Thursday 7 September 2023

Sindh in history today (8th September). English version by Mumtaz Pathan & Sindhi by Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (8th SEPTEMBER) 8th September BIRTH DATES Syed Qutib Ali Shah ‘Qutib’ (Saint & Poet/ birth 8 September 1814), Allah Yar Shah (Matiari/ birth 8 September 1886), Wadhomal ‘Shaiq’ (Sukkur> Bhopal/Poet & Singer/ birth 8 September 1921), Anwar Abbasi (Khaipur/Poet/ birth 8 September 1934) ArjunBhambhani (Tharo Shah > Ahmadabad/Singer/ birth 8 September 1942), Moulvi Muhammad HussainChachar (Garheja/Religious Scholar/ birth 8 September 1954), Retesh ‘Sagar’ (Jhonagarah/Poet/ birth 8 September 1955) Sonu Khan ‘Sonu’ (Poet/ birth 8September 1959), Kanta Chhabra (Ulhasnagar/Dancer/ birth 8 September 1962), NaeemShaikh (PanoAqil/Writer/ birth 8 September 1960), Hanif Lashari (Singer/ birth 8 September 1966), Ibn Mahzoon (Mehar/Poet/ birth 8 September 1967), Waheed Lashari (Singer/ birth 8 September 1975) Raza ‘Aakash’ Khanani (Poet/ birth 8 September 1986) DEATH DATES MisriFaqir ‘Makhmoor’ Sarwari (Sarhari/Poet & Singer/ death 8 September 1984) EVENTS 1838: Government of India writes to Colonel Pottenger that in view of deep duplicity displayed by Meer Noor Muhammad Khan, his unjustifiable conduct in other respects, and owing to distracted state of unwarrantable enmity and jealousy with which he appeared to be regarded by some of the Chiefs, it was essential that a British force of 500 men should advance without delay for occupation of Shikarpur or any other place deemed suitable for facilitating operations beyond Indus. Colonel Pottenger is also told that Captain Burns had been deputed to visit Khairpur and if necessary to enter into new treaty with Meer guaranteeing his independence and assuring him protection of British Government against all external enemies. (Source: Letter of 8th September 1838) 1857: Sindh Railway Company shows its desirability for the construction of rail road to Shikarpur and Jacobabad from Sukkur. (Source: Letter No.250). 1947: Indian Muslim Employees of the Government of Pakistan attack Government House in Karachi and demand transportation of their families and relatives from India to Pakistan (Source: Newspapers). 1950: ‘Japan Peace Treaty’ is signed by representatives of 49 nations, including Pakistan. (Source: ibid). 1956: Muhammad Ali Bogra resigns as the Prime Minister of Pakistan and from Muslim League. (Source: ibid). 1964: Fatima Jinnah agrees to contest Presidential election. The decision is taken to challenge dictatorship and promote democracy. (Source: Biography of Fatima Jinnah). 1965: It is a terrible day of Indo-Pak history. India and Pakistan are fighting war between each other. (Source: Newspapers). 1972: President Bhutto meets Moulana Moudoodi and discuss political situation of the country. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Z.A.Bhutto has been arrested on my orders, sufficient evidence supported me to take this decision, says Zia. (Source: Newspapers). Sindh in history today (8th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 8 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 8.9.1838: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ سنڌ ۾ سفارتڪاري ڪندڙ ڪرنل پاٽينجر سان خط ذريعي هم خيال ٿيو ته مير نور محمد خان ٽالپور اسان جي رستي ۾ روڙا اٽڪائي رهيو آھي ۽ ٻين حاڪمن سان ڳالهيون ڪري اسان خلاف سازشون سٽي رهيو آھي. حالتن ۽ اسان جي مفادن جي تقاضا آھي ته اسان سنڌ ۾ موجود پنهنجي فوج مان 500 جي نفري موڪلي شڪارپور يا اهڙي شھر/هنڌ تي قبضو ڪريون, جتان سنڌوندئ جي ساڄي پاسي واري علائقي تي نظر رکي سگهو ۽ ڪنھن اوچتي خطري کي منهن ڏئي سگهون. گورنر جنرل کيس اها به صلاح ڏئي ٿو ته ڪئپٽن برنس کي ترت خيرپور موڪلي, اتان جي حاڪم سان دوستئ جو معاهدو ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ گورنر جنرل وڌيڪ صلاح ڏئيس ٿو ته ڪئپٽن برنس خيرپوري حڪمران کي اهو يقين ڏياري ته ٿيندڙ معاهدي جي روشنئ ۾ اسان جي ياري خيرپور حڪومت ۽ علائقي جي حفاظت جي ضمانت ڏيندي. 8.9.1857: "سنڌ ريلوي ڪمپنئ" سنڌ سرڪار سان راضپو ڏيکاريو ته سکر کان جيڪب آباد تائين وايا شڪارپور ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم ترت شروع ڪيو ويندو. 8.9.1947: ڪراچئ ۾ پناهگير سرڪاري ملازمن وڏو وڳوڙ ڪيو ۽ سرڪار کان گهر ڪئي ته سندن ٻارن ٻچن کي هڪدم انڊيا مان گهرائي ساڻن گڏ ڪراچئ ۾ آباد ڪيو وڃي. [حڪومتي وهنوار ۽ ڪم ڪار هلائڻ لاء سنڌ حڪومت کان ڊيپوٽيشن تي ملازم وٺڻ بدران, پناهگير سرڪاري ملازمن جو وڏو انگ انڊيا مان گهرائڻ جو ڪو ٻيو مقصد هو ته ڪراچئ جي سماجي توازن کي بگاڙيو وڃي] 8.9.1956: پاڪستان ۾ ھڪ بااختيار قوت جنم وٺي چڪي هئي, جيڪا ڪنھن کي اقتدار جي ڪرسئ تي ويهاري يا ان تان لاهي پئي سگهي. محمد علي بوگري جي خيال ۾ به نه هو ته هن کي سڏي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويندو. هو وزير اعظم ٿيو, پر اڄ ھٿ-ٻڌل ۽ بي اختيار وزير اعظم هجڻ مان تنگ اچي استعيفا ڏنائين ۽ مسلم ليگ جو پنهنجو ڌڙو قائم ڪيائين. 8.9.1964: ايوب جهڙي طاقتور آمر سان چونڊن ۾ مقابلي ڪرڻ لاء مخالف ڌر وارن وڃي محترمه فاطمه جناح کي گذارشون ڪيو ته ايوب سان صدارتي چونڊن ۾ مقابلو ڪر. محترمه سندن ڳالھ قبول ڪئي. 8.9.1965: 6 سيپٽمبر کان پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ جنگ جي دونھين دکي ۽ اڄ انھئ هڪ ڀيانڪ جنگ جو روپ ورتو. 8.9.1972: ذوالفقار علي ڀٽي اڄ مولانا مودودئ وٽ وڃي ساڻس ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. 8.9.1977: جنرل ضياء الحق پنهنجي بيان ۾ ظاهر ڪيو ته ڀٽي جي گرفتاري سندس حڪم تي ٿي آھي. ************** 8 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 8 سيپٽمبر 1814ع شاعر قطب علي شاهه “قطب” جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1921ع شاعر ۽ راڳي واڌو مل “شائق” جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1934ع شاعر انور عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1942ع موسيقار ارجن ڀمڀاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1955ع ليکڪ رتيش ساگر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1959ع شاعر سونو خان سونو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1963ع راڳي حنيف لاشارئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1967ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ابن مهزون جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1975ع راڳي واحد لاشاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 8 سيپٽمبر 1984ع راڳي مصري فقير “مخمور” سروري جو لاڏاڻو ٿيو. 8 سيپٽمبر 2019ع ھند سنڌ جو ناميارو قانوندان ۽ بيباڪ سياستدان رام ڄيٺملاڻي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment