Monday 27 February 2023

Sindh in history today (28th February0. By.dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th February} & My Good Day Wish. ***** سڄڻ سائين! اسان ڌارين جي دشمنئ جو ذڪر ته زور شور سان ڪيون ٿا, پر جئ ۾ جهاتي پائي اهو نه ڏسڻ چاهيون ته ڌرتئ ۽ ڌرتئ-ڌڻيڻ سان ڪيترو ظلم ڪيو آھي. اسان جي ڪيترن دانشورن ۽ سياستدانن ”ڊرل ماسٽرن“ اسان کي پنهنجين ضرورتن موجب ”رائيٽٽرن“, ”ليفٽ ٽرن“ ۽ ”ابائوٽ ٽرن“ پئي ڪرائي آھي. اسان سنڌي ماڻھن کي انهن يارن ”شخصيت پرستئ“ جا درس پئي ڏنا آھن. جڏهن اها شخصيت مري ٿي وڃي ته پوء وري قبر پرستي ٿا ڪرائن. تاريخ هنن جيان ڌوڪا نه ڏيندي آھي, پر سچ واٽ ”ڏيکاريندي آھي. اچو ته اها پڙھون: ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ ڪمانڊر ان چيف آف آرمي سر جون ڪين کي ٻڌايو ته سندس سربراهي ۾ سنڌ ۾ آيل فوجي اهلڪارن کان سنڌي ماڻهو ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته کائڻ جي مختلف شين ۽ جنسن جون قيمتون تمام گهڻيون وڌايون ويون آهن، ان ڪري اسان کي اهي جنسون ۽ شيون خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت فيصلو ڪيو ته سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي سنڌي ٻولي جو امتحان لازمي پاس ڪرڻو پوندو ۽ اهو به فيصلو ٿيو ته انهن ملازمن کان سندن پوسٽنگ وارن شعبن بابت به پڇيو ويندو. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي خلافت ڪاميٽي 450 رپين جو چندو گڏ ڪيو ۽ سنڌ خلافت ڪاميٽي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو. ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هوم رول ليگ تنظيم جي حيدرآباد شاخ جا عهديدار چونڊيا ويا، ناليواري ليکڪ ڄيٺمل پرسرام کي صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ٻولچند ڪوڏومل سيڪريٽري، سنتداس منگت راءِ، هيرانند سنتوڪ رام ۽ ڪيول رام ديارام کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر محمد هاشم گزدر ڪٽوتي جي رٿ پيش ڪئي، هن ڄاڻايو ته سکر بئراج جي فالتو سامان ۽ مشنري جي وڪري لاءِ رکيل عملي کي 63 هزار 825 رپيا ڏيڻ بدران کين فارغ ڪيو وڃي، انهيءَ رٿ جي شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاهه، محمد ايوب کهڙي، خانبهادر الهه بخش سومرو ۽ سنڌ جي ٻين ميمبرن حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انهيءَ رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، 39 ميمبرن رٿ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته رڳو 25 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جنهن ڪري اها رٿ ناڪام ٿي وئي. ** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نوابشاهه ڪانگريس ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت مولوي محمد معاذ ڪئي، سالياني گڏجاڻي ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا. **1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بزم مشاعره ۽ سنڌي سڌار سوسائٽي طرفان مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ناليوارن شاعرن شرڪت ڪئي، هن تقريب کي بعد ۾ اديب سنڌ نالي اخبار ۾ ڇاپيو ويو. ****** اڄوڪي ڏينهن 28 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 28 فيبروري 1928ع شاعر مسرور ڪافي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي . 28 فيبروري 1928ع ليکڪ علي محمد راهمون جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1931ع ليکڪ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1932ع شاعر محمد عيدن ناز ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1949ع ناليواري اداڪار صلاح الدين تنيو جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1953ع اسڪالر خدا بخش ميربحر (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1957ع شاعر اقبال احمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1965ع صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ويب انجنيئر زاهد ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1983ع شاعر ادنى ضياء مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 فيبروري 1974ع صحافي ۽ سياستدان حاجي شاهنواز پيرزادي جو انتقال ٿيو. 28 فيبروري 2013ع ڀلوڙ شاعر حميد شهيد هالائي انتقال ڪري ويو۔ 28 فيبروري 2016ع شاعره، ليکڪا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر آپا مهر النساءَ لاڙڪ لاڏاڻو ڪري وئي. 1.Dr.Pathan wishes you Good Day [Be trustworthy, you will avail hope and trust. Be sincere and dedicated, you will get love and respect. Give something, you will receive a lot in return. Get rid of ego, hatred and discrimination, you will get peace of mind. Be kind, you will find beauty before you] جي اٿئي اعتبار, عشق ۽ آدم سندو احترام، تان سک سڪون سندء روح وجود لاء انعام، انا, نفرت ۽ متڀید تو لاء بٹجي پوندا حرام، سدا ايندء پوء آرام، سرت, سونھن سلام مان. 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th February) EVENTS 1839: Lieutenant Eastwick, Assistant Resident in Sindh informs Sir John Keane, Commander-in-Chief of the army of the Indus that that the army in his (Eastwick) command had been plundered by Sindhi people and the price of commodities had been kept so high that the camp followers were unable to purchase sufficient grain. 1922: The Larkana Khilafat Committee collects and deposits with Sindh Khilafat Committee the donation of Rs.450/ 1923: Hyderabad branch of the Home Rule League elects office-bearers. Eminent writer Jethmal Parsram is elected as the president. Whereas Boolchand Kodomal is elected Secretary. Santdas Mangatrai, Hiranand Santokram and Kewalram Dayaram are elected as members of the Managing Committee. 1934: Muhammad Hashim Gazdar, in the Bombay Legislative Council, moves cut- motion to omit Rs.63,825 earmarked for the staff which is looking after and trying to sell Sukkur barrage machinery that is now unnecessary. Mr.Gazdar, Shaikh Abdul Majeed, Syed Miran Muhammad Shah, Muhammad Ayub Khuhro, K.B.Allah Bux , Sindh members and several members of the nationalist benches deplores continuation of expenditure on the staff which the government gave an undertaking to disband last year. Cut-motion is defeated by 39 against 25 votes. 1939: Moulvi Muhammad Muaz presides over the annual meeting of the Nawabshah Congress Committee. The election for new office-bearers is held on this occasion also. 1943: The Bazim-i- Mushaera and Sindhi Sudhar Society held literary and poetic sitting. The contribution of poets presented on this occasion was published in the Adeeb-i-Sindh, later on.

No comments:

Post a Comment