Sunday 3 September 2023

SINDH in history today (4th September). Post in English by Mumtaz & in Sindhi By. Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th September} and my Good Day Wish for YOU. **************. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Me, my Motherland and her people are not on the agenda of your heart. Hence, our all requests & appeals, demands & desires are in vain. It is irony of fate that you are not ready to pay heed but, terrible conditions have started weeping on it ] پرين پنھنجئ مرضئ جو مختيار اسان جيئن ليکي منجھ ناھيون. چري دل ڪنھن جي در دانھيون؟ سور سٹايون سرت سلام سان؟ ************** SINDH IN HISTORY TODAY {4th Sept} EVENTS: 4th September 1841: Lieutenant Terry is assigned duty to carry out the survey in Shikarpur district. (Source: letter No.918). This may kindly be note that in those days Sindh was still under rule of Talpurs, but Political Agents and Assistant Agents like Lieutenant Postans and Major Outram were given free hand to that extent that they were taking policy decisions like conducting of survey and investigating merits of Indus for navigation, etc. 1843: The Governor-General in Council asks Sir Charles Napier that one of three guns be captured after the battle of Miani would be sent to England to be kept on the terrace at Windsor and other two to be placed at the foot of the monument at Bombay and also send fourth one which would be placed in front of the Government House at Calcutta. (Source: letter No.359). 1954: Feroz Khan Noon, Chief Minister of Punjab suggests Federation of West Pakistan. (Source: Newspapers). 1959: Basic Democracy system will ensure participation of people in power, claims President Ayub. (Source: Newspapers). 1965: The Secretary General of the U.N.O doubts a big clash between India and Pakistan. (Source: ibid). 1973: Release of political workers is inter-related with political dialogue, declares Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(4 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 4.9.1841: سنڌ تي انگريزن اڃان قبضو ڪونه ڪيو آھي ۽ سنڌ هڪ آزاد ملڪ آھي, پر فرنگي وڌيڪ آزاد آھن ته اهي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي پنهنجئ مرضئ مطابق سروي ڪن. ليفٽيننٽ ٽيري شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي جي سروي ڪرڻ لاء مقرر ڪيو ويو. (حوالو: ليفٽيننٽ پوسٽن جو ميجر آئوٽرام ڏانھن موڪليل مراسلو نمبر 918). 4.9.1843: اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي آگاه ڪيو ته مياڻئ جي جنگ ۾ ميرن جون جيڪي توبون اسان کي هٿ آيون آھن, انھن مان هڪ انگلنڊ موڪليو ته اتي ونڊسر جي آڳڙ تي رکي ويندي, هڪ اسان ممبئئ ۾ رکنداسين ۽ هڪ ڪلڪتي ۾ گورنمينٽ هائوس ۾ رکبي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 359). 4.9.1954: جمهوريت ۾ اڪثريت جي حڪمراني ٿيندي آھي. جڏهن به پاڪستان ۾ چونڊن جي ڳالھ ٿيندي ته بنگالين جي اڪثريت اوس ئي ٿيندي. ان ڪري بنگالين کي اقتدار-ڌڻي ڏسڻ وارا سياستدان گهٽبا ويا. هر ڪو انھئ پس منظر ۽ نيت سان ٻولڻ لڳو. اڄ پنجاب جي وڏي وزير فيروز خان نون حاڪمن کي صلاح ڏني ته اوله پاڪستان جي فيڊريشن قائم ڪئي وڃي. (حوالو: اخبارون). 4.9.1959: پاڪستان ۾ جنهن به اقتدار تي قبضو ڪيو, ان پنهنجو نظام آندو. ايوب "بنيادي جمهوريت" جو نظام آندو. ان لاء اڄ چئي ٿو ته هئ نظام عوام جي اقتدار ۾ شرڪت جي ضمانت آهي. (حوالو: اخبارون). 4.9.1973: "منھنجئ سرڪار جيڪي سياسي ورڪر قيد ڪيا آھن, انهن جي آزادي مخالف ڌر جي سياستدانن سان ڳالهين سان مشروط آھي."- ذوالفقار علي ڀٽو. { 4 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1936ع ليکڪ امداد علي سرائي. 1941ع گلوڪار گرمک نانڪاڻي (نوابشاهه / هندستان). 1942ع اداڪار منگهو ڌرمداساڻي (ڪنڊيارو / احمد آباد). 1951ع صحافي ۽ ليکڪ فقير محمد لاشاري. 1951ع ليکڪ علي محمد رمدي 1961ع شاعر ڪنعيو شيواڻي(ڀوپال). 1958ع صحافي محمد عاشق پٺاڻ. [وفاتون]: 1906ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد آگرو. 1936ع شاعر علي اڪبر مجروح. 1955ع شاعر مرزا امام علي بيگ. 1967 شاعر سيٺ محب علي محب. 1987ع شاعر سليم ڳاڙهوي. 1984ع لوڪ گلوڪار مصري فقير. 2002ع گلوڪاره فوزيه سومرو

No comments:

Post a Comment