Thursday 23 February 2023

Sindh in history today (23rd February). By. Dr.Pathan

TODAY {23rd February} & My Good Wish for YOU. ************* اچو ته تاريخ جا ورق ورايون: ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ايس ايس تولاڻي جو خانگي بل پيش ڪيو ويو، جيڪو سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽس ايڪٽ ۾ ترميم جو بل هو، سنڌ جي سڀني ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي، بل ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته آخري اپيل جو اختيار ڪمشنر کان واپس وٺي ڊسٽرڪٽ جج کي ڏنو ويندو، سر غلام حسين هدايت الله پڻ انهيءَ بل جي سخت مخالفت ڪئي. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا اينٽي ڪميونل ايوارڊ ڪانفرنس نئين دهلي ۾ شروع ٿي، سنڌ مان لالچند نول راءِ ۽ ڀائي پرمانند شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪميونل ايوارڊ ۽ انڊيا بل کي رد ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي هندستان ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش سومرو جي ڪابينا ۾ شامل ٻن وزيرن نچلداس ۽ ڏيئل مل استعيفائون پيش ڪري ڇڏيون. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد علي جناح ڪراچي ۾ اهو اعلان ڪيو ته مسلم ليگ پاڪستان جي معاملي تي پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي، هندستان ۾ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا ۽ اتي انهن جي قربانين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته مسلمانن لاءِ الگ پاڪستان رياست قائم ڪئي وڃي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستاني پارليامينٽ جو اجلاس ڪراچي ۾ شروع ٿيو، جنهن جي صدارت گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح ڪئي، اجلاس ۾ مولوي تميز الدين کي پارليامينٽ جو نائب صدر چونڊيو ويو، ايوان ۾ مهاتما گانڌي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان ڍاڪا ۾ اٽڪل 50 لک ماڻهن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته ون يونٽ واري معاملي تي ريفرنڊم ڪرايو وڃي ۽ سڌي ريت خودمختيار پارليامينٽ جي چونڊ ڪئي وڃي. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صدر ايوب خان طرفان مليل هلال پاڪستان جو اعزاز احتجاج طور واپس ڪري ڇڏيو. ** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام مصطفيٰ جتوئي بينظير ڀٽو کي پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بڻائڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي. ** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ويسٽ واري علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ۽ فوج ڪنٽرول سنڀالي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. ************* ڏينهن 23فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون ************* جنم ڏينهن: 23 فيبروري 1931ع شاعر ضياء الحق اسلم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 فيبروري 1950ع اداڪار ۽ ڊانسر جئي سري نر سنگهاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 فيبروري 1964ع سگهڙ پناهه علي عرف رب رکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 فيبروري 1989ع شاعر عبدالله آس هنڱورجو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 فيبروري 1831ع بزرگ فيض الله شاهه جيلاني (گهوٽڪي) جو لاڏاڻو ٿيو. 23 فيبروري 1950ع شاعر غلام احمد نظامي جو انتقال ٿيو. 23 فيبروري 1969ع دلين تي راڄ ڪندڙ اداڪاره مڌوبالا جو انتقال ٿيو. 23 فيبروري 2008ع ناليواري براڊڪاسٽر محمد انور هڪڙو لاڏاڻو ڪري ويو. 23 فيبروري 2015ع سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج رٽائرڊ جسٽس ڀڳوانداس ديهانت ڪري ويو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [Is it not amazing that everybody claims to be the most beautiful and wisest one in the world, and in spite that he/she is in problem and is problem himself/herself?. It is because, we expect & demand for ourselves, but regret to love & respect and give & forgive others] بکیو ھر ڪو ھت برہ جو، پر سڀ ڪو حسن عقل- ڌٹي، ڪجه بہ ایئن ناھي ملٹو، جي نہ قبوليون ڳڻ اوڳڻ گڏ کٹي،‏ پوءِ ڇو ڪجي نہ ھنڌ ھٹي، معافيءَ تلافيءَ دعا سلام سان.‏ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (23rd February) EVENTS 1912: The NGO ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi arranges Religious Debate on the topic of ‘the evils of flesh eating’. 1934: The Bombay Legislative Council takes up non-official Bill of S.S.Tolani to amend the ‘Sindh Encumbered Estates Act’. It is lost after a considerable discussion. All members from Sindh oppose the bill and speeches generally followed communal lines. The Bill was intended to shift the final appellate power in suits from Commissioner to the District Judge. Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, leader of the House vehemently opposes the bill. 1935: All India Anti-Communal Award Conference starts in New Delhi. Lalchand Nawalrai and Bhai Parmanad participate. Both are from Sindh. 1939: Two Hindu Ministers – Nihchaldas and Dealmal- of K.B.Allah Bux Soomro’s ministry tender their resignation. 1947: M.A.Jinnah declares at Karachi that ‘the Muslim League will not yield an inch in their demand for Pakistan. Whatever the Hindu may do, we shall ever remain generous and good to all. Our demand is just and is the only way to liberate the ten crores of Muslims in India. The sacrifices that the Muslims have undergone elsewhere only show more clearly that we have a separate State of Pakistan’. 1948: The first session of the Pakistan Parliament begins with the Governor-General of Pakistan in chair. Moulvi Tamizuddin Khan is elected Dy. President of the Parliament. The House mourns the death of Gandhi. 1965: U.S Defense Secretary Mc.Namara accuses China of trying to drive a wedge between Pakistan and U.S.A. 1969: Shaikh Mujeeb, while addressing a half million people in Dhaka demands directly elected sovereign parliament and referendum on One-Unit. Bhutto renounces his ‘Hilai-i-Pakistan’ title awarded to him by Ayub Khan. 1978: Rais Ghulam Mustafa Jatoi opposes Benazir Bhutto’s chairpersonship of PPP. 1983: Curfew is imposed in Karachi District West and army takes over area.

No comments:

Post a Comment