Thursday 28 September 2023

SINDH in history today (29th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {29th September}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everybody is over busy with her/his own assignment. Nobody has time for others. Self interests and personal motives have replaced Human love, respect and service. But, in fact ego, hatred and discrimination have thrown us at the place of No-return. Dear! In such a terrible situation, I am lucky Brand that my only task is to love you and project your beauty, vision & wisdom.] پاڻ لاء پرين لاء ۽ پنهوارن لاء ڪونهي ڪنهن وٽ ڪوئي وقت, ڄڻ ذاتي غرضن طمعن مقصدن خاطر پيو هلي مقابلو سخت, سچ تہ انا ڪروڌ ڪاوڙ جو ڄڻ ڪي مليو آھي سڀ کي تخت, مون کي مليو بخت, تہ ڳايان سر سندء سونهن جا سلام سان ************** SINDH IN HISTORY TODAY (29th September) 29th September BIRTH & DEATH DATES of eminent personalities of Sindh. BIRTHS: Nandar Rejhsinghani (Larkano>Mumbai/Writer/birth 29 September 1929), Doulat Ednani (Panhyar>Poono/Poet/birth 29 September 1939), ‘Wafa’ Langah (Poet/birth 29 September 1959), Manik Malah (Sakrand/Poet/birth 29 September 1967). DEATH: Haji Qadir Bux Shah (Bhan/Local politician/ death 29 September 1955), Gul Nasrpuri (Poet & writer/ death 29 September 1965), Shah Abbasi (Poet/ death 29 September 1981), Syed Imdad Ali Shah (Matiari/Politician/ death 29 September 1971). EVENTS from history 1838: Colonel Pottenger advises his Government for to occupy the fort of Karachi either by force, or consent of Talpurs. To make demonstration of power and force at Hyderabad and send troops either from Cutch, or Deesa. (Source: letter No.283) 1911: Sindh Hilal-i-Ahmar Society is formed at Karachi with Mir Ayub as its President and Haji Abdullah Haroon as Secretary. Main object of the Society is to collect donation and send financial help to the Muslims those are being victimized by Itly. (Source: G.M.Syed’s book ‘JanabGuzaryam Jan seen’). 1922: Public meetings are held at Buthi,Daim Mashori and Village Deedar by local branches of the Khilafat Committee. At Buthi, the meeting is presided over by Qazi Azizullah and Hassan-u-ullah and Moulvi Ghulam Sidik spoke on the occasion. Munshi Muhammad Suleman presided over the public meeting at DaimMashori. Whereas MoulviKarimBux was main speaker at Deedar. On this occasion, 60 people joined Khilafat Committee. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1948: First ever Minority Conference after creation of Pakistan is held at Dhaka and that is presided over by Noor-ul-Amin, the Chief Minister of East wing. The Conference demands religious freedom. (Source: Newspapers). 1952: Federal Government is considering the recommendation of the Sindh Government on abolition of Jageerdari system in Sindh. (Newspapers). 1977: Benazir Bhutto while addressing a big public meeting at Sahiwal warns that if his father Z.A.Bhutto is hanged, water of all five rivers will turn red. And soon after she is put under house arrest! (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute ( 29 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.9.1838: اڄ ممبئي سرڪار انڊين نيوئ جي سپريڊنٽ کي چيو ته فرنگي فوج کي ڪراچئ پهچائڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻو. ٻئي طرف ساڳئ سرڪار ڪرنل پاٽينجر کان خط لکي پڇيو ته اسان جي فوج جڏهن خشڪئ ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿئي ته ڪٿي ڪٿي ان کي مزاحمت ڏسڻي پوندي. اسان کي ڪراچي جو قلعو سڀ کان اڳ قبضي ۾ وٺڻ گهرجي يا جي ڪو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪڇ ڀڄ کان حيدرآباد تي فوجي دٻاء وجهجي. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 283). 29.9.1842: بهاولپور ۾ مقرر ڪيل فرنگين جو مقامي ايجنٽ پير ابراهيم اڄ ليفٽيننٽ برائون کي خط ۾ لکي ٿو ته مير رستم خان جي پرواني ملڻ تي اسان جا واپاري مٺڻ ڪوٽ, ڀنگ ڀاڙا ۽ فيروزپور ۾ خوش ٿيا. پر سندن خوشيون ان وقت خاڪ ۾ ملي ويون, جڏهن حيدرآباد واري مير نصير خان جي ڪاردار جي حڪم تي اسان جون ٻيڙيون سنڌ طرف وڌڻ کان روڪيون ويون ۽ ڀريل ٻيڙين مان سامان لهرايو ويو. 29.9.1843: ڪراچئ مان نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي پاڻ تي لڳايل ميجر آئوٽرام جي الزامن جو جواب ڏئي گورنر جنرل کي مطمعن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ياد رهي ته آئوٽرام نيپيئر تي ميرن کي فريب ڏيڻ, ڏاڍ تي ڳنڍ ٻڌڻ ۽ سفارتڪارئ ۾ منافقي ڪرڻ جا الزام هڻي رهيو هو. آئوٽرام فرنگين مان پهريون ماڻهو لهو, جنهن نيپيئر جي فريب تي ٻڌل فتح جا پول پڌرا ڪيا. نيپيئر جو خط طويل ۽ تفصيلي آھي ۽ هن ان ۾ آئوٽرام سان ٿيل خط و ڪتابت مان اقتباس ڏئي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. (حوالو: ڪتاب Correspondence related to Sinde). 29.9.1911: ڪراچئ ۾ مير ايوب جي صدارت ۾ ”سنڌ هلال احمر سوسائٽي" جوڙي وئي ۽ حاجي عبدالله هارون کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن سوسائٽئ سمورئ سنڌ مان چندو گڏ ڪري طرابلس موڪليو ته جيئن اتي اٽلئ جي ظلمن جو نشانو بٺيل مسلمانن جي مدد ڪئي وڃي. 29.9.1922: مقامي خلافت ڪميٽين طرفان هنن هنڌن تي عوامي ميڙاڪا ٿيا: *.بٺئ ۾ قاضئ عزيزالله جي صدارت. ترڪن خلاف سرڪار جي حڪمت عملئ جي ندا ڪرڻ لاء حسن الله ٺھراء پيش ڪيو ۽ ان جي مولوئ غلام صديق تائيد ڪئي. *. ڳوٺ دائم مشورئ ۾ جلسي جي صدارت منشي محمد سليمان ڪئي. ان ۾ يونان خلاف ترڪن جي فتح لاء دعائون گهريون ويون, * . ڳوٺ ديدڙ ۾ مولوي عبداڪريم صدارت ڪئي. اتي خلافت ڪميٽئ جي شاخ کولي وئي ۽ 60 ميمبر ٿيا. (حوالو: "الوحيد" اخبار جا مختلف پرچا). 29.9.1946: ميهڙ ۾ ”بزم مشاعره صوفي" ۽ " بزم بلبل" جي گڏيل ڪوششن سان مشاعرو ٿيو. ان جي طرح مصرع هئي: "اڄ فقط بلبل نه پر خود باغبان چڪر ۾ آھ“. [ 1946 ۾ شاعرن جي ڌيان ۾ ڳالھ چڪر پئي ڏئي ته حالتون هر ڪنهن کي چڪر ۾ وجهي رهيون آھن. علم ادب تاريخ کي ايئن محفوظ ڪندو آھي]. 29.9.1977: ساهيوال ۾ تقرير ڪندي بينظير ڀٽو چيو ته :" جيڪڌهن ڀٽي کي ڦاهئ تي لٽڪايو ويو ته پنجن ئي درياهن جو پاڻي ڳاڙھو ٿي ويندو". ستت پوء کيس نظربند ڪيو ويو. *************** {29 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1904ع ليکڪ سريچند ميوارام. 1929ع ليکڪ نند ريجهسنگهاڻي (لاڙڪاڻو / ممبئي). 1939ع شاعر دولت عيدناڻي (سنڌ / پونا). 1959ع شاعر وفا لانگاهه. [وڇوڙو]: 1965ع شاعر گل نصرپوري 1971ع سياستدان سيد امام علي شاهه (مٽياري). 1981ع شاعر ميان جان محمد عباسي شاد ٻورڙائي. 2004ع سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ سيد امداد محمد شاهه.

No comments:

Post a Comment