Friday 8 September 2023

SINDH in history today (9th September) By Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

POST SHARED BY MUMTAZ PATHAN SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day of 9th September, 2023 . هوت تون ڪنهن هڪ لاء نہ پر سچ سونهن حق لاء آھين, تون خود خوبين ڀري ڪائنات آھين فقط فرد ناهين ناهين, هوا پاڻئ روشنئ بنا متڀيد سڀ لاء تيئن تون بہ سائين, پوء ڇو دليون دکائين؟ اجايو ٿو لنوائين سرت سلام کان. Translation [ It is right that you are an individual, but not only for self or for any individual. You are a Complete Universe within this Universe. Hence, universality is your real identification and status.status. Don't hide Self, your identification and status under the Shadow of fear and danger of out dated tradions, values and teachings. Sun shines for all and Air freshes all without distrimination. In such a way don't chain your vision & wisdom, beauty & love and talent & potentialities with hated and discrimination, please.] ************** SINDH IN HISTORY TODAY {9th SEPTEMBER} EVENTS from history. 1842: It is much before the fall of Hyderabad and Talpurs are still rulers of Sindh. Dispute has taken place between Mir Ali Murad Khan, Mir Rustam Khan and Mir Naseer Khan. Captain Brown, British Agent has been trusted with resolving the problem. Today, he receives letter from Mir Ali Murad Khan complaining the conduct of Mir Naseer Khan. (Source: Letter of dated 9th September, 1842). 1851: The Collector of Karachi compiles report on the Ancient Monuments of the Karachi District. (Source: Letter No.1841). 1857; In Hyderabad artillerymen belonging to ‘Native Artillery Battery’ are captured by the Government. They were blamed for organizing revoult/mutiny against the Government. All face court martial and eight of them are blown away from the gun and eight others were sentenced to transportation of life. (Source: Dr.Azimusan’s Ph.D thesis). 1922: It is the first day of 2-Day Khilafat Conference held at Kambar. It is being presided over by Moulana Abdul Karim Chisti of Shikarpur. Handsome number of local Congress leaders and workers attended the conference. (Source: Daily Al-Wahid, Karachi) 1947: Karachi is made Head Quarter of the Pakistan Navy. (Source: Government Notification). 1952: One thousand Indian Muslim migrants are refused to settle in Sialkot, the city of Dreamer of Pakistan. (Source: Newspapers). 1960: Bhambhore site is excavated. Human skeletons are found. (Press Release of the Archaeological Department) 1965: Sialkot Sector is war-place between Pakistan and India. It is terrible day. (Source: Newspapers). 1974: Indian press terms action to announce Qadyanis as Non-Muslims a bold step by Bhutto Government. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, by Gul Hayat Institute). 1986: Benazir Bhutto is released. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). POST SHARED BY dr.Pathan ( 9 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.9.1842: سنڌ ملڪ جا حڪمران آزاد ۽ خودمختيار هوندي به پنھنجا مامرا پاڻ سلجهائڻ بدران فرنگي ايجنٽن کي امين بڻائي, انھن کان حل ڪرائيندا رهيا. فرنگين ميرن جي انھن باهمي اختلافن ۽ ڪمزورين مان ڀرپور فائدو ورتو. اڄ مير علي مراد خان ڪئپٽن برائون کي دانھن ڏني ته مير نصير خان جو هن سان رويو درست ناهي. ڪئپٽن برائون مير علي مراد خان جو پاسو وٺندي مير نصير خان ۽ مير رستم خان جي مخالفت ڪئي ۽ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ تي مير علي مراد خان جي حق کي تسليم ڪيو. (حوالو: ڳوٺن جي مامري تي ڪئپٽن برائون جي خط و ڪتابت). 9.9.1851: فرنگي هئا ته ڌاريا, پر هنن سنڌ جي ماضئ, تاريخ ۽ قديم آثارن تي وڏو ڪم ڪيو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1841 ذريعي ڪمپني حڪومت کي ڪراچئ ۽ ان جي ڀر پاسي وارن آڳاٽن ماڳن بابت تفصيلي رپورٽ موڪلي ڏني. اها رپورٽ ھٿ ڪري,جيئن جو تيئن ڇپرائڻ گهرجي. ان جي ڪاپي ممڪن آھي ته سنڌ آرڪائيوز يا انڊيا آفيس لائبررئ ۾ موجود هجي. 9.9.1857 ڪالھ ڳالھ ٿي هئي ته حيدرآباد ۾ فوجين بغاوت جو منصوبو جوڙيو, پر ان تي عمل ڪرڻ کان اڳ پڪڙجي پيا. اڄ ان جا وڌيڪ تفصيل ڏجن ٿا. جن فوجين کي پڪڙيو ويو هو. انھن جو تعلق Native Artillery Battery سان هو. انھن جي اڳواڻي حوالدار ڪمارسنگ ٿي ڪئي. هن کي توب جي منھن ۾ ڏئي اڏايو/ماريو ويو هو. باقي اٺن ڄڻن کي ڦاهي ڏني وئي هئي. 9.9.1922: قمبر ۾ ٽن ڏينھن واري خلافت ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت شڪارپور جي مولانا عبدالڪريم چشتئ ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ھندو توڙي مسلمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان ۾ مرد به هئا ته عورتون به هيون. عورتن مان دمنتي ديوئ جو نالو ذڪر ڪرڻ لائق آھي. ڪانفرنس ۾ سمرنا ۾ ڪمال پاشا جي فوجي فتح تي کيس مباڪون ڏنيون ويون. ياد رهي ته سنڌ خلافت ڪميٽئ "سمرنا فند" قائم ڪري, چندو وٺي ڪيترا ڏوڪڙ ترڪن ڏي ڏياري موڪليا هئا. هن ڪانفرنس خلافت تحريڪ جي سياسي اسيرن جي قربانين کي واکاڻيندي کين مباڪون پڻ ڏيون. (حوالو: الوحيد). 9.9.1947: ڪراچئ کي پاڪستان جو نيول هيڊڪورٽر بڻايو ويو. 9.9.1952: پاڪستان جي خواب ڏسندڙ علامه اقبال جي شهر سيالڪوٽ وارن هڪ هزار انڊين پناھگيرن کي شھر ۾ آباد ڪرڻ کان جواب ڏنو. 9.9.1986: سياسي قيدڻ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو. [جنم ڏينهن]: 1867ع تعليم دان پريمچند اوتراءِ. 1897ع حيدرآباد واسي سماج سڌارڪ ڪيول رام شهاڻي. 1907ع شاعر خليفو محمد امين پلي. 1909ع صحافي ۽ ڪانگريسي اڳواڻ ٻلديو گاجرا. 1931ع ليکڪ الله نور بروهي. 1929ع پاڪستان مان ڪوڙهه جي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري عمر ارپيندڙ جرمن عورت ڊاڪٽر رٿ ڦائو. 1933ع شاعر آنند کيماڻي. 1940ع شاعر ناطق ڳيريلاني. 1949ع شاعر الله ڏنو “صبا” . 1958ع شاعر آسي نظاماڻي. 1973ع شاعر مقيم جلباڻي. 1974ع شاعر وفا عبدالجبار. [وفاتون]: 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ امام الدين راشدي. 1960ع خلافت تحريڪ جو اڳواڻ شمس الدين قاضي. 1968ع بزرگ حافظ امام بخش سومرو. 1980ع ناليواري راڳي استاد منظور علي خان

No comments:

Post a Comment