Sunday 19 February 2023

Sindh in history today (20th February). By.Dr.Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th February } & My Good Day for you. ************* **** ڌيان طلب واقعا ************* 20.2.1840: ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين سنڌ ۾ فرنگي فوج جي نئين سر منصوبه بندي ڪرڻ لاء اڄ گورنر جنرل کان منظوري گهري. هن فرنگي فوج کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ گهريو: 1). ڪراچئ جي قبضي کي برقرار رکڻ لاء ڪراچئ ۾ ضرورت مطابق فوج رکجي, 2). سنڌ ۾ فرنگي مفادن جو بچاء ڪندڙ فوج ٺٽي ۾ رکجي, 3). افغانستان موڪلڻ واري فوج ٻن حصن ۾ ورهائي اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ رکجي. 20.2.1917: هند سرڪار انھن سنڌي واپارين ۽ انھن جي واپاري ڪوٺين خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. انھن سنڌ ورڪيز لاء چيو ويو ته اهي آمريڪا ۾ قائم ڪيل "غدر تحريڪ" جي مالي مدد ڪن ٿا ۽ ان جي ٽپال به واسطيدارن تائين پهچائن ٿا. ياد رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته اها پارٽي هند سرڪار خلاف بڻائي وئي هئي. 20.2.1919: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ مسلمانن جو هڪ وڏو جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوي عبدالڪريم درس ڪئي. هن جلسي ۾ ٺھراء پاس ڪري انگريز سرڪار جي ترڪئ بابت حڪمت عملئ جي ندا ڪئي وئي ۽ انھئ ڳالھ تي تشويش ڏيکاري وئي ته ترڪي سلطنت کي ٽوڙي نوان ملڪ جوڙيا پيا وڃن. جلسي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا خلافت ۽ ترڪئ جي مسئلي تي عوام کي آگهي ڏئي. 20.2.1923: ڪراچي هوم رول ليگ طرفان جمشيد مهتا جي صدارت ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو, جنهن ۾ نامور قلم ڌڻئ ڄيٺمل پرسرام ملڪي حالتن تي روشني وڌي. ياد ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي ته ماضئ ۾ سياستدان ۽ سياسي پارٽيون اديبن ۽ دانشور کي گهرائي ليڪچر ڪرائي ٻڌنديون هيون. اسان جي زماني ۾ اديبن ۽ دانشورن کي سياستدان ويجهو به اچڻ نه ڏيندا آھن. 20.2.1931: اڳي سياستدان ۽ سياسي پارٽيون عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهي عوام سان گڏجي قومي سياست ڪنديون هيون. اڄ سنڌ ۾ عيدالفطر جو ڏينھن آھي. عيد نماز پڙھڻ کان پوء تعلقي ڊگڙي جي ڳوٺ مولوي عبدالحي, حيدرآباد ۽ ماتلئ ۾ عوامي ميڙاڪا ٿيا ۽ "سنڌ آزاد پارٽئ" جون شاخون کولي هن ريت عهديدار چونڊيا ويا: 1). ڳوٺ مولوي عبدالحي ۾ مولوي عبدالحي صدر ۽ الله ڏنو ڀٽو سيڪريٽري. 2). ماتلي ۾ محمد خان نظاماڻي صدر, مولوي عطاء الله سيڪريٽري ۽ حاجي ڪريم بخش خزانچي. 3). حيدرآباد ۾ پير غلام مجدد صدر ۽ عبدالجبار خزانچي. 20.2.1939: خانبهادر الله بخش سومري پنهنجئ حڪومت ۾ سر غلام حسين هدايت الله کي هوم منسٽر ڪري کنيو. 20.2.1947: لارڊ مائونٽ بيٽن کي گڏيل هندستان جو آخري وائسراء مقرر ڪيو ويو. هن جي ايامڪارئ ۾ هڪ هندستان مان پاڪستان ۽ انڊيا جي نالي ٻه ملڪ قائم ٿيا. 20.2.1969: عوامي قوت اڳيان ڪا به غلامي يا آمريت ڪا طاقت نه ٿي رکي. ڏه سال ڏاڍ سان ملڪ هلائيندڙ ايوب خلاف عوام اٿي پيو ته ايوب جهڪي پيو. اڄ ھن مکيه شھرن مان قلم 144 به هٽايو ۽ جن شهرن ۾ ڪرفيو لڳايو هو, سو به هٽايو. 20.2.1996: پاڪستاني سياست جو اهو مخصوص انداز رهيو آھي ته هن ملڪ ۾ جڏهن به ڪا انڌي منڊي لولي لنگڙي جمهوري حڪومت اقتدار ۾ ايندي آھي ته مخالف ڌر ان جي تڏا ويڙھ ڪرائڻ لاء هڪ پير هڻندي آھي. اڄ لنڊن ۾ نواز شريف ۽ الطاف حسين جي گڏجاڻي ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هٿ هٿ ۾ ڏئي بينظير-حڪومت کي ڊاهي ساه کڻجي. اها پڻ اقتدار جي اصل ۽ مستقل طور واڳ سنڀاليندڙن جي چال هوندي آھي ته ڪرسئ تي ويٺل ۽ ڪرسئ کان پري سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙھائي بڇڙو ڪري ملڪ تي غير جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪجي. ************* {20 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 20 فيبروري 1931ع شاعر خير محمد سوز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1934ع ليکڪ قمر حيدري جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1942ع سماج سڌارڪ ڀڳوان ڪلماڻي (ٽنڊو آدم / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1942ع شاعر ناز مغل جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1956ع راڳ جي راڻي عابده پروين جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1967ع ليکڪ بخت ٻرڙو (خيرپور ناٿن شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1977ع شاعر تنها سيف بخاري(هالا) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 20 فيبروري 1944ع سياسي اڳواڻ قاضي خدا بخش جي وفات ٿي. 20 فيبروري 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا معين الدين خيانروي لاڏاڻو ڪري ويو. 20 فيبروري 2018ع ناميارو شاعر سوز هالائي لاڏاڻو ڪري ويو. 1. Dr. Pathan wishes you Good Day. [Who is at liberty and free in this society? Most of us are mentally, psychologically and ideologically slaves. Some are ruled by selfishness and vested interests and some are subjects of their heart or mind. My love & respect and sincerity is at the disposal of my dear, but in this situation his/her behavior, attitude and response is controlled by his/her mode, desire and wish. Since centuries it has been tradition of our hearts, minds and Society. In this way we are being ruined by ego, fear and doubts and that has snatched our freedom ] اسان خادم پرين جا پرين پنهنجئ مرضئ جا محتاج, اهي آھن غلامئ جا رواج,صدين کان سرت سلام بجاء. ************* 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (20th FEBRUARY) 1840: Lieutenant-General Sir John Keane makes arrangements for breaking of the part of the army of Indus under the command of Major-General Wilshire and distribution of the troops to remain in Upper Sindh and Lower Sindh for political and military reasons. 1917: The Government of India, with reference to the alleged participation of certain Sindhi firms in Sierra Leon with the Ghadar movement in America, states that ‘We are aware that the partners and employees of such firms abroad are in many cases seditiously inclined and probably find in lucrative to keep in with the revolutionary party. We also know that they subscribe money, help to circulate seditious papers and accommodate plotters in distress’ 1923: Jethmal Parsram highlights the present political situation in Sindh and Hind. The lecture is arranged by the Karachi Home Rule League and it is presided over by Jamshed Mehta. 1931: On the eve and day of Eid-ul-Fitr, the Branches of the Sindh Azad Party are opened at Village Moulvi Abdul Hai of Taluka Digri, Hyderabad and Matli. In big public meetings office-bearers are elected at three places. At Hyderabad, Pir Ghulam Mujadid is elected as President and Abdul Jabbar as Treasurer. At Village Abdul Hai, Moulvi Haji Abdul Hai and Allahdino Bhutto are elected President and Secretary respectively. Whereas at Matli Muhammad Khan Nizamani (President), Moulvi Attaullah (Secretary) and Haji Karim Bux (Treasurer) are elected as office-bearers. 1935: Sir Shahnawaz Bhutto, Minister for Local Self-Government, Bombay Presidency, while winding up debate on his Department, announces that Rs.3300 will be provided as aid to Village Panchayat in the Presidency and the equal amount of that will be spent on the uplifting of rural areas. 1939: K.B.Allah Bux inducts Sir Ghulam Hussain Hidayatulla as minister in his cabinet. He is given portfolios of Law and Order and Home. 1969: Ayub-Government bows before agitators. Section 144 is withdrawn from major cities. 1994: Three Afghanis hijack a Peshawar School Bus to Islamabad. Demand convoys of food supplies for Afghanistan, five helicopters and five million Dollars as ransom. 1996: Opposition leader Nawaz Sharif holds talks with MQM leader Altaf Hussain. Both want to get rid of PPP Government

No comments:

Post a Comment