Wednesday 13 September 2023

SINDH in history today (14th September). Autor Dr.Pathan and translation of the Post into English by Mumtaz Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY {14th September} ** Unique work in Pakistan on Historical Research by Dr.Pathan** ************ Dr. Pathan wishes you Good Day. ماریئي پنھنجي رمزن سان اٿئي پارت ھاٹي اسان مئا تنهنجي وس، مئي بہ ناھي مون ڪئي بس، تنھنجي برہ سونھن سرت سلام کان. [ TRANSLATION: Your love chained my heart and your beauty snatched everything from me, even life. Now, I am empty handed, even without heart, mind and soul. In spite of this situation, I have not forgotten you. You are my dream and destination.] ************ SINDH IN HISTORY TODAY {14th SEPTEMBER} EVENTS: 1838: Captain Burns informs Colonel Pottenger that he would reach Bukhar by the end of this month and it will be in the interest of requirements of contact with Mirs of Khairpur, if information is provided to him about the country, people and society of Khairpur. (Source: Burns’ letter of 14th September, 1838). 1843: Matter relating to judicial system is discussed between Governor-General of India and Sir Charles Napier, Sindh Governor.Governor of Sindh is advised to continue the system, that has been introduced by him [Sindh Governor], that is trial by Military Courts. However, he is asked to appoint Chief Magistrate/Commissioner as soon as it can be done. (Source: Correspondence between Sir Charles Napier and the Governor-General). 1887: The Governor-General of India lays foundation stone of the building of Sindh Madressah-tul-Islam at Karachi. The construction work was completed in 1890 and it costed Rs.1, 97,188/. Its map and design was prepared by James Strachan. (Source: Dr.Mumtaz Bukhari’s Ph.D thesis on Sindh Madressah). 1935: His Highness Sir Agha Khan is not happy with the League of Nations. He says that ‘India was troubled by the League’s lack of universality and by the thin representation of Indians. She was troubled by the great preponderance the League devotes to European interests’. (Source: The Daily Gazettee, Karachi). 1948: Khowaja Nazim-u-ddin takes over as the Governor-General of Pakistan. He was from East Bengal [East Pakistan] where was had remained Premier also (Source: Newspapers). 1953: Mir Ghulam Ali Khan Talpur is elected as the Speaker of Sindh Assembly. (Source: Newspapers). 1964: Dr.Razi-u-ddin Siddiqui is appointed as Vice Chancellor of Sindh University. It was during his tenure that Hamid Sindhi and his contemporary writers/poets held Sindhi Conference in Hyderabad and Dr.Razi-u-ddin Siddiqui was invited there. In this conference and in response to demand by organizers and speakers, the Vice Chancellor announced the establishment of Sindhi Academy and later on this ‘Sindhi Academy’ took the shape of Institute of Sindh ology. 1978: Fazul Ilahi resigns as the President of Pakistan and he is replaced by Zia-ul-Haq.(Source: Newspapers). 1991: Biharis must not create backlash in Sindh, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). ( 14 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.9.1838: فرنگي سفارتڪارن کي سنڌ جي سرڪار مان ته ڪو خطرو ڪونه هو, عوام کان ڊڄندا هئا, ڇو ته ماڻهون سندن پٽڪي لاهڻ ۾ دير نه ڪندا ھئا. ڪئپٽن برنس کي سکر مان فرنگي فوج ۽ اٺن لاء اناج ۽ گاه به وٺڻو ۽ خيرپوري ميرن کان بکر جو قلعو به وٺڻو هو, سو اڄ پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته هن مهيني جي آخر ۾ اوڏانھن ويندس. ان ڪري ٻڌايو ته اوهان اتان جي ميرن سان ڇا ڳالهايو آھي ۽ اتان جون حالتون ڪيئن آھن. (حوالو: برنس جو خط). 14.9.1840: سنڌ جي حڪمرانن هن دور ۾ اڪثر ڪري عجب ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪيون. جڏهن پاڻ ۾ اختلاف ٿين ته فرنگين جي سفارتڪارن کان فيصلا ڪرايائون. حيدرآبادي ميرن ۽ ميرپور واري مير شير محمد جي وچ ۾ ملڪي حدن بابت مامرو پيدا ٿي پيو ته هنن ڏکڻ سنڌ لاء فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي گذارش ڪئي ته تون امين ٿي اسان جي اختلافن جو ڇينھرو ڪر.(حوالو: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط). 14.9.1843: سنڌ جي گورنر نيپيئر ۽ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل وچ ۾ سنڌ ۾ عدالتي نظام بابت خط و ڪتابت ٿي. نيپئر کيس ٻڌايو ته هو وقتي طور تي ملٽري ڪورٽس قائم ڪري ڪيسن جو اڪلاء ڪري ٿو. گورنر جنرل کيس چيو ته ٺيڪ آھي ڪم کي ڀلي ايئن هلاء پر ستت چيف ماجسٽريٽ/چيف ڪمشنر مقرر ڪري عدالتي نظام قائم ڪر. 14.9.1887: هن سال سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا. سنڌ ڊي.جي.ڪاليج به قائم ٿيو ۽ ٻه سال اڳ قائم ڪيل سنڌ مدرسي جي عمارت جي پيڙھ جو پٿر اڄ رکيو ويو. اها اسم گورنر جنرل لارڊ ڊفرن ادا ڪئي. عمارت 1890 ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ان تي هڪ لک ستانوي هزار ۽ هڪ سو اٺاسي روپيا, ڏه آنا ۽ ڇه پايون خرچ آيو. عمارت جو نقشو جيمس اسٽريچن ٺاهيو هو. 14.9.1948: خواجا ناظم الدين کي پاڪستان جو گورنر جنرل بڻايو ويو. 14.9.1953: مير غلام علي خان ٽالپور سنڌ اسيمبلئ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. 14.9.1978: چوڌري فضل الاهئ کان استعيفا ورتي وئي ۽ ضياء الحق چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان گڏ پاڪستان جو صدر به ٿيو. 14.9.1991: بينظير ڀٽو سنڌ ۾ بهارين جي هلت کان ناخوش ٿي چيو ته کين پنهنجي ماضئ وارو ماحول هتي پيدا ڪرڻ نه گهرجن. {14 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1922ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي سراج الحق. 1923ع نامياري قانوندان ۽ سياستدان رام ڄيٺ ملاڻي شڪارپور . 1928ع شاعر ڄيٺانند تاب (حيدر آباد / بمبئي). 1933ع سنڌ جي اڳوڻي گورنر ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽو. 1949ع سياستدان پير مظهرالحق. 1952ع شاعر ۽ صحافي علي گل سانگي. 1953ع قومي ڪارڪن ۽ سماجي ورڪر عبدالڪريم چانڊيو (سچل ڳوٺ). 1957ع مشهور شاعر آسي زميني(ٽنڊو قيصر). 1962ع سياستدان سيد جلال محمود شاهه. 1962ع صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماجي ورڪر ادريس جتوئي. 1965ع سماجي ورڪر ۽ صحافي سيد جاويد اختر (مٺو جتوئي). 1975ع شاعر گل حسن ساگر. [وڇوڙو]: 1966ع شاعر رئيس ضياء الدين ايس بلبل. 2004ع ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي.

No comments:

Post a Comment