Friday 10 February 2023

Sindh in history today (11th February). By. Dr.Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{11th February} & My Good Day Wish. ************* سنڌ جي تاريخ جو نياپو ٻڌو: [اوهان جو توجھ ڇڪرائيندڙ ڪي واقعا] 11.2.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي پنهنجئ سفارتڪارئ جي ڪارگذاري ٻڌائڻ لاء خط لکيو ته حيدرآباد ۾ مير مراد علي خان سان ٻه دفعا ملاقات ٿي آھي ۽ معاهدي بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي, کيس گورنر جنرل طرفان موڪليل تحفا به ڏنا اٿم. هاڻي خيرپور ويندس, پر ٻڌايو ويو آھي ته جون حالتون ٺيڪ ڪونهن. 11.2.1835: پاٽينجر خط ذريعي پنھنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته شاه شجاع لاڙڪاڻي پهتو آھي ۽ جلد حيدرآباد ايندو. مسٽر سيمون نالي هڪ انگريز اڳ ۾ ميرن جي فوج ۾ هو, پوء ھليو ويو هو. هو پشاور کان ورتي هتي پهتو آھي ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ميرپور واري مير علي مراد جي فوج ۾ ڪم ڪندو پاٽينجر وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن سيد اسماعيل شاه کي لاڙڪاڻي ۽ سيد زين العابدين کي شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو آھي. 11.2.1843: اڄ مير رستم علي خان نيپيئر کي خط لکي پڪ ڏني ته سندس پٽ مير محمد حسين فرنگين سان وڙھڻ لاء فوج گڏ نه پيو ڪري. اڄ نيپيئر حيدرآباد ۾ موجود آئوٽرام کي لکي ٿو ته ميرن کي منع ڪر ته هو پنهنجي ٻروچن کي قابوء ۾ رکن, وتن ٿا مچي مچي ٿي اسان وڙھڻ جون صلاحون ڪن ۽ ماڻھون گڏ ڪن. مير اها ڳالھ نه ٿا مچن ته پوء هر نتيجي لاء ذميوار پاڻ ھوندا. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مير رستم علي کي خيرپور جي حڪمرانئ واري پڳ نه ٻڌرائبي. اڄ نيپيئر مير شير محمد کي به خط لکي ٿو ته تنهنجي قول ۽ فعل مان هن وقت تائين ڪو اشارو نه ٿو ملي ته تون اسان جي خلاف آھين. اسان يارن جا يار ۽ دشمنن جا ويري آھيون. خيال رکجانء ته تون خيرپوري ميرن جا نه مدد ڪندين ۽ پاڻ وٽ اچڻ ڏيندين. اڄ آئوٽرام نيپيئر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي مير ڪا به فوج گڏ نه پيا ڪن. مير علي مراد پنهنجي اقتدار بچائڻ لاء مير رستم علئ خلاف اوهان ۾ غلطفهميون پيو پيدا ڪري. مير رستم علئ جو پٽ ڪابه فوج گڏ نه پيو ڪري, پر جيئن ته سندن ٻار ٻچا خيرپور ڇڏن ٿا ته انهن جي حفاظت لاء ھن ڪي ماڻھون گڏ ڪيا آھن. 11.2.1948: انگريزن کان آزادي وٺندڙ ملڪ پاڪستان ۾ ھڪ انگريز سر ڊگلس گريسئ کي آرمئ جو ڪمانڊر-ان-چيف مقرر ڪيو ويو. 11.2.1965: ذوالفقار علي ڀٽي جو قول ۽ فعل شروع کان عالمي وڏيرن جا ڪن اڀا ڪندو رهيو ۽ سندس انهن ڳالهين اڳتي هلي کيس تخت تان لاهي تختي تي لٽڪايو. اڄ تجويز ٿو ڏئي ته "آفريڪا يونئن" جي طرز تي "ايفرو-ائشين باڊي" ٺاهجي ته ان پليٽ فارم تان ايشا ۽ آفريڪي ملڪ پنهنجا مسئلا حل ڪن. [مطلب ته عالمي وڏيرن جي اوطاق تي وڃڻ کان ملڪن کي روڪي پيو] 11.2.1969: ڍاڪا ۾ سنڌي ايم.اين.ايز اڄ صدر ايوب سان مليا ۽ کيس "ون-يونٽ" ٽوڙن لاء ميمورنڊم پش ڪيائون. 11.2.1973: پاڪستان سرڪار کي عراقي سفارتخاني مان وڏو اسلحو مليو ۽ حڪومت جو انديشو ڏکاريو ته اهو اسلحو ملڪ ۾ دهشتگردي پکڙڻ جي لاء آندو ويو هو. سرڪار ڪاوڙجي عراقي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏني ۽ بغداد مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو. 11.2.1975: پاڪستان سرڪار "نئشنل عوامي پارٽئ" تي اهو الزام هڻي پابندي مڙھي ته اها پارٽي ملڪي سالميتئ خلاف سرگرم هئي. 11.2.1979: پاڪستان ۾ “اسلامڪ پينل لاز" لاڳو ڪيا ويا. ************** ڏينهن 11 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 11 فيبروري 1904ع شاعر گوڌومل گوورڌن (سڪرنڊ / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 فيبروري 1916ع نصابي ڪتابن جي ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي رجسٽرار محمد حسين ترڪ جو جنم ڏينهن آهي. 11 فيبروري 1944 غوث بخش خادم کهڙائئ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 11 فيبروري 1946ع شاعر غلام قنمبر گوهر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 11 فيبروري 1961ع ليکڪ امجد دائود پوٽو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 11 فيبروري 1913ع اسڪالر مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي (هالا) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 1927ع هالا جي بزرگ هستي مخدوم ميان ظهيرالدين عرف ميان پرو ڄام جو انتقال ٿيو. 11 فيبروري 1947ع ناليواري اسڪالر. لطيف شناس ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ديهانت ٿي. 11 فيبروري 1957ع سماجي اڳواڻ سرلا ديوي (شڪارپور / لاڙڪاڻو) جي ورسي آهي. 11 فيبروري 1963ع سياستدان سيد غلام حيدر شاهه (نوابشاهه) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 1994ع ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 2013ع قنمبر سان تعلق رکندڙ قومپرست شاعر آتش سنڌي ڪراچي ۾ 60 سالن جي ڄمار ۾ برين هيمبرج سبب لاڏاڻو ڪري ويو. 11 فيبروري 2018ع نامياري قانوندان، سماجي اڳواڻ ۽ انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 2018ع اردو ڊرامن جي نامياري اداڪار قاضي واجدجي وفات ٿي. 1.Good Day Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [Love & respect are everlasting, but not life. Values are everlasting, but not traditions. Beauty is in behavior, but not in body. Respect is in reciprocation, but not in words. Mighty is man and worthy is woman. Let us accept & respect human-beings without discrimination. It is Self-searching & Self-respect] دم تي نہ مگر آدم تي، آء تہ ڪریون اعتبار، قائم دائم آدم سان ئي، سندرتا جو سنسار، سندس برہ ساڻ بھار، لائق دعا سلام سندو. ************* 2. SINDH IN HISTORY. EVENTS: 1843: Charles Napier writes from Sakrand to Major Outram that Twenty-five Murrees, headed by Hayat Khan attempted to ride through Jacob’s camp, and he very properly made them prisoners ; but they refused either to give up their arms or come to my camp. I have therefore sent a squadron out to him to receive them. 1930: The meeting of the District Karachi Jamiat-ul-Ulema is held to elect new office-bearers. Kazi Fatih Ali of Shahbandar is elected as the President. Whereas Moulvi Fatih Ali of Sujawal gets the seat of the Vice President. Executive Committee is also elected. Now it consists of Moulvi Kazi Muhammad (Sujawal Taluka), Moulvi Muhammad Usman (Mirpur Batho Taluka), Moulvi Muhammad (Thatto Taluka), Moulvi Muhammad Ashraf (Ghorabari Taluka) and Moulvi Muhammad Hussain (Thatto city). 1931: The branches of Sindh Azad Part are opened at Jacobabad and Bathoro. Jacoabad Branch elects Khilafati Moulvi Haji Rahim Bux as President, Shamisuddin as Secretary and Abdul Rahman as Treasurer. Whereas at Bathoro Moulvi Muhammad Yousif is elected as the President, Seth Muhammad Usman as Secretary and Seth Muhammad Hashim as Treasurer. 1932:The Governor-in-Council, under Section 16 of the Indian Criminal Law Amendment Act, 1908 (X1V of 1908), declares Hyderabad District Congress Committee and affiliated organization with it unlawful. 1941: Shah Latif Adabi Conference starts at Karachi. It is inaugurated by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Education Minister of Sindh. Whereas it is presided over by Allama I.I.Kazi. The Speaker of Sindh Legislative Assembly, Syed Miran Muhammad Shah presented his paper on the topic of the ‘Importance of education’. 1950: The Governor-General of Pakistan Khowaja Nazimuddin lays the foundation stone of the Kotri Barrage. 1966: Shaikh Mujeeb-u-Rahman announces 6-point formula in Karachi. They are: 1), Federal constitution in line with Pakistan Resolution of 1940, 2), Separate Currencies for East and West wing, 30, Limiting Central Government’s portfolios to defense and foreign affairs. 4), Collection and spending Tax by provinces, 5), Foreign exchange to be utilized by earning province, 6), Every province to form its own Para-Military force. This may kindly be kept in mind that later on it was disclosed by a few politicians the 6-points were drafted by non-Bengali officer belonging to West Pakistan and as it was assignment for Mujeeb from West Pakistanis. 1995: Fresh violence erupts in Karachi. 1996: Pakistan Government O.Kays construction of Guwadar Port.

No comments:

Post a Comment