Wednesday 6 September 2023

SINDH in history today (7th September). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 3:26 AM SINDH(including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th September} and my Good Day Wish for YOU. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Your heart and your door is shelter for my wandering soul and displaced heart. It is impossible to leave my shelter. Your distance and differences have isolated me and because of that I am at hit list of sorrows & longings. Protect me with your beauty, vision and wisdom. I want to live a wonderful life.] ‏[میں کیسے تیری دامن چھوڑوں اور تیرے در پے آنا بند کروں؟ جب کہ تیرے سوا میرا کوئی بھی نہیں. تم ساتھ نہیں ہو اس لیئے دنیا اور دکھ درد نے بسمل کردیا ہے اور میں زندہ لاش بن چکا ہوں. مجھے اپنی محبت اور توجہ سے پہر سے زندہ کردو۔ میں جینا چاہتا ہوں] آئون ڪیئن ڀڃندس ڀیرو؟ پيو ايندس تو در ساجھر سویرو اوھان جاني اڇا اجرا آئون آھيان نھن کان چوٽئ تائین میرو، تو بن دنیا دکن ڳترا ڳترا ڪري ماريو سار لھي مئو ڪر جیئرو، آس يقين سان کٹي پیرو، ایندس پيو تو در سونھن سلام لاء. ************* SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: 1886: It is decided in the meeting chaired by Sindh Commissioner that a college will be started in Sindh as an aided institution and it will be managed by a committee consisting of the representatives of the subscribers, government nominees and representatives of the local bodies who would contribute to the college Fund. (Source: Dr.Pathan and Dr.Azimushan’s Ph.D thesis) 1922: Kotri Khilafat Committee celebrates ‘Victory Day’ to pay regards to Ghazi Kamal Mustafa for his courage and leadership. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1931: The Federal Structure Committee of the Round Table Conference meets to discuss ‘Simon Commission Report’ and ‘Nehru Report’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1931). 1952: Punjab Kisan Conference demands abolition of Zamindari system. (Source: Newspapers). 1955: Flood and heavy rains take lives of 15 persons in Thatta. (Source: ibid) 1958: Sultan of Muscat handed over Guwadar to Pakistan as a gesture of Good-Will (Source: ibid). 1959: A commission is constituted to prepare plan for the new capital of Pakistan. (Source: ibid). It is interesting to note that change of capital indicates change of minds of people in power. On the eve of creation of Pakistan, the proposals of making Lahore or Dhaka were rejected and Karachi was selected for that purpose. Mass migration from India and mishandling of problems of Muhajreen inducted lawlessness in the city and it became difficult for ‘rulers’ to rule the country peacefully in Karachi. Hence, Karachi was thrown into fire. 1992: PDA boycotts session of the Parliament during Prime Minister’s speech. However, return back when President of Iran stood for address. (Source: Newspapers) ( 7 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 7.9.1886: سنڌ جي ڪمشنر گڏجاڻي سڏائي ته جيئن سنڌ ۾ ڪاليج کولجي. فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو ڪاليج کولينداسين, ان کي هڪ ڪميٽي هلائيندي. انھئ ڪيمٽئ ۾ ڪجھ ميمبر سرڪار ٿاڦيندي ۽ ڪجھ ميمبر چندو ڏيندڙ شخصن ۽ ادارن (ضلعي ڪائونسل/لوڪل باڊيز) مان کنيا ويندا. ياد رهي ته ڏيارام ڄيٺمل سڏڻ باوجود هن گڏجاڻئ ۾ شريڪ نه ٿيو هو. ڇوته هو اندازو لڳائي چڪو هو ته سرڪار گڏجاڻين سڏائڻ کان سواء ڪجھ نه ڪندي. هن مڙسي ڪري 1887 ۾ ”ڊي.جي.ڪاليج" کوليو. 7.8.1922: غازي ڪمال پاشا/ترڪئ کي ڪن جنگي محاذن تي ڪاميابي ملي ته انھئ خوشئ ۾ ڪوٽڙئ جي خلافت ڪميٽئ عوامي ميڙاڪو ڪيو, جنهن ۾ غازي ڪمال پاشا کي مبارڪون به ڏنيون ويون ۽ ساڻس سياسي خواه اخلاقي سهڪار ڪرڻ جو يقين به ڏياريو. 7.9.1931: اڄ لنڊن ۾ ”رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس" جي "فيڊرل اسٽرڪچر ڪميٽئ" جي گڏجاڻئ ۾ ”سائمن ڪميشن" ۽ "نهرو رپورٽ" تي غور ويچار ڪيو ويو. 7.9.1955: سنڌ ۾ پوندڙ شديد بارشن جي نتيجي ۾ ٺٽي ۾ 15 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 7.9.1958: مسقط جي سلطان اڄ يارئ باشئ ۾ گوادر پاڪستان جي حوالي ڪيو. 7.9.1959: پاڪستان ٺھڻ کان اڳ مسلم ليگ ٽن شهرن تي سوچيو هو ته اتي نئين ملڪ جي گادي قائم ڪجي. اهي هئا: لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچي. مخصوص مقصدن کي ڌيان ۾ رکي ڪراچئ کي گادي بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اتي لڏي آيل پناهگيرن جي آڌار تي "چونڊ-حلقو" قائم ڪرڻ انھن مقصدن مان هڪ اهم مقصد هو. ڇوته پاڪستان جو پهريون وزير اعظم خود پاڪستان ۾ شامل ڪنهن صوبي يا "چونڊ-تڪ" مان چونڊيل ڪونه هو. لياقت علي خان به هئ جهان ڇڏي ويو ۽ آيل پناهگيرن مان ڪيترن ڪراچئ جي امن امان وارين حالتن کي خراب ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪو ڏينھن وڳوڙ کان سواء نه پيو گذري. مرڪزي حڪومت ان ۾ پنهنجي خيرت ڄاتي ته ڀڄي جند ڇڏائي ۽ گادي هنن وڳوڙين کان ڪوهين دور قائم ڪري. اڄ مرڪزي سرڪار گادئ جي هنڌ بدلائڻ لاء ھڪ ڪميشن ٺاهي. 7.9.1992: پي.ڊي.اي ڌر اڄ پارليامينٽ اجلاس جو وقتي بائڪاٽ ڪيو. جڏهن ايران جو صدر خطاب ڪرڻ وارو هو, مخالف ڌر اجلاس ۾ موٽي آئي. *************** 7 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 7 سيپٽمبر 1861ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عمر ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1894ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1930ع اسڪالر مرليڌر جيٽلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1949ع ليکڪ مالڪ ڌار منٺار جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪمپيئر زيب سنڌئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1968ع صحافي عزيز ڪاڇيلو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1979ع شاعر انور سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 7 سيپٽمبر 1618ع بزرگ هستي شاهه خير الدين سکري فاضلاڻي جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 1953ع شاعر جمع خان غريب جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 1988ع شاعر عبدالله همدم جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 2014ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپرجو انتقال ٿيو.

1 comment:

  1. سائين 7 سيپٽمبر تي ڪھاڻيڪار ليکڪ عادل لغاري جو جنم ڏينهن آهي

    ReplyDelete