Friday 15 September 2023

SINDH in history today (16th September). Author Dr.Pathan and English Translation by Mumtaz Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Life is for love and beloved. Without both, it is all in vain. Dear! Why don't you understand it? My life without you, your beauty, vision and wisdom is my death. Be cause for my life and be aim of life. Distance and differences are not affordable for me.] هئ حياتي هوتن لاء ۽ بره بنا سا جيئن آھي موت, اهو هنئين هنڊائي هوت, تہ گهنگهر گهڻو نہ گهاريان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {16th SEPTEMBER} EVENTS from history 1843: Sindh Governor, Sir Charles Napier informs the Government of India that Yar Muhammad, Ruler of Heart has sent his Vakeel for making treaty with the Government. (Source: Letter No.115). 1922: Two important events took place on this date. First was of political nature and second Social. At Goghari, a public meeting is held by the local branch of Khilafat Committee in connection with vicories of Turky on various war sectors. In this meeting people are asked to take part in politics. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi) Another event took place at Karachi. 36th Annual fuction is held by ‘Arya Samaj’. On this occasion, it is told that last year the organization provided financial help of Rs.100/ per month to Girls School namely ‘Putri Patshala’, resulting 80 girls got education free of cost. D.V.A School was aided Rs.200/ per month for catering of 75 students. Rs.100/ per month was given to Gujrati School for educating 75 students. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Sindh observes ‘Sindh Separation Day’. Muslims took active part. Processions were taken out and public meetings were held in the length and breadth of Sindh. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: Two important events of the date are staging of Drama at Kambar and meeting of the ‘Masjid Manzilgah Restoration Committee’. Muhammad Ayub Khuhro takes over as the Chairman of the Restoration Committee replacing Haji Abdullah Haroon. The Restoration Committee is renamed as ‘War Council’. The Drama staged at Kambar by Hindus of Sukkur was aimed at to indicate weaknesses of Allah Bux Soomro’s Government. (Source: The Daily Al-Wahid and The Daily Gazette, Karachi). 1942: Shri Birham Khastri Co-Operative Stores are opened in various Muhallas of Karachi so as to provide commodities to people on cheap rates, because economy of the country was very much badly affected by the World War and people were to be helped accordingly. (Source: The Daily Gazette, Karachi). ( 16 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 16.9.1838: گورنمينٽ آف انڊيا پنهنجي سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ کي اڄ لکيو ته تو جيڪي پرشيا جي بادشاه ڏي لکيل مير نور محمد جا خط پڪڙي موڪليا آھن, انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان سان سچو آھي. اسان هنن حالتن جي روشنئ ۾ ميرن کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکڻي پوندي. 16.9.1839: سنڌين کان ٻيٽ ويا ۽ ڪراچي شهر ويو. اسان جا وڏڙا ۽ سنڌ ڄڻ اڌورا ۽ اڻپورا ٿي پيا. پر عوام پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. خاص طور تي اتر سنڌ ۾ فرنگي فوجين سان ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان وڙھندا رهيا ۽ جهيڙا ڪندا رهيا. اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جو سيڪريٽري اتر سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته اهي جو حل هن ۾ آھي ته اپر سنڌ ۾ فرنگي فوج جي ڇانوڻي قائم ڪجي. (حوالو: سيڪريٽري ٽو گورنر جنرل ٽي.ايڇ.ميڊاڪ جو مراسلو). 16.9.1843: سنڌ دوست کوسن ڪڇ ۽ ڀڄ وارا رستا 1832 کان انگريزن لاء حرام ڪري رکيا ۽ فرنگين کي پريشان ڪندا ۽ لٽيندا رهيا. سنڌ تي فرنگين جو قبضو ٿيو ته حالتن هنن جو ساٿ نه ڏنو. اڄ انهئ پاسي جي ڪجھ کوسن جي سردارن فرنگي سرڪار اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. (حوالو: گورنمينٽ آف انڊيا جو مراسلو نمبر 137). 16.9.1922: قمبر تعلقي جي ڳوٺ گهوگهاري ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان ترڪن جي يونان تي فوجي ڪاميابئ تي جشن ملهايو ويو. تقرير ڪندڙن فرنگي سرڪار جي ترڪن خلاف پاليسئ جي مذمت ڪئي. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 16.9.1922: ڪراچئ ۾ 36 سال اڳ “آريا سماج" نالي مذھبي ۽ سماجي تنظيم قائم ٿي, جنهن پوء سياست ۾ به پنهنجا رنگ ڏيکاريا ۽ هندو-مسلم اختلافن کي هوا ڏني. اها سياست ۾ جهڙوڪ نيم دهشتگرد تنظيم ٿي اڀري. هن هندن ۾ تعليمي بيداري آڻڻ جو ڪم ٿيو. اڄ ھن تنظيم پنهنجي ڪارڪردگئ جي سالياني رپورٽ پڌري ڪئي. ان مان پتو پئي ٿو ته پتري پاٽشالا [گرلس اسڪول] کي 100 روپيا مهينو, گجراتي اسڪول کي در ماه 100 روپيا ۽ ڊي.اي.وي اسڪول کي در ماه 200 روپيا امداد ۾ ڏنا. ( حوالو: "ڊيلي گزيٽ“ اخبار). 16.9.1932: سنڌ ۾ اپر ڪلاس مسلمانن جي رضا سان هلايل ممبئي کان علحدگئ واري تحريڪ طرفان سڄئ سنڌ ۾ “ سنڌ جدائي جو ڏينھن" ملهايو ويو. هنڌين ماڳين ميڙاڪا ۽ جلسا ٿيا ۽ سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرائڻ جا وچن ڪيا ويا. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 16.9.1939: انگريزن جي زماني ۾ ليکڪ وڏئ جرئت سان سرڪار تي سخت تنقيد ڪندا هئا. لالچند امڏنيمل "عملدار, ڪين رعيت آزار" ڊرامو لکيو. ڪنهن "موڳو ماجسٽريٽ" ڊرامو لکيو. اڄ قمبر ۾ “اسيمبلي" نالي سان سکر جي هندو ڊراماٽڪ سوسئٽئ ڊرامو اسٽيج ڪيو ۽ اهو ڪيترا ڏينھن ڏيکاريو ويو. هن ڊرامي ۾ “اسيمبلي" ۾ ٿيندڙ غير ضروري قانونسازئ تي طنز ڪئي وئي هئي. 16.9.1939: مسجد منزل گاه تحريڪ مان سرمائيدار طبقي اڳواڻئ تان هٿ کنيو. هاڻي ان جي قيادت وڏيرن جي هٿ ۾ آئي. اڄ “ريسٽوريشن ڪميٽئ" جو نالو بدلائي "وار ڪائونسل" رکيو ويو ۽ حاجي عبدالله هارون جي جاء تي خانبهدادر کهڙو ان جو چيئرمن چونڊيو ويو. (حوالو: "الوحيد" اخبار). {16 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1845ع سياستدان، سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ميدان ۾ خدمتون سر انجام ڏيندڙ نور محمد لاکير (باني نور محمد هاء اسڪول) . 1904ع تعليمي ماهر آغا تاج محمد خان. 1946ع شاعر منور علي منور (آگاڻي) . 1948ع سياستدان عبدالحق ڀرٽ. 1949ع گلوڪار ديپڪ سيراڻي (ڪراچي / احمد آباد). 1961ع ليکڪ خادم چانگ. 1970ع گلوڪاره شازيه خشڪ. 1974ع ڪهاڻيڪار ۽ شاعر مشتاق ڀرڳڙي. 1983ع ڪهاڻيڪار عباس ڪوريجو. [وڇوڙو]: 1982ع پير گل حسن آف لنواري شريف. 1997ع سياستدان اعجاز علي جتوئي(ٻيٽو جتوئي). 2002ع ليکڪ امداد علي سرائي

No comments:

Post a Comment