Wednesday 18 October 2023

SINDH in history today (19th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

{19th October} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {19th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ None of us is Angel, or Satan. We are Human-beings and everybody is combination of good and bad. We make mistakes and none of us is fault-free. Whoever claims to be pious and saint, is dodger and will never appreciate and encourage love, beauty and peace and cannot accept them as essential requirements of Human nature and insects.He/She will try to chain you in traditions, fear and doubts.] ڏينهن رات عيب ثواب نفرت محبت سي تضاد ڪٿي؟ اهي رنگ ۽ روپ جي پيا مٽجن, تضاد تہ چئبو ان کي جي ماڻهن هوندي “ نقلي فرشتا “ پاڻ کي “ ماڻهو ً نہ سمجهن, خامي خوبي سڀ ۾ پر پرماريت-پرست پاڻ کي ئي پاڪ نيڪ متقي چئي نچن, ڪڏھن اهي ڪين مڃن, اهميت عظمت محبت خدمت قربانئ دعا سلام سندي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (19th October) ************** 19th October BIRTH DATES Dara Abro (Artist/1940) Ghulam Hussain “Shouq”/Long Mahesar/Poet/1952 Sami Lund (Waleedaad Khan/Poet/1955) Javeed Ahmd Nohri(Pathoro/Journalist/1967) Syed Murad Ali Shah (Bukera Sharif/Artist/Journalist/1974) Moulvi Najamuddin Soomro (Religious Scholar/ death 18th October1979) Anwar Jarwar (Khanwah/Poet/1981) Ali Sahil (Poet/1982) Noor uddin “Noor” Mahar (Mahesar/Poet/1982) ************** DEATH DATES Makhdoom Muhammad Ismail (Piryan loi/Religious Scholar & Saint/ death 18th October1760), Mir Rustam Khan Sani S/o Mir Imam Bux(1914) Syed Allahndo Shah (Nawabshah/Politician/1919) Pero Muhammad Sail (Poet/1959) Mir Ghulam Ali Talpur (Politician/1962) Dadan Fakeer (Miandad Chinjni/1979) Ustad Bukhari (Dadu/Poet/1992) ************** EVENTS 1838: Captain Burns informs his Govt. that he have delivered to Mir Rustam Khan the letters from Governor - General and Shah Shuja -ul- Mulk and have explained to him the object of Govt. in restoring Shah Shuja -ul- Mulk to his kingdom and informed him the Governor - General desires Mir to extend his cooperation in this regard and shall pay share of the tribute to Shah Shuja. Captain Burns also informs his Govt. that he also entered a long conversation with regard to Rojhan. 1947: It is official told that in a few days the number of the Indian Muslim migrant is as under: Twelve Trains (Today), 3250 (yesterday), 5058 (Day after yesterday), 33200 (on 14th) and 101000 on 13th of October. 1957: The World Bank makes a loan of ¤ 31,000.000 to enable Pakistan to cover the foreign exchange cost for expansion of its railway. 1972: Partial strike is observed in Karachi Industrial area to protest against police firing and killing of four workers. 1986: One million plots to be distributed among shelter less families, Junijo launches Seven - Marla free housing Scheme near Faisalabad. In Sindh, this Scheme provided golden chance to local land - mafia and influential people to make handsome earning out of it. 1991: During cleanup operation in interior Sindh 24 bandits are killed and 5 arrested. 1993: Benazir Bhutto is elected leader of house by 121 votes, Nawaz Sharif got 72 votes. JUI and PIF members abstain ( 19 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا ************** 19.10.1832: فرنگي سرڪار سنڌ جي حڪمرانن جي مرضئ سان انهن کوسن,سوڍن ۽ ٺاڪرن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو, جيڪي فرنگين کي ڦري لٽي سندن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي رستي روڪ ڪندا هئا. هن فوجي مهم جي قيادت لفٽيننٽ لچفيلڊ ٿي ڪئي. اڄ ڪرنل پاٽينجر پنهنجو مراسلو نمبر 234 موڪلي لچفيلڊ کي هدايتون ڏنيون. 19.10.1838: اڄ ڪئپٽن برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته هو ڪالھ خيرپور پهتو ۽ مير رستم علي خان کي اهي سبب ٻڌايائين ته ڇا جي ڪري فرنگي شاه شجاع کي تخت تي ويهارڻ گهرن ٿا. هن مير رستم علي خان کي تعاون ڪرڻ جي گذارش ڪئي. جنھن تي مير وراڻيس ته ان تي اسان حيدرآبادي ميرن سان صلاح ڪري جواب ڏينداسين. 19.10.1844: سنڌ جي فرنگي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کان منظوري گهري ته سکر ۽ شڪارپور کي روڊ ٺاهي ملايو وڃي. اهو فوجي مقصدن لاء ضروري آھي. روڊ ٺاهڻ تي 52,008 روپيا خرچ ايندو. 19.10.1924: "بزم ناري شريف", اسٽيشن بالي شاه طرفان بزم جو ٽيون مشاعرو ٿيو. مشاعري جي مصرع طرح هئ هئي: "تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا". 19.10.1946: غلام احمد نظامئ جي ڪوششن سان قائم ٿيل "سنڌي بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو. ڪراچئ جي هئ ادبي تنظيم 1923 کان 1947 تائين فعال رهي. ان طرفان ڪيترا مشاعرا ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا. 19.10.1947: ٿورن ڏينھن ۾ پهتل پناهگيرن جا انگ اکر هن ريت آھن: 12 ريل گاڏيون اڄ پھتيون, 3250 پناهگير 18 آڪٽوبر تي آيا, 5058 پناهگير 17 آڪٽوبر تي پهتا, 33200 ڄڻا 14 آڪٽوبر ۽ 101000 ان کان اڳ 13 آڪٽوبر تي آيا. 19.10.1957: ورلڊ بينڪ پاڪستان کي ريلوي جي ڄار وڇائڻ لاء 31,000,000 $ قرض ڏنو. ريلوي جي پٽڙئ وڇائڻ جو ڪم ڪٿي ڪٿي ٿيو, ان تي سنڌ جي اقتصادي ماهرن ڪو به تحقيقي ڪم ڪري اسان کي نه ٻڌايو آھي. 19.10.1964: راجشاهئ ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران تقرير ڪندي صدارتي اميدوار فاطمه جناح ملڪي حالتن جو چٽ چٽيندي چيو ته وڏي سازش سان عام ماڻھونء کي نظرانداز ڪري اپر ڪلاس ۽ صنعتڪارن کي ترقئ ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا آھن. 19.10.1971: جسٽس طفيل علي عبدالرحمان کي "سنڌ بلوچستان هاء ڪورٽ" جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. هن جسٽس قديرالدين کان چارج ورتي. سنڌ جي عدليه جي تاريخ ۽ ڪارنامن تي تحقيق جي سخت ضرورت آھي. عدليه جي دفترن جي فائيلن ۾ اسان جي آزادئ جي تاريخ جا ورق موجود آھن. پر اها تحقيق عدليه جي رضامندي کان سواء ناممڪن آھي. 19.10.1991: اڃ سنڌ ۾ آپريشن ڪلين اپ ۾ 24 ملزم ماريا ويا ۽ 5 گرفتار ڪيا ويا. 19.10.1993: قومي اسيمبلئ اڄ بينظير ڀٽو کي قائده ايوان چونڊيو. هن 121 ووٽ کنيا. نواز شريف کي 72 ووٽ مليا. جي.يو.آء ۽ پي.آء.ايف پري رهيا. *************** {19 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1940ع آرٽسٽ دارا ابڙو (قنبر). 1940ع گلوڪاره ۽ صداڪاره روبينه قريشي. 1952ع شاعر غلام حسين شوق. 1955ع شاعر ۽ ٽي سميع بلوچ. 1967ع صحافي جاويد نهڙي (پٿورو). 1974ع صحافي، ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ سيد مراد علي شاهه بڪيرائي . 1981ع شاعر انور جروار. 1982ع شاعر علي ساحل. 1982ع شاعر نور الدين نور مهر . [وڇوڙو]: 1914ع مير رستم خان ثاني. 1918ع شاعر سيد ڀاون علي شاهه ساقي(بدين) 1959ع شاعر پير محمد سائل. 1963ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپور. 2008ع شاهه لطيف جو رسالي جي شارح ٻانهو خان شيخ

No comments:

Post a Comment