Friday 3 February 2023

Sindh in history today (4th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY [4th February] & My GOOD DAY WISH *************** ****** 4.2.1839: سنڌ لاء فرنگين جو ريزيڊنٽ پاٽينجر اڄ حيدرآباد جي آمنھن جوڙي وقتي ڪئمپ مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته ڪئپٽن ايسٽوڪ ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ هتي سونپيل ڪم خوش اسلوبئ سان ڪري رهيو آھي. هوڏانھن نائونمل گهوڙا ڊوڙائي ماڻھون موڪلي ڪراچئ بابت وڻندڙ ۽ اڻوندڙ مخفي خبرون پهچايون آھن. سر جان ڪين ڪراچي ڇڏي اتر سنڌ طرف روانو ٿي رهيو آھي. دل تي چاهي ٿي ته مان سفر ۾ ھن سان گڏ هجان پر منھنجو ٺٽي ۾ رهڻ ضروري آھي. 4.2.1840: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل سنڌ ۾ مقيم پنهنجن نمائندن کي تاڪيد ڪيو ته مير مبارڪ جا پونئير اجائي هاء گهوڙا ٿا ڪن. هنن کان هر حال ۾ شاه شجاع لاء خراج وٺڻو آھي. جيڪڏهن مير مبارڪ زنده هجي ها ته ان سان رعايت نه ڪجي ها. 4.2.1843: حالتن جي ابترئ کي محسوس ڪندي مير رستم علي حيدرآباد پهتو ته جيئن پاٽينجر سان به ملي ۽ اتي جي ميرن سان ڳالھ ٻولھ ڪري ته هٿن مان وهندڙ حالتن جي واري ڪيئن مٺ ۾ ڀيڙي سگهجي. 4.2.1910: اڳي چونڊن ۾ ھرڪو ووٽ نه ڏيندو هو. "چيلمس فورڊ سڌارن" مطابق ميونسپالٽيون, لوڪلبورڊون, زميندار/جاگيردار ۽ واپارين جون تنظيمون ووٽ ڏينديون هيون. انھن چئن تڪن مان سيٺ هرچندراء (ميونسپالٽين واري تڪ مان), سيد الهندو شاه (لوڪلبورڊن جي تڪ مان), رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (جاگيرن/زميندارن جي تڪ مان) ۽ مانٽيگو ويب (چيمبرس آف ڪامرس تڪ مان) ممبئي ڪائونسل جا ميمبر ٿيا ۽ اڄ اجلاس ۾ شرڪت ڪيائون. 4.2.1920: حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت جو پهريون اجلاس ٿيو, جنھن ۾ سوين هندو مسلمان شريڪ ٿيا. اهو خود حيدرآباد شھر ۾ ٿيندڙ پهريون وڏو اجلاس هئو. علامه غلام احمد ملڪاڻئ هن ڪانفرنس جي صدارت ڪئي هئي. [انھئ ڪانفرنس جو سربستو احوال گل حيات ۾ موجود آھي] 4.2.1921: "الوحيد" اخبار تي سرڪار خلاف لکڻ جي ڏوه ۾ ”انڊين پئنل ڪوڊ“ جي قلم 135 ۽ 124-الف هيٺ ڪراچئ جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. 4.2.1934: ڪراچئ ۾ ”بزم ادب" طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. ان جي طرح ھئي: " دامن-صبر تار تار نه ڪر". 4.2.1935: اڄ ”انڊين ليجسليٽو اسيمبلئ" ۾ ”آئيني سڌارن بابت جوائنٽ ڪميٽئ" جي رپورٽ تي بحث ٿيو, جنھن ۾ سنڌ جي ٻن ميمبرن: سر ڪائوسجي ۽ ديوان لالچند نولراء حصو ورتو. 4.2.1935: گوبندرام ٽوپڻمل ڀاوناڻئ حيدرآباد مان هفتيوار "انصاف" اخبار جاري ڪئي. اخبار جي ريزڪي ڪاپي ٽڪي ۾ ملندي هئي ۽ ان جو ساليانو چندو ڏيڍ روپيو هو. 4.2.1969: ايوب شاهئ خلاف سڄي ملڪ ۾ رڻ ٻريو رهيو. 4.2.1978: بيگم نصرت ڀٽو سميت پيپلز پارٽئ جي سابق قومي اسيمبلي ميمبرن خلاف 98 رفرنسز داخل ڪيا ويا. 4.2.1995: دهشتگردن جو ڪراچئ ۾ راڄ رهيو. بيگناه 20 ماڻھون ماريا ويا. 4.2.2003: سنڌالاجئ طرفان امداد حسينئ سان رهاڻ رچائي وئي. صدارت سنڌ يونيورسٽئ جي وائس چيئرمن مظھرالحق صديقئ ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ, آغا سليم, سحر امداد, ولي رام ولڀ ۽ حميد سنڌئ ۽ ٻين اديبن امداد حسينئ جي فن ۽ شخصيت تي ڳالهايو. *************** 4 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 4 فيبروري 1897ع شاعر پير بخش فاروقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1940ع اقتصادي ماهر ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1946ع ليکڪ اڪبر اديب جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1946ع شاعر حاجن حبدار مهر جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1949ع ليکڪ زاهد ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1953ع ليکڪ اشفاق انصاري (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1954ع ليکڪ گرداس اجي جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1956ع ليکڪ ڪوثر ميمڻ (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1959ع صحافي حسن سهيل (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1961ع شاعر گل حسن لاکو جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1966ع ليکڪ اختر رند جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1968ع ليکڪ نالي مٺو مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1968ع صحافي ۽ سماجي ڪارڪن بختيار چناجو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1974ع باليووڊ اداڪاره ارميلا جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1977ع شاعر مظلوم مڱريو جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1977ع شاعر عبدالله شجاع ٽڳڙ جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1977ع صحافي قربان خشڪ جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1978ع شاعر وفا حاڪم وساڻ (ڪوٽڏجي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1981ع ليکڪ ثناء الله عتيق چنجڻي جو جنم ڏينهن آهي. 4 فيبروري 1983ع شاعر امر اياز مهر (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 فيبروري 1941ع شاعر محمد فقير کٽياڻ جو انتقال ٿيو. 4 فيبروري 1982ع شاعر مرزا اڪمل بيگ (حيدرآباد) جو لاڏاڻو ٿيو. 4 فيبروري 1982ع شاعر پير محمد پياسي (ميرپور ساڪرو) جو انتقال ٿيو. 4 فيبروري 1998ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ نظير اعزاز انتقال ڪري ويو. 4 فيبروري 2000عصحافي، اديب، نقاد، محقق ۽ براڊڪاسٽرادريس محمد صديق لاهور ۾ انتقال ڪري ويو. 4 فيبروري 2004ع گلوڪاره ملڪه پکراج جو انتقال ٿيو. 4 فيبروري 2005ع سياستدان ڄام ثناء الله مهيسر (رفيق مهيسر) جو انتقال ٿيو. 4 فيبروري 2017ع اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا، ناول نگار، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪاره بانو قدسيه جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever is not victorious warrior of war within, will be an ugly and uncalled fighter in every field of life with target to defeat vision & wisdom, love & beauty and peace & tranquility. He/She can only wish hatred & discrimination to minds and will create distance & difference between hearts] جنگ نہ جوٽن جئ سان، تان پوء جھيڙو ساڻ جھان، خودارئ بدران خودئ سان، سي ڪين ٿین خانئ خان، سمجھن ماٹھن کي نہ مھان، سي پري سرت سلام کان. *************** EVENTS from Sindh/Pakistan history: 1843: sir Charles Napier in his letter, dispatched to Major Outram writes that:’ Sobdar (Mie) has joined the others, (and I have told his Vakeel that) if I found him and his 5,000 men in the field, I would treat them as enemies. He is afraid of the vaunting chiefs prancing round him…. I respect (Mir) Ali Murad, and (Mir) Roostam’s son and nephew, more than the rest, they have all taken decided part.’ 1927: Shapurji Saklatwalla, the famous Parsi Communist and sitting member of the British House of Commons reaches Karachi from England. 1933: Reviewing the Indian problem, Sir Samuel Hoare says: ‘ We have no intention of abdicating responsibilities and we are certainly shall not report the Irish precedent. While we are prepared to support the cause of Indian Self-Government we are certainly not going to sacrifice British or Imperial interests’. 1934: Bazim-i-Adab, Karachi, organizes poetic sitting at Karachi. 1935: Sir Cowasjee and Diwan Lalchand Nawalrai move their amendments, while participating in debate on the Joint Select Committee’s Report on Indian Constitutional Reforms, in Indian Legislative Assembly. 1948: In UNO Security Council, USA and Argentina support Pakistan’s demand for a neutral administration and impartial plebiscite in Kashmir. 1965: All Parties Students’ Action Committee reiterates its stand that province-wise students’ strike will continue till the acceptance of their demands. 1969: West wing of DCA (Opposition parties) in its extraordinary session at Lahore, decides to continue the struggle till the acceptance of their 8-point demand in Tokyo. 1971: PIA to operate inter-wing flights via Sri Lanka due to Indian’s ban on over flights of Pakistan’s aircrafts. 1978: Eighty- Nine references against PPP ex-MNA’s including Begum Nusrat Bhutto are filled in tribunal. 1990: MQM blames PPP Government for Hyderabad riots. 1995: Twenty people die in Karachi.

No comments:

Post a Comment