Monday 25 September 2023

SINDH in history today (26th September). Author Dr.Pathan & English Translator Mumtaz Pathan

[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {26th September}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ It is neither Communication gap, nor Generation gap. But, Motherland and Nationalism have lost meaning for us. Therefore, we can't accept and respect each other. But, I have accepted and respected all and loved you. I have been advocating and preaching your beauty, vision and wisdom since centuries.] جي ساري سگھیا نہ صدین کان، سي آئون ساریان صبح شام، تن سچن سرت - وندن لاء سلام ، آئون سرجیان پيو پیار مان . ************* SINDH IN HISTORY TODAY {26th September} 26thSeptember BIRTH DATES of lumanaries of Sindh. Jagdesh Sharma (Mumbai/Artist/birth 26 September 1955), ImdadHygerSolangi (Khan Muhammad Solangi/Writer/birth 26 September 1976) DEATH DATES of lumanaries of Sindh. Shaikh Abdul Aziz Qandhari (Hyderabad/Freedom Fighter/ death 26 September 1959), Allah Bux Gabol (Karachi/Freedom Fighter/1960), Noor Sindhi (DhaniBuxThebo/ death 26 September 1996), Vishno Sharma (Sindh > India/Journalist & Freedom Fighter/ death 26 September 1973), Noor-u-din Sarki (Karachi/Writer/ death 26 September 2007). EVENTS from history 1920: In the meeting of the Working Committee of the Sindh Khilafat held at Karachi with Seth Amin-u-din in chair resolve that local bodies election will be boycotted by the party no member will participate, for the promotion of National Education and imparting education to young generation as per requirements of society private schools will be opened by party and public; for resolving issues at gross root level, local Panchayat will be formed in the length and breadth of the Sindh and for providing commodities on cheaper than market, Utility Stores will be established also. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1942: Outstanding, but drastic action is taken by Khan Bahadur Allah Bux Soomro, the Premier of Sindh. He denounces the title in protest against British policy regarding granting freedom to India. Though, he was not Congress man and took the decision on his own and history will remember him as a Freedom Fighter of his own right, but it proved to be big political support for Congress also, because it was busy in ‘Quit India’ Movement launched by it. (Source: letter by Allah Bux Soomro). 1948: Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah lays foundation stone of the Valeka Textile Mills at Karachi. (Source: Newspapers). 1960: Khan Abdul Qayoom Khan is arrested. (Source: Newspapers). 1971: Z.A.Bhutto demands National Assembly session as early as possible. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1974: Pakistan must take 25,000 Biharis first so as talks on other vital issues can be started, Shaikh Mujeeb makes condition. (Source: Newspapers). 1977: Z.A. Bhutto be shifted to Lahore jail. Court passes order. (Source: Newspapers). 1991: Benazir Bhutto believes IJI Government for violation of Human-Rights. (Source: Newspapers). ( 26 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 26.9.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن جي صدارت سيٺ امين الدين ڪئي. ان ۾ فيصلا ڪيا ويا ته: 1). ڪائونسلن جي ٿيندڙ چونڊن جو بائڪاٽ ڪبو. ڇو ته اتان هن ڪري عوامي ڀلائئ وارا ڪم ۽ فيصلا نه ٿي سگهندا جو فرنگي سرڪار ڪائونسلن تي پنهنجا من-پسند ماڻھو ميمبر طور ٿاڦي, پنهنجي اڪثريت ڪري وٺندي آھي ۽ پنهنجي مرضئ وارا فيصلا ڪندي آھي. ان ڪري چونڊن جو بائڪاٽ ڪرڻ بهتر آھي, 2). سرڪاري تعليمي ادارن کان عوام بائڪاٽ ڪيو آھي. ان ڪري قومي تعليم کي پروان چاڙھڻ لاء پنهنجا قومي تعليمي ادارا قائم ڪبا. قومي تعليمي ادارن جي مالي امداد ڪئي ويندي ۽ لائق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي, 3). هنڌين ماڳين پئنچاتون قائم ڪري, عوامي اختلافي مامرا حل ڪيا ويندا ۽ ماڻھن کي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي درن تي رلڻ کان بچايو ويندو, 4). مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ”يوٽلٽي اسٽور" قائم ڪبا ۽ عوام کي سستي اگهن تي شين خريد ڪرڻ جي سهولت ڏني ويندي. 26.9.1942: الله بخش سومرو هڪ انقلابي اڳواڻ ۽ سياستدان هو. هن ۽ سر غلام حسين هدايت الله جي سياسي بصيرت شڪارپور کي ڏهاڪو سال سنڌ جي سياست ۾ اوچو مقام ڏنو. الله بخش سومري کي سرڪاري خطاب "خانصاحب" مليل هو. هن اڄ فرنگي مرڪزي حڪومت ۽ برطانيه سرڪار جي غير جمهوري ۽ ظالماڻي حڪمرانئ خلاف احتجاج ڪندي اهو خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو. [الله بخش سومري ان وقت خطاب ڇڏيو, جهن ڪانگريس طرفان "هندستان ڇڏيو" تحريڪ هلي رهي هئي. ان ڪري ڪيترن نقادن الله بخش سومري کي ڪانگريس-دوست سياستدان چيو آھي. الله بخش سومري جي شخصيت ۽ سياسي خدمتن تي ڪن ليکڪن ڪتاب ضرور لکيا آھن. پر انهن مان ڪيترن ڪتابن ۾ غير جانبدارانه تحقيق کان وڌيڪ "ڌرائتي عقيدت" جو رنگ وڌيڪ چڙھيل آھي. الله بخش سومري جي خطاب ڇڏڻ ۽ سندس حڪومت ڊسمس ٿين تي برطانيه "هائوس آف ڪامنس" ۾ حڪومت کان کوڙ سارا سوال پڇيا ويا ۽ اتان جي اخبارن ۾ انھئ موضوع تي ڪيترو بحث ٿيو/لکيو ويو. جيڪڏهن الله بخش شھيد جا عاشق محقق اهو مواد گڏ ڪري ڪتاب لکن ته اسان جي سياسي ادب ۾ بهتر مواد جو اضافو ٿي سگهي ٿو] 26.9.1948: ڪراچئ ۾ وليڪا ٽيڪسٽائيل ملس جو افتتاح ٿيو. [پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ ۾ ھندن ڪيترا ڪارخانا هنيا, ملون ۽ فيڪٽريون قائم ڪيو. پر مسلمان وڏيري انھئ طرف گهٽ ڌيان ڏنو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء به سنڌي ڌن-ڌڻي صنعت ۽ تجارت طرف ايترو متوجه نه ٿيو. ان ڪري اهو شعبو سنڌين کان خالي ٿي ويو] 26.9.1974: شيخ مجيب الرحمان پاڪستان سان ڳالهين ڪرڻ لاء اهو شرط رکيو ته پاڪستان پهريون گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار بهاري واپس وٺي. [بهارين جو بنگلاديش ۾ پاڪستان دور اندر فتي باز ۽ بنگالي-دشمن وارو ڪردار رهيو. بنگلاديش سڀ کان اول پنهنجي معاشري کي صاف ۽ پاڪ ڪرڻ لاء کين ملڪ مان ڪڍڻ کي ضروري ڄاتو. جڏهن بهاري پاڪستان ۾ آيا ته کين ڪراچئ ۾ آباد ڪيو ويو ۽ سندن اچڻ کان اڳ هن جي مستقل رهائش ۽ ملازمت جو بندوبست ڪيو ويو] 26.9.1977: ڪورٽ سڳورئ فيصلو ڏنو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي لاهور جيل منتقل ڪيو وڃي. *************** ڏينهن 26 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 26 سيپٽمبر 1932ع ڀارتي وزيراعظم ۽ ماهر معاشيات من موهن سنگه جو جنم ڏينهن آهي. 26 سيپٽمبر 1955ع اداڪار جڳديش شرما (ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 سيپٽمبر 1976ع ليکڪ امداد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 سيپٽمبر 1959ع آزادي لاء جاکوڙيندڙ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شيخ عبدالعزيز قنڌاري جي وفات ٿي. 26 سيپٽمبر 1960ع سياستدان الهه بخش گبول (ڪراچي) جو لاڏاڻو ٿيو. 26 سيپٽمبر 1960ع اڳوڻي وزير اعظم آءِ آءِ چندريگرجو لاڏاڻو ٿيو. 26 سيپٽمبر 1973ع صحافي وشنو شرما جي ديهانت ٿي. 26 سيپٽمبر 1990ع سنڌي ٻولي جي برک اديب ۽ ليکڪ ٽهلرام آزاد(ٽنڊو محمد خان / ممبئي) جي ديهانت ٿي. 26 سيپٽمبر 1996ع نامور موسيقار ماسٽر غلام علي جو انتقال ٿيو. 26 سيپٽمبر 1996ع ليکڪ نور سنڌي جو انتقال ٿيو. 26 سيپٽمبر 2007ع ليکڪ ۽ قانوندان نور الدين سرڪئ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment