Thursday 5 October 2023

SINDH in history today (5th October). Author Dr.Pathan & Translator his Son Mumtaz Ali Pathan

{6th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] SINDH (including Pakistan) {6th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is said that the time will come when there will be shadows in place of people. Nobody will be eye and ear and nobody will listen, see and understand sorrows and longings of others. People will not act and behave as they will be, but will love to dance as desired by others and required by others. Love and respect will be there only in books, but not in hearts and minds. Dear! When you unfortunately face such a situation, be, what you are and behave as you are beauty & love, peace & respect.] اهڙو وقت بہ ايندو يا آيو آھي جو هوندا ماڻهن بدران جت ڪٿ پاڇا, اکين هوندي نہ ڏسندو ڪوئي ڪنهن جا ڪن نہ سڻندا درد جي ڀاشا, پنهنجئ چال چلڻ جي بدران ڪي کين نچائي ڪندا وجهندا تماشا, باز بره جا اڏري ويندا باقي انا ۽ نفرت جا وڃي پوء بچندا باشا, اهڙو وقت اچي تہ پوء آشا, رکجان تون سرت سونهن سلام ۾. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (6th OCTOBER) (1).BIRTHS: 6th October 1. Seth Giyanchand Motwani (Larkano/Social worker/ birth 6th October 1878 ), 2. Noor Ahmad 'Nachez'(Poet/ birth 6th October 1916), 3. Mina Gope Rupchandani (Karachi - Ulhasnagar/Writer/ birth 6th October 1940), 4. Manzoor Kumbhar (Luqman Kereo/Poet/ birth 6th October 1959), 5. Qalab Soomro (Panjudero/Writer/ birth 6th October 1968 ), 6. Amar Pirzado (Poet/ birth 6th October 1980), 7. Hamdam Hingorjo (Poet/ birth 6th October 1994). (B).DEATHS: 6th October 1. Asim Nathanshahi (Poet/ death 6th October 2006) (3).EVENTS: 6th October Beera Khan Jakhrani and Pir Nooruddin, both of Upper Sindh are granted Jageer to the extent of 300 beeghas and 200 beeghas respectively. 1934: The Collector of Larkano invites attention of the Larkano District Board to the anti - social activities being performed on the occasion of Melas and Anniversaries of the late Pirs and Saints and advise to draft some sort or Rules to stop such activities. The Larkana District Local Board appoints Committee for this purpose. It consists of Muhammad Ayub Khuhro, Ahmad Bux Bhutto and Pirbhdas Tolani. 1947: Karachi is connected with all provincial capitals with flight service. 1950: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan also becomes the President of the Pakistan Muslim League. 1958: Khan of Kalat, Mir Ahmad Yar Khan, is taken into preventive detention by the Govt. of Pakistan. 1973: Parliament extends emergency. Opposition's protest bycott begins. 1988: Party - based elections on schedule. Supreme Court gives verdict in Benazir Bhutto's constitutional petition. 1990: Lahore High Court issues contempt notice to PPP leaders for hooliganism in the court on October 2. 1992: Sindh Local Bodies are dissolved. 1993: General elections are held. People cast their votes for the time in five years. 2001: President General Pervez Musharraf gets extension in his tenure as the Chief of the Army Staff (COAS) for unspecified period ( 6 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 6.10.1832: سنڌ ۾ مقيم ڪمپني حڪومت جي نمائندي اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته جوڌپور ۽ جيسلمير جي حاڪمن يقين ڏياريو آھي ته جڏهن ٿرپارڪر ۾ ٺاڪرن ۽ کوسن خلاف ڪمپني حڪومت ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ته جوڌپور ۽ جيسلمير ڪمپني حڪومت جو ساٿ ڏيندا. 6.10.1847: اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ سرڪار کي لکت ۾ ٻڌايو ته هن ڪهڙين ٻروچ ذاتين کي اتر سنڌ ۾ آباد ڪيو آھي ۽ انھن جون ريتون, رسمون ۽ رواج ڪهڙا آھن. اهي ذاتيون آھن: بگٽي, جکراني, رمداڻي, جمالي مندراڻي, ڊومڪي, جتوئي, کوسا, مغيري, چانڊيا, ڪٻر, مگسي, بروهي, لاشاري, کيتران ۽ مري [ سنڌ جي اها بدنصيبي آھي ته ان پنهنجا توڙي پراوا حڪمران ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪندا رهيا آھن. ڪلهوڙن ميرن کي آندو, انگريزن انھن مهربانن کي آباد ڪيو, جن جي ذاتين جا نالا ڏنا اٿم. 1947 کان پوء پناهگيرن کي آباد ڪيو ويو. هن دور ۾ بهاري ۽ افغاني آباد ڪيا پيا وڃن] 6.10.1934: لاڙڪاڻي ضلعي جي لوڪلبورڊ اڄ محمد ايوب کهڙي, احمد خان ڀٽي ۽ پرڀداس تولاڻئ تي ٻڌل هڪ ڪميٽي بڻائي ته اهو ڏسي ته ميلن ملاکڙن ۽ پيرن فقيرن جي عرسن جي موقعن تي ڪهڙيون سماج-دشمن ريتون رسمون پروان چڙھن ٿيون, جن تي سرڪاري طور تي پابندي وجهي وڃي. 6.10.1947: هوائي جهازن جي اڏام ذريعي, اڄ ڪراچئ کي ملڪ جي ٻين صوبائي گادين سان ملايو ويو. 6.10.1950: ملڪ جي وزير اعظم هڪ مٺ ۾ ٻه گدرا کڻي ڏيکارڻ جي نئين روايت قائم ڪئي. لياقت علي خان وزير اعظم ته هيو ئي هيو, پر اڄ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر به بڻجي ويو. 6.10.1973: ذوالفقار علي ڀٽو سياستدان هو, پر هن پنهنجئ حڪمرانئ ۾ ڪيترو وقت مارشل لا کي لاڳو ڪري رکيو ۽ ملڪ تان امرجنسي تڪڙي نه لاٿي, بلڪ ان ۾ مخالف جماعتن جي مخالفت باوجود واڌ ڪندو رهيو. اڄ پڻ هن پارليامينٽ کان امرجنسي جي مدي ۾ واڌ ڪرائي. 6.10.1993: ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. نتيجن اچڻ کان اڳ صدر غلام اسحاق چيو ته اسان سياسي حريفن کي انت تائين پڄايو آھي. [مطلب ته ملڪ جو صدر پاڻ مڃي ٿو ته ملڪ ۾ چونڊون چورائي سگهجن ٿيون ۽ نتيجا بدلائي سگهجن ٿا] 6.10.2001: جنرل مشرف, جنهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي, نواز شريف جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ جو صدر به ٿي ويو, تنھن اڄ پنهنجي چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي ۾ واڌ ڪئي.[غير فوجي حڪومت ۾ ناني ورهائڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا ٿيندا آھن. پر فوجي حڪومت ۾ ناني ورهائڻ واري به هوندي آھي ته کائڻ واري به هوندي آھي] *************** 6 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 6 آڪٽوبر 1878ع سماجي ورڪر سيٺ گيانچند موٽواڻي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1916ع شاعر نور احمد ناچيز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1940ع ليکڪ مينا گوپ روپچنداڻي (ڪراچي / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1959ع شاعر منظور ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1968ع ليکڪ ۽ شاعر قلب سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1980ع شاعر امر پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 آڪٽوبر 1994ع شاعر همدم هنڱورجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 آڪٽوبر 1981ع مصري صدر انور السادات کي قتل ڪيو ويو. 6 آڪٽوبر 2006ع شاعر آثم ناٿن شاهئ جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment