Tuesday 5 September 2023

SINDH in history today (6th September). Post by Mumtaz Pathan (in English) and Dr.Pathan (in Sindhi)

SINDH (including Pakistan) in history today {6th September}. By. Dr.Pathan Founder Gul Hayat Institute Dr.Dur Muhammad Pathan [ Historical Research is a Movement for creating Friendship between Generations of Past and Present. Therefore, Historical Research be included in Scheme of Awarding Nobel Prize] SINDH(including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th September} and my Good Day Wish for YOU. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Neither all will be happy with you, nor you can please everyone. Because, you cannot face ego and expectations of others. Your soul and instincts need love & beauty and peace & tranquility. Therefore, please your Self.] تو مان سڀئي راضي ھجن، اھو ناممڪن ڪٺن ڪم، راضي ڪري ڪين سگھین، تان جو لاھین پنھنجو چم، نہ ڪر ڳٹتي ڳاراٹو يا غم، رھ راضي سرت سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: 1838: Colonel Pottenger provides information to his Govt. that Shah Shuja - ul - Mulk has approached Talpur rulers for his support. 1840: One thousand and forty camels and six hundred bullocks of the East India Company Govt. have been stolen near Kahun. 1847: Baloch Sardars could not get Jageers, till debt dues are not cleared. Meanwhile their Jageers will be placed in the hands of Trustees appointed by the concerned, decides Govt. 1851: The Rule is promulgate to make it compulsory condition to qualify in Sindhi language for any Civil employment in Sindh Govt. 1886: In a meeting headed by Sindh Commissioner, it is decided that the college be started in Sindh as an aided institution to be managed by a committee consisting of the representatives of the subscribers, Govt. nominees and local bodies' representatives who would contribute fund. 1922: Karachi Social Service League makes its Annual Report public that reveal that it awarded prizes to girls students, rehabilitate Makrani refugees who reached Karachi due to famine in Makran. 1947: Designated Prime Minister of Pakistan, Nawabzado Liaquat Ali reaches Karachi by chartered aero plane. 1955: Major - General Iskandar Mirza is appointed as Acting Governor - General of Pakistan. IS IT NOT AMAZING THAT GOVERNOR - GENERALS WERE APPOINTED WITHOUT ANY DEMOCARATIC PROCEEDURE. 1965: Khan Abdul Ghaffar Khan accepts Indian Govt.'s invitation for the visit of India. 1973: The action of PNA will pave way for counter - action by PPP,warns Prime Minister Z.A.Bhutto "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(6 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 6.9.1838: اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ سنڌ ۾ مقيم پنهنجي ريزيڊنٽ کي تفصيلي ٻه خط لکي هدايتون ڏنس ته: 1.ميرن جا پرشيا جي بادشاه ڏانھن لکيل خطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان کي ميرن بابت پنھنجي حڪمت عملي بدلائڻ گهرجي ته جيئن مير اسان جي دوستئ بدران اسان جي دشمنن سان ياري نه رکن, 2. گورنر جنرل سوچي رهيو آھي ته سنڌ ۾ اسان پنهنجي فوج رکون, جيئن مير ان جو نفسياتي اثر قبول ڪري, اسان خلاف ٻين سان اتحاد نه ڪن,3. خيرپوري حڪمران اسان سان ساٿ نڀائي رهيا آھن, هنن کان بکر جو قلعو وٺڻ گهرجن, 4. شاه شجاع جي فوج جي چر پر ميرن تي دٻاء وجهندي, مير مدد لاء اسان جي ويجهو ٿيندا ۽ شاه شجاع کي خراج ڏيڻ ۾ سستي نه ڪندا. 6.9.1840: سنڌ ۾ مقيم فرنگي ايجنٽن جي گهر ۾ ماتم آھي ۽ هو پريشان آھن, ڇو ته مري جبلن ۾ برائون کي پڪڙيو ويو هو. ھن کي آزاد ڪرڻ لاء ڪئپٽن ڪبورن کي موڪليو ويو هو. پر جابلو ماڻھن فرنگين کان هڪ هزار چاليه اٺ ۽ ڇه سو ڏاند ڦري ورتا. (حوالو: سکر واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو مراسلو نمبر 1840). 6.9.1847: سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته مقروض بلوچ سردارن کي في الحال جاگيرون نه ڏجن. پر قرض لاهڻ تائين اهي امينن Trustees جي نظر هيٺ ڏجن. (حوالو: مراسلو نمبر 2545). 6.9.1851: سنڌ جي ڪمشنر اڄ صوبائي سرڪار کي تفصيل سان خط لکي ٻڌايو ته سنڌي لپئ لاء عربي رسم الخط ڇو ضروري آھي. (حوالو: مراسلو نمبر 1814). 6.9.1886: سنڌ جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ لاء گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انھئ ڪاليج هلائڻ وارئ ڪميٽئ ۾ چندو ڏيندڙ, لوڪل باڊيز جا نمائندا ۽ سرڪار طرفان ٿاڦيل ميمبر رکيا ويندا. هن گڏجاڻئ ۾ ڏيارام ڄيٺمل کي به سڏيو ويو هو, پر هو ان ۾ شامل نه ٿيو. ڇو ته هو سرڪار جي اڌوري ڪاليج بدران پنهنجو ڪاليج کولڻ چاهي پيو. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 6.9.1955: ميجر جنرل اسڪندر مرضا کي پاڪستان جو وقتي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. 6.9.1973: " پي.اين.اي وارا جيڪو ڪجھ ڪن ٿا, ان جي ردعمل ۾ پيپلز پارٽي به گهڻو ڪجھ ڪري سگهي ٿي"- وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. {6 سيپٽمبر تي جنم يا وفات وٺندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1867ع سياستدان چينراءِ بولچند (حيدرآباد). 1909ع سياسي اڳواڻ ايل داس راءِ سنگهاڻي. 1954ع ليکڪ ۽ شاعر تاج جويو (سڪرنڊ). 1962ع شاعر حنيف عاطف (جهڏو). 1964ع سگهڙ صدورو عباسي. 1969ع ليکڪ ۽ شاعر قاضي مقصود احمد(مٽياري). 1978ع شاعر خالد اختر راجپر (محراب پور). [وڇوڙو]: 1992ع سنڌي فلمساز ۽ اداڪار حسين شاهه فاضلاڻي

No comments:

Post a Comment