Thursday 21 September 2023

SINDH in history today (22nd September). Author Dr.Pathan & Translation of the Post into English by Mumtaz Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr.Pathan's unique work on Historical Research since more than decade. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [Truth is beyond listening and believing in hypothesis. Time has an strength to prove any thing true or false. Dear! Do not be ear or tongue. Be heart, full of beauty & love] جو چئین ٻڌین تون سپرین، سو سورنھن آنا سچ ناھي، وقت ئي وڏي واڪ سدا ، سچ ثابت ڪري ۽ کولي ٻڌائي، الڪو ۽ اجائي اڻ تڻ لاھي، وٺ پاسو صبر سرت سلام جو. ************* SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS 1951: On the eve of Hari Conference held at Sakrand, following are elected as new office-bearers of the party: Qazi Faiz Muhammad (President), Moulvi AzizullahJarwar& Dost Muhammad Abro (Both Vice Presidents), Ghulam Hussain Soomro (General Secretary), Syed Zain-ul-Abdin& Hakim Muhammad Moosa (Both Joint Secretaries), Abdul Wahid Moulai (Treasurer) and following were elected as members of the Working Committee : Hafiz Nek Muhammad, Haji Muhammad Alim Mangrio & Muhammad Nawaz Pathan (District Sukkur), Rais Nazir Hussain & Moulvi Muhammad Maaz (District Nawabshah), Hyder Bux Jatoi & Allah RakhioChandio (District Dadu), IllahiBux Qureshi, NabiBuxTunio& MoulviNazir Hussain (District Larkano), Allah Jurio, Yar Muhammad Rind &Pir Muhammad Ali Shah (District Hyderabad), Majnoon Muslim & Ahmad Dal (District Tharparkar), Moulvi Shah Muhammad & Shah Bukhari (District Jacobabad), Alauddin Samoo & Moulvi Muhammad Haroon. (Source: AshiqSolangi’s M.Phil Thesis on Hari Tahreek) 1950: Bengalis demand status of Second National Language for Bengali. Government extends Pakistan Safety Act for more year. (Source: Newspapers). 1951: Resentment prevails over not broadcasting Fatima Jinnah’s speech on Radio. Rebroadcasting is demanded by various groups and political parties. (Soure: ibid). 1955: Karachi is taken under control of the Federal Government. Since the birth of Pakistan , the task of snatching Karachi from Sindh and Sindhis has been dwelt with top priority. WhereasSindhis has been terming this act as to vanish Sindh. (Source: Ibid). 1962: GhousBuxBezinjo is arrested. (Source: Newspapers). 1977: Punjab University awards Honourary degree of Ph.D to Zia-ul-Haq, Chief Martial law Administrator. (Source: Newspapers). 1993: Nawaz Sharif is product of Ziaism. He is busy in isolation Karachi and Hyderabad from mainstream of Sindh politics, culture and society. He is favouring his Business community and is responsible for price-hike, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). ( 22 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 22.9.1951: سڪرند ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس جي موقعي تي پارٽئ جي عهديدارن جي هن ريت چونڊ ٿي: قاضي فيض محمد (صدر), مولوي عزيز الله جروار ۽ دوست محمد ابڙو ( ٻئي نائب صدر), غلام حسين سومرو (جنرل سيڪريٽري), سيد زين العابدين ۽ حڪيم محمد موسا (ٻئي جوائنٽ سيڪريٽري), عبدالواحد مولائي (خزانچي). ان کان سواء ”ورڪنگ ڪميٽئ" لاء هي ميمبر چونڊيا ويا: حافظ نيڪ محمد, حاجي محمد عالم مڱريو محمد نواز پٺاڻ (سکر ضلعي مان/لاء); رئيس نذير حسين ۽ مولوي معاذ (نواب شاه); حيدر بخش جتوئي ۽ الله رکيو چانڊيو (دادو ضلعو); الاهي بخش قريشي, نبي بخش تنيو ۽ مولوي نذير حسين (لاڙڪاڻو ضلعو); الهجڙيو, يار محمد رند ۽ پير محمد علي شاه (حيدرآباد ضلعو); مجنون مسلم ۽ احمد علي دل (ٿرپارڪر); مولوي شاه محمد ۽ شاه بخاري (جيڪب آباد); علاوالدين سمو ۽ مولوي محمد هارون (ڪراچي ضلعو). 22.9.1950: بنگالين پنهنجئ ٻولئ کي ملڪ جي ٻيو نمبر قومي بنائڻ جو مطالبو ڪيو. [اسان جا وڏڙا سڪون جي ننڊ ۾ ستل رهيا] 22.9.1951: فاطمه جناح کي اهو اعزاز حاصل هو ته هوء ملڪ جي بانئ جي ڀيڻ ھئي ۽ عزت احترام سان کيس "مادر ملت" چيو ويندو هو. پر هن ريڊيو پاڪستان تان تقرير ڪئي ته اها ڪاٽي وئي ۽ حڪومت تي ٿيل تنقيد وارو حصو ان مان ڪڍيو ويو. سياستدان ان تي وڏي بيان بازي ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو فاطمه جناح جي سڄي تقرير وري نشر ڪريو. 22.9.1955: مرڪزي سرڪار ڪراچئ جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ هيٺ رکيو. [پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ڪراچئ کي سنڌ/سنڌين کان کسڻ جون وڏيون چاليون هلايون ويو. پهريون ڪراچي کسڻ جو خفت مرڪزي سرڪار کي ٿيو ۽ پوء پناهگيرن انھئ کي پنهنجي سياسي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو] 22.9.1977: پنجاب يونيورسٽي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق کي پي ايڇ.ڊئ جي اعزازي ڊگري ڏني. 22.9.1993: بينظير ڀٽي اڄ نواز شريف تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو ضياء الحق جي تربيت ۽ فڪر جي ڪک مان پيدا ٿيل سياستدان آھي ۽ سنڌ سان نفرت هن جي نس نس ۾ سمايل آھي. هو سنڌ ۾ لساني سياست جو ٻج ڇٽي رهيو آھي ۽ کليو کلايو پناهگيرن جو پاسو وٺي بيٺو آھي. *************** 22 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 22 سيپٽمبر 1922ع شاعر خوشي رام خوشي (خانواهڻ / ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1923ع شاعر احسن الهاشمي (ٽنڊو مير نور محمد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1938ع مشهور شاعر تاجل بيوس جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1939ع شاعر لطف سومرو (ٽنڊو علي شير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1950ع سياستدان نثار کهڙو (عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1955ع سياستدان سيد نويد قمر (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1959ع اداڪاره جيوتي ناواڻي (ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1959ع ليکڪ رستم سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 سيپٽمبر 1808ع پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير ڳوٺ) جي وفات ٿي. 22 سيپٽمبر 1935ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام احمد ملڪاڻي جو انتقال ٿيو. سنڌ ۾ جڏهن "صوبائي خلافت ڪانفرنسن" جو آغاز ٿيو ته پهرين ڪانفرنس هن جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿي هئي. 22 سيپٽمبر 1965ع ليکڪ احسن بدوي (شڪارپور) جي وفات ٿي. 22 سيپٽمبر 1988ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ اسڪالر رئيس امروهوئ جو لاڏاڻو ٿيو. اردو- سنڌي لساني فسادن دوران هن "جنگ" اخبار ۾ قطعو لکيو هو ته "اردو ڪا جنازه هي, ذرا ڌوم سي نڪري". انھئ قطعي سنڌ ۾ لساني خونريزئ کي هوا ڏني. 22 سيپٽمبر 1992ع ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار علي خان جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment