز ڏني ته ملڪ ۾ ”نئشنل سيڪيورٽي ڪائونسل" جوڙي وڃي. 5.10.1999: لاهور هاء ڪورٽ جي احتساب بينچ بينظير ڀٽي جي گرفتارئ لاء ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا. *************** { 5 آڪٽوبر تي ڪي جنم وٺندڙ شخصيتون}: *************** 1844ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر ڪوڙو مل چندن مل (ڀريا). 1916ع صحافي سيد مظفر مديجوي. 1926ع ليکڪ ڌرم پال گپتا (ميهڙ / الهاسنگر). 1938ع ليکڪ سليم خواجا (لاڙڪاڻو). 1941ع ليکڪ نعيم دريشاڻي. 1945ع آرٽسٽ عظيم چانڊيو (لاڙڪاڻو). 1954ع ليکڪ شفيع چانڊيو. 1954ع سياستدان اعجاز علي خان جتوئي(ٻيٽو جتوئي). 1957ع اداڪار، هدايتڪار ۽ ڊراما نگار اسلم ڀٽو. 1963ع اديب ۽ شاعر اورنگزيب ڀٽي(ٽنڊو غلام حيدر). 1964ع شاعر رياض سمون. 1968ع شاعر دوست ملوڪاڻي. 1973ع ليکڪ صيفل سومرو. 1978ع شاعر پروانو فيروز. 1978ع ليکڪا امينه ناز ڀٽي.

No comments:

Post a Comment