Friday 29 September 2023

SINDH in history today (30th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{30th September} ************ [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade] SINDH (including Pakistan) {30th September}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Ideals never try to impress others. However, they earn hearts by virtue of their love, service and sincerity. Whoever has no love & respect for humans and human values, can't promote & protect peace and progress] جو ئي دوست دلين سندو, سو ئي سهڻن سندو سردار, باقي بره بنا آھ آدمي لاچار آزار سرت سونهن سلام لاء. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (30th September) 30th September BIRTH & DEATH DATES OF EMINENT PERSONALITIES OF SINDH: BIRTH DATES Khowaja Gul Muhammad (Luwari/Saint/birth 30 September 1961), Hari Motwani (Larkano>Mumbai/Journalist & Film maker/birth 30 September 1929), Abdul Majeed ‘Abid’ Soomro (Khan Miyani/Poet/ birth 30 September 1935), Mahesh Chandar (Tharo Shah >Mumbai/Singer/birth 30 September 1943), Haji MunawarAbbasi (Valid/ex-Minister & Founder of AbbasiTanzim/birth 30 September 1944), PoonamBirj Mohan (Mombai/Artist/birth 30 September 1948) , AftabKaloi (Village Khan Muhammad/Poet & MRD Activist/birth 30 September 1952) , TulsidasBahrani (Ulhasnagar/Writer/birth 30 September 1954), PirSajjad Jan Sarhandi (TandoSaeendad/Politician/birth 30 September 1962), Ali MuradGadahi (Luwari/Journalist/birth 30 September 1974), Hakim Ali ‘Gul’ Mahar (Malhi/Poet/birth 30 September 1975), DEATH DATES Pir Muhammad Ashraf (Kamaro/Saint/ death 30 September 1860), MunshiAwatraiMalkani (Historian & Politician/ death 30 September 1901), AllamaMuhmood Ahmad (Paat/Religious Scholar/ death 30 September 1932), Agha Taj Muhammad (Educationist & Writer/ death 30 September 1959), EVENTS from history 1857: Assistant Commissioner in charge of the Education Department in Sindh reports to the Commissioner that NarainJaganNath, Assistant Master in English school at Karachi has passed examination in Sindhi language and the case for an increase of Rs.20 in his salary be forwarded to the Bombay Government. (Source: letter No.13). This may kindly be noted that NJV High school is named to remember his services. He remained officer in Education Department also. 1885: Recently formed ‘Max Denso Hall Literary Society’ of Karachi organizes lecture program on the topic of ‘Hindu widow has right to search better-half’.The lecture was delivered by Father Bambridge, the founder of the Society. This was the first ever Literary Society and eminent writers of Sindh attended sittings and meetings of this Society. Some of them were: Diwan Diyaram Gidumal, Kauromal Chandanmal and Hiranand etc. (Source: Dr. Dur Muhammad Pathan’sPh.D Thesis). 1920: Rais-ul-Muhajreen, Jan Muhammad Junijo reaches Larkano from Afghanistan so as collect donations for Sindhi migrants at present in Afghanistan facing financial problems in connection with their settlement there. (Source: Moulana Wafai’s book ‘Yad-i-Janan’). 1938: A public meeting is held at village MahboobTunio of TalukaMirokhan by local branch of Muslim League. It is presided over by Mianji Muhammad Yousif Qureshi and Abu ObedullahMoulvi Muhammad Daud was the main speaker. The meeting termed Jamiat-ul-Ulema, Sindh as pro-congress party. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1955: One-Unit Bill is supported by 43 votes and gets 13 votes against, in the Constituent Assembly of Pakistan. (Source: Newspapers). 1956: East Pakistan Provincial Assembly unanimously adopts Non-official Resolution on making of Bengali as an official language of the province. (Source: Newspapers) "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(30 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 30.9.1854: ايسٽ انڊيا ڪمپني بنيادي طور تي هئي ته واپاري ڪمپني. پر پوء ڏاڍ ۽ فريب سان وئي هندستان تي قبضو ڪندي. واپار ۽ تجارت ئي ڪمپني حڪومت جو اولين مفاد هو. ڪمپنئ جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته پنهنجي واپاري طبقي لاء سنڌ ۾ ”ٽريولرس بنگلوز" ٺھرائڻ تي ڌيان ڏنو. اڄ صوبائي حڪومت مرڪزي حڪومت پاران سنڌ جي ڪمشنر کان پڇيو ته ڪراچئ ۾ ٽريولرس بنگلوز جو تعداد ڪافي آھي يا نه. اهڙا بنگلا ٻيو ڪٿي ڪٿي ٺھرائجن. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 3042). 30.9.1857: تعليم کاتي جي انچارج اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ ڪمشنر کي لکيو ته نارائڻ جڳنناٿ سنڌئ جو امتحان پاس ڪيو آھي. ان ڪري هن جي پگهار ۾ 20 روپين جو اضافو ڪيو وڃي. ياد رهي ته نارئڻ جڳنناٿ مرهٽو هو ۽ ڪراچئ ۾ استاد هو. هن جي نالي تي اڄ به ڪراچئ ۾ اسڪول آھي. هن ترقي ڪري تعليم کاتي ۾ وڏا عهدا ماڻيا.( حوالو: اسسٽنٽ ڪمشنر جو مراسلو نمبر 13). 30.9.1885: "مئڪس ڊينسوهال لٽرري سوسائٽي" سنڌ جي پهرين ادبي سوسائٽي ھئي, جيڪا پادري بئمبرج ڪراچئ ۾ قائم ڪئي. هن سوسائٽئ جو پهريون اعزازي سيڪريٽري پارسي جيمسٽي آرديشر هو. هن سوسائٽئ جي گڏجاڻين ۾ اسان جا آڳاٽا دانشور جهڙوڪ ڏيارام گدومل, ڪوڙومل چندنمل ۽ هيرانند شوقيرام جن پڻ شرڪت ڪندا هئا. سوسائٽئ طرفان هفتيوار ڪتاب پڙھڻي ۽ ليڪچر پروگرام ٿيندا هئا. اڄ ”ھندو عورتن جي ٻي شادي" جي موضوع تي ليڪچر ٿيو, جيڪو بئمبرج ڏنو. (حوالو: ڊاڪٽر درمحمد جي پي ايڇ.ڊئ جي ٿيسز). 30.9.1920: سنڌي مهاجرن جون ٽرينون ڀرائي افغانستان ويندڙ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو مهاجرن جي وفد سان لاڙڪاڻي پهتو ته جيئن سنڌ مان چندو ڪري افغانستان ۾ پهتل سنڌي مهاجرن جي آبادڪاري ڪري سگهي. ڇوته افغان حڪومت سنڌي مهاجرين جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. خلافت ڪميٽئ طرفان هجرت وارئ هن غلط تحريڪ ڪيترن سنڌين کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ هو مال ملڪتيون کپائي افغانستان پهتا ته اتان جي حڪومت جي عدم تعاون ڪري هو دربدر ٿي ويا. 30.9.1922: دادو, مانجهند, ملڪاڻي, مخدوم بلاول ۽ نوشهرو فيروز ۾ اتان جي خلافت ڪميٽين پاران عوامي جلسا ٿيا, جن ۾ برطانيه حڪومت جي مذمت ڪندي, ان کان مطالبو ڪيو ويو ته اها سمرنا ڏانھن پنهنجاجنگي ٻيڙا نه موڪلي. [هن مان سنڌين جي سياسي شعور ۽ انگريز دشمنئ جي خبر پئي ٿي ته انهئ زماني ۾ سموري سنڌ سياسي طور تي فعال هئي ۽ ڪو اهڙو ڏينھن نه گذريو, جنهن ۾ سياسي سرگرمي نه ٿي] 30.9.1938: تعلقي ميروخان جي ڳوٺ محبوب تونيئي ۾ ميان جي محمد يوسف قريشئ جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو. ان ۾مولوي محمد دائود ۽ ٻين تقريرون ڪيون ۽ ڪانگريس جي سياسي حڪمت عملئ تي تنقيد ڪئي.(حوالو: "الوحيد" ). 30.9.1946: ڪانگريس طرفان اڄ به هنڌين ماڳين " گانڌي جينتي پروگرام" ڪيو ويو. ڪانگريسين اسر جو اٿي ورزش ڪئي ۽ ڏينھن جو جلسا جلوس ڪڍيا ۽ گڏجاڻيون ڪيون. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 30.9.1955: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ ۾ ون يونٽ بل تي ووٽنگ ٿي. 43 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ ۽ 13 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنا. 30.9.1956: اوڀر پاڪستان جي صوبائي اسيمبلئ غير سرڪاري ٺھراء پاس ڪيو ته بنگالئ کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي. 30.9.1990: چونڊن جون تياريون پيون هلن ۽ سياسي پارٽيون چونڊ-مهم پيون هلائن. اهڙن ڏينھن بينظير ڀٽو اڪائونٽبلٽي ڪورٽ جا چڪر ڪاٽڻ ۾ مصروف هئي. اڄ سندس ڪيس جي ٻڌڻي هئي. [سنڌي سياستدان جڏهن وفاقي سياست ڪندا آھن ته رونگ ۾ کين اهڙا مزا وٺرايا ويندا آھن] { 30 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1207ع صوفي شاعر مولانا جلالدين رومي. 1935ع شاعر عبدالمجيد عابد. 1935ع سياستدان سيد امداد محمد شاهه(سن / مجيد ڪيريو). 1943ع گلوڪار مهيش چندر . 1944ع سياستدان حاجي منور علي عباسي (لاڙڪاڻو). 1952ع شاعر آفتاب ڪلوئي. 1954ع ليکڪ تلسي داس بهراڻي (الهاس نگر). 1965ع شو بز صحافت سان تعلق رکندڙ سيد فدا حسين شاهه (مٽياري). 1974ع صحافي علي مراد گاڏهي. 1975ع شاعر حاڪم گل مهر. [وڇوڙو]: 1860ع بزرگ پير محمد اشرف. 1901ع تاريخدان منشي آوت راءِ ملڪاڻي.. 1932ع مذهبي اسڪالر علامه محمود احمد. 1978ع سياستدان ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ. 1994ع ليکڪ ۽ صحافي تيرٿ وسنت(خيرپور / اجمير)

No comments:

Post a Comment