Sunday 10 September 2023

SINDH in history today (11th September). By. Mumtaz Pathan (English version) & Dr.Pathan (author/ in Sindhi)

Mumtaz Pathan SINDH (in history today {11th September}. UNIQUE WORK IN PAKISTAN ON HISTORICAL RESEARCH, BEING DONE BY AN INDIVIDUAL (Dr.Pathan). and his Good Day Wish for YOU. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Communication gap creates misunderstandings, differences & distances. Whoever is not ear is not fair and is in fear. In such a situation love & respect, care & cause has to loose its impact & value. It is state of affairs in my society] جي من ۾ رھن سپرین، سي ئي منھن چڙھیا ڪین، پاڻ نہ پڇیئون ڪڏھین، تان ڪیئن گذارن غمگین، اسان جي مسڪین، ڳنڍیون رشتا سرت سلام سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY {11th SEPTEMBER} EVENTS from history 1919: It is notified by the Government of India, Army Department that following persons rendered valuable services for the Government during 1st World War: Diwan Tekchand O.B.E, Indian Services (Karachi), Takurdas Jagasia (Karachi); Hotchand Jattani (Karachi); Kishorilal (Karachi); G.Rahumal (Karachi); Keharsing Jawaharsing (Zamindar), B.Naraindas (Zamindar); Ramditomal Lala Jawaharmal (Zamindar) and Vazirmal Utamsing Govinda Bux (Bar-at-Law). 1948: The father of Pakistani nation and first Governor-General of Pakistan Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah breathed his last. He was born in Jhirk, near Thatta and that time Thatta was part of the district of Karachi. It is officially told that he was born in Wazir Mension, Karachi. 1960: It is notified by the Government that Karachi will be given status of a Division with effect from 1st of October 1960. 1965: Pakistan Army captures Khemkaran and Gadaro. War between India and Pakistan is on high peak. (Source: Newspapers). 1988: Mr. Justice5 (Retired) Qadiruddin replaces General (Retired) Rahimuddin as the Governor of Sindh. (Source: Government Notification). 1991: Benazir Bhutto addresses a big public meeting at Karachi and demands for formation of a National Government and holding of fair and free election. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute) Dr.Pathan "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(11 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 11.9.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ميجر جنرل چارلس کي افغانستان ۾ فوجي ڪاروائي ڪرڻ لاء سنڌ موڪليو هو.هن پوء سنڌ ۾ رڻ ٻاريو. اڄ گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ ذريعي آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته تون سر چارلس نيپيئر کي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي سنڌ جي حڪمرانن ۽ سندن روين بابت سمورا تفصيل نيپيئر کي پيش ڪر ۽ کيس ٻڌاء ته اسان ميرن سان ڪهڙا ڪهڙا معاهدا ڪيا آھن ۽ ميرن انھن جي ڪيتري پوئواري ڪئي آھي ۽ ڪٿي ڪٿي ويساه-گهاتيون ڪيون آھن. گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ نيپئر ڏي به انهئ خط جي ڪاپي موڪلي ۽ کيس چيو ته سنڌ جي صورتحال ۽ سنڌ جي حڪمرانن بابت رايو قائم ڪري, سرڪار کي باخبر ڪر. (حوالو: سيڪريٽرئ جا خط). 11.9.1919: پهرين مهاڀارئ لڙائئ ۾ ڪيترن انگريز-پرست سنڌين فرنگي سرڪار جي مدد ڪئي. سرڪار انهن جا نالا نوٽيفيڪيشن جي روپ ۾ سرڪاري گزيٽ ۾ ڇپيندي هئي. انھن سمورن جا نالا گل حيات گڏ ڪيا آھن. اڄوڪئ گزيٽ ۾ جن جا نالا ڏنا ويا آھن, اهي آھن: ديوان ٽيڪچند [ڪراچي], ٺاڪرداس جگيسيا [ڪراچي], هوتچند جتاڻي [ڪراچي], ڪشوري لال [ڪراچي], جي. راهومل [ڪراچي], خيرسنگ جواهرسنگ [زميندار], بي. نارائڻداس [زميندار], رامڏنومل جواهر مل [زميندار] ۽ وزيرسنگ اتم سنگ 11.9.1935: 1919 کان وٺي سنڌي ماڻھن خلافت ۽ ڪانگريس جي پليٽ فارمن سنڌ ۽ هند جي سياست کان سواء پرڏيهي سياست تي به نظر رکي ۽ ان بابت پنهنجن ويچارن جو ڀرپور اظھار به ڪندا رهيا. خلافتي سياستدانن ترڪئ ۽ فلسطين جي مسئلن تي ئي سياست ڪئي. ڪانگريسي سنڌين به بين الاقوامي سياست کي نظرانداز نه ڪيو. اڄ ڪراچي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ مسيلوني حڪومت جي حبش خلاف جارحانه حڪمت عملئ خلاف مذمتي ٺھراء پاس ڪيو ويو. (حوالو: "ڊيلي گزيٽ“ اخبار). 11.9.1948: پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي قتلن جيان خود ملڪ جي بانئ جي موت جي به سچي ۽ درست حقيقت عوام اڳيان ڪانه آئي. ملڪ جو باني جو موت اڄ به معمو آھي. اڄ سندس وفات جي تاريخ آھي. هو زندگئ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ھئو ته وقت تي کيس ٻي ايمبولنس نه ملي. وزير اعظم انھئ ڏکئ مهل هن وٽ نه پهتو, پر هڪ سفارت خاني جي فنڪشن ۾ شريڪ رهيو. 11.9.1960: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته پهرين آڪٽوبر کان ڪراچئ کي ڊويزن جو رتبو ڏنو ويندو. 11.9.1988: اڄ جسٽس (رٽائيرڊ) قديرالدين سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 11.9.1991: ڪراچئ ۾ پي.ڊي.اي جي وڏي جلسي کي خطاب ڪندي, بينظير عبوري حڪومت ٺاهي نئين چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. 11.9.1996: اها سنڌي ماڻھونء جي فطرت رهي آهي ته هو ظلم جي خلاف به ٻارڻ ٻاريندو آھي ته بي انصافئ خلاف پاڻ به ٻرڻ ۽ سڙڻ کان ڪونه لهرائيندو آھي. اڄ, انصاف ۽ حق نه ملڻ تي حيدرآباد ۾ مائي زينب ۽ مائئ حاڪم زادئ نالي ٻن ڀينرن پاڻ کي باه ڏني. هنن ڏکوئيل نياڻين جا ٻه ڀائر ٽنڊي بھاول جي انهن شھيدن ۾ شامل هئا, جن کي "را" جو ايجنٽ چئي ۽ ٻيا الزام هڻي بي گناه ماريو ويو هو. پاڻ ساڙيندڙ مائين اڳواٽ اهڙو اطلاع حڪومت کي به ڏنو هو. ليڪن سرڪار ڪو جوڳو قدم نه کنيو ۽ مظلومياڻن کي سڙي مرڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. (حوالو: اخبارون). {11 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1921ع اسڪالر تاج صحرائي. 1931ع اسڪالر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. 1957ع ليکڪ عاجز يوسفاڻي. 1957ع اسٽيج ڊائريڪٽر کيمچند لاکياڻي. 1974ع صحافي ۽ ليکڪا ڊاڪٽر سنڌو راشدي 1982ع ليکڪ اسد سومرو. [وڇوڙو]: 1916ع شاعر مرزا مراد علي بيگ “ٻڍل”. 1931ع خلافت تحريڪ سان لاڳاپيل سياستدان پير امام الدين راشدي. 1933ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان بولچند آڏواڻي. 1948ع باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح. 1982ع مذهبي عالم مولانا جان محمد ڀٽو.

No comments:

Post a Comment