Tuesday 19 September 2023

SINDH in history today (20th September). Author Dr.Pathan and English translation by Mumtaz Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th September} and my Good Wish for YOU. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are important and respectable to extent that whenever I see you, I feel and believe that it is my pleasure and prayer. You avoid to look at me because, you believe that it is crime. Dear! We both are human -beings having same colour of blood and same quantity of instincts, feelings and emotions. But difference and distance is very much there in our approaches and attitudes. love is my life and human respect is aim of it. To my heart your are second to none in beauty and to my mind you are source of vision & wisdom. You are love & beauty complete in all respects. Dear! Hate the hatred, but not love. Because, you are love and you are beauty. Don't hate Self. Love and promote it, please ] اسان ڏسئون اوهان کي تہ ڄڻ کٽيوسين خوب ثواب, اوهان ڏسو اسان کي تہ سمجهو ان کي ڏوھ خراب, مون لاء محبت زندگي پر اها اوهان لاء ڄڻ عذاب, ان لاء ڏيو ڪين جواب, اسان کي دعا سلام جو. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (20th SEPTEMBER EVENTS) 1841: The Governor-General of India Asks Lieutenant Ferry to prepare report and proposal regarding the Sindh and Begari canals serviceable for navigation and extending the irrigation already supplied by them. (Source: letter No.1333). 1884: With the Co-Operation of Mirza Kalab Ali Lahori the branch of Sindh Muhammadan Association is opened in Larkano (Source: Dr.Pathan’s Research article on Larkano). 1933: Dr.Aenni Besant breathes her last. She was born in 1847 in London. She was leader of Theosophy in India and founder of ‘Home Rule League’. Rais Ghulam Muhammad Bhurgri, G.M.Syed, Jamshed Mehta remained his followers in political and Theosophical thoughts. Besant Hall of Hyderabad is named after her name. (Source: ‘Source-Material on Home Rule League’, compiled by Gul Hayat Institute and uploaded on its website). 1939: Primary Muslim League of Goza of Taluka Khairpur Nathan holds its Annual function and on this occasion, following are elected as its office-bearers: Moulvi Ghulam Muhammad Borar (President), Sirai Haji Lal Bux Rahujo (Vice President), Haji Dhani Bux Chandio (Treasurer), Jan Muhammad Korejo (Joint Secretary), Muhammad Bux Mangrio (General Secretary), Moulvi Taj Muhammad Panhwar and Moulvi Allah Bux Rahujo (Preachers). (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1949: Secretary Revenue is directed by the Sindh Government for preparing of the Draft of Bill to abolish Jageerdai system in Sindh. (Source: Sindh Hari Committee;s record). 1950: It appears in press that Muslim is claiming/blaming that Rs.24, 00,000 are outstanding against Fatima Jinnah and Liaquat Ali Khan. (Source: Newspapers). 1954: Proposal is under consideration of the Government to grant provincial status to Khairpur, Bahawalpur and Balochistan. (Source: Newspapers). 1955; some politician demand referendum on the issue of ‘One-Unit scheme’. (Source: ibid). 1956: Pir Ali Muhammad Shah Rasdi is appointed as Ambassador for Eygpt. (Source: Interview with Pir Ali Muhammad Shah Rashdi). 1958: Nawab Akbar Bugti takes oath as State Minister. (Source: Newspapers). ( 20 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 20.9.1841: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان ڪيترا سال اڳ فرنگين سنڌ ۾ آزادئ سان جو وڻين سو ڪين, هو بي لغام هئا ۽ اسان جا حاڪم حڪمران پنهنجي ملڪ جي مفاد ۾ کين روڪ ٽوڪ نه پيا ڪن. ڪراچئ جي قبضي ڪرڻ کان فرنگين شڪارپور ۾ ھٿ ڳنڍيا. هنن جو خيال ٿيو ته "سنڌ واه" ۽ "بيگاري ڪئنال" کي آبي آمدرفت جو ذريعو بڻائجي. ان ڪم/سروي لاء ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ ليفٽيننٽ فيري کي حڪم ڪيو. 20.9.1884: مرزا ڪلب علي لاهورئ جي سهڪار سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" جي شاخ کولي وئي. انھئ سهڪار ڪرڻ باوجود لاهوري خاندان "سنڌ سڀا" کان ناتو نه ٽوڙيو. "سنڌ سڀا" طرفان هندوستان ۾ ملازمت پوري ڪري, واپس ويندڙ وائسراء لارڊ رپن کي "مانپتر" ڏنو ويو ته انهئ وفد ۾ لاهوري به هو. "سنڌ سڀا" ٽٽي به انھئ مامري تي هئي. حسن علي افندئ لارڊ رپن کي "مانپتر" ڏيڻ جي مخالفت ڪئ هئي. 20.9.1933: ڊاڪٽر ائني بسنت گذاري وئي. هوء 1847ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي هئي ۽ "ٿياسافئ" جي اڳواڻ ۽ "هوم رول ليگ" جي باني هئي. ڪيترا دفعا سنڌ ۾ به آئي. حيدرآباد ۾ سندس نالي پٺيان ٿياسافين "بسينت هال" به جوڙايو هو, جو اڄ به قائم آھي. هن جا ڪتاب سندس پوئلڳن سنڌئ ۾ ترجمو ڪيا. انھن مان "محمد رسول الله" به هڪ ڪتاب هو, جيڪو لالچند امرڏني مل ترجمو ڪيو. 20.9.1939: ڪڪڙ تعلقي جي ڳوٺ گوزه ۾ مقامي مسلم ليگ جو ساليانو ميڙ ٿيو ۽ چونڊون به ٿيون, جنهن ۾ مولوي غلام محمد ٻورڙ کي صدر, سرائي حاجي لعل بخش راهوجي کي نائب صدر, حاجي ڌڻي بخش چانڊيئي کي خزانچي, جان محمد ڪوريجي کي جوائنٽ سيڪريٽري, محمد بخش مڱريئي کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. انهئ موقعي تي مولوي تاج محمد پنهور ۽ مولوي الله بخش راهوجي کي مبلغ مقرر ڪيو ويو ته هو سڄي تعلقي ۾ وڃي مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي حق ۾ تبليغ ڪن. 20.9.1949: سنڌ سرڪار پنهنجي روينيو کاتي جي سيڪريٽرئ کي هدايت ڪئي ته سنڌ مان جاگيرداري سسٽم کي ختم ڪرڻ لاء بل جو متن تيار ڪري. 20.9.1954: ملڪي سرڪار انھي ڳالھ تي سوچ ويچار شروع ڪيو ته ڇونه خيرپور, بهاولپور ۽ بلوچستان کي صوبائي حيثيت ڏني. 20.9.1955: مختلف سياسي حلقن ۽ پارٽين وٽان اها راء زور وٺڻ لڳي ته "ون-يونٽ“ اسڪيم کي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ان تي رفرينڊم ڪرايو وڃي. 20.9.1956: پير علي محمد شاه راشدئ کي مصر ۾ سفير مقرر ڪيو ويو. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ملڪي سرڪار ڪيترا سفير مقرر ڪيا ۽ انهن مان سنڌي ڪيترا هئا/آھن, انھئ اهم موضوع تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. 20.9.1958: نواب اڪبر بگٽئ کي اسٽيٽ منسٽر مقرر ڪيو ويو.[ڀٽو ۽ بگٽي اسٽبلشمينٽ جي ويجهو به رهيا, مگر ان جي نفسيات سمجهي نه سگهيا. ٻنھي جو موت مارشلائي اقتدار ڌڻين جي ڏينھن ۾ ٿيو.] *************** 20 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 20 سيپٽمبر 1889ع ماهر معاشيات ۽ اينٽي سنڌ سيپريشن تحريڪ جي اڳواڻ حشمت راءِ ڇٻلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1892ع صوفي شاعر صوفي محمد سليمان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1906ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ پهرين مسلمان عورت ڊاڪٽر ساران صديقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1911ع اسڪالر، تاريخدان ۽ محقق پير حسام الدين راشدئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1937ع ليکڪ محمد مڱن ڀٽو (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1938ع شاعر مسڪين سروري (سرهاڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1949ع شاعر غالب سولنگي (يارو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1949ع باليووڊ جي فلمي ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1950ع سياستدان پير امجد شاهه جيلاني(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1959ع شاعر غلام نبي ڪولاچي (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1961ع ليکڪ ۽ اسڪالر ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 20 سيپٽمبر 1288ع اسڪالر شيخ علي سيوستاني جي وفات ٿي. 20 سيپٽمبر 1926ع شاعر بهاول فقير شڪارپورئ جو انتقال ٿيو. 20 سيپٽمبر 1933ع فلاسافر ۽ ٿيافسٽ ايني بيسنت جي وفات ٿي. 20 سيپٽمبر 1960ع شاعر ساقي سجاولي جو انتقال ٿيو. 20 سيپٽمبر 1970ع شاعر رشيد احمد لاشاري جو انتقال ٿيو. 20 سيپٽمبر 1996ع حقيقي جمهوريت لاءَ جاکوڙيندڙ شهيد مير مرتضى ڀٽوکي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ پوليس پاران فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو. 20 سيپٽمبر 1999ع نامور تعليمي ماهر ايم ايڇ خواجا جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment